Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 13:10 - Muslim Sindhi Bible

10 مون کي اها بہ خبر پيئي تہ لاوين کي سندن حصا ڪونہ ٿي ڏنا ويا. تنهنڪري هيڪل ۾ خدمت لاءِ مقرر لاوي ۽ ڳائڻا پنهنجين پنهنجين ٻنين ڏانهن موٽي هليا ويا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ مون کي معلوم ٿيو تہ لاوين جا حصا هنن کي نہ ڏنا ويا هئا؛ جنهنڪري سڀيئي لاوي ۽ ڳائڻ وارا، جي ڪم ڪندا هئا سي پنهنجين ٻنين ڏانهن ڀڄي ويا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 13:10
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان سواءِ هن يروشلم جي رهاڪن کي حڪم ڏنو تہ اهي ڪاهنن ۽ لاوين لاءِ پنهنجي ملڪيت مان مقرر ٿيل حصو ڏيندا رهن تہ جيئن اهي پاڻ کي پوريءَ طرح شريعت موجب خداوند جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏين.


انهيءَ کان سواءِ اسين پنهنجي فصل مان پهرئين اٽي جو ڳوهيل چاڻو، پنهنجي وڻن جو پهريون ميوو ۽ پنهنجي تيار ڪيل پهرين مئي ۽ زيتون مان نڪتل پهريون تيل پنهنجي نذراني طور ڪاهنن وٽ پنهنجي خداوند جي هيڪل جي گدام ۾ رکڻ لاءِ آڻينداسون. اسين پنهنجي زمين جي پيداوار جو ڏهون حصو لاوين وٽ آڻينداسون، ڇاڪاڻ تہ اهي ئي اسان جي پوک وارين ٻنين جي پيداوار جو ڏهون حصو گڏ ڪندا آهن.


بني لاوي يا ٻيا بني اسرائيل نذراني طور مليل اناج، مئي ۽ زيتون جي تيل جي پهرين پيداوار کي گدامن ۾ کڻي ايندا، جتي هيڪل جا ٿانوَ رکيل آهن ۽ جتي خدمت ڪرڻ وارا ڪاهن، دربان ۽ ڳائڻا رهندا آهن. اسين پنهنجي خدا جي هيڪل کي ڇڏي نہ ڏينداسون.“


اهڙيءَ طرح زربابل جي ڏينهن ۾ توڙي نحمياہ جي ڏينهن ۾ سڀ بني اسرائيل هيڪل جي ڳائڻن ۽ دربانن جي لاءِ روزانو جو حصو ڏيندا هئا. ماڻهو لاوين لاءِ حصو ڌار ڪري رکندا هئا ۽ لاوي وري ڪاهنن لاءِ حصو ڌار ڪندا هئا.


منهنجي تعظيم خاطر اوهان پنهنجيون قربانيون پيش نہ ڪيون آهن. هائو، اوهان پنهنجي ساڙڻ وارين قربانين لاءِ ڪا رڍ ٻڪري بہ منهنجي حضور ۾ نہ آندي آهي، ڀلا مون اوهان کي نذرانن آڻن لاءِ مجبور ڪيو آهي ڇا؟ يا لوبان ساڙڻ لاءِ اوهان کي ڪا تڪليف ڏني اٿم ڇا؟


ڀلا ڪو انسان مون خدا سان بہ ٺڳي ڪندو؟ پر اوهين مون سان ٺڳي ٿا ڪريو ۽ وري پڇو بہ ٿا تہ ’ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ اسين تو سان ٺڳي ٿا ڪريون؟‘ اوهين ڪمائيءَ جي ڏهين حصي ۽ نذرانن ڏيڻ ۾ مون سان ٺڳي ٿا ڪريو.


”اوهان کي جيڪو ورثو ملي تنهن مان ڪي شهر لاوين کي رهڻ لاءِ ڏجو ۽ شهرن جي آس‌پاس وارا چراگاهہ پڻ کين ڏجو.


خبردار، جيستائين اوهين انهيءَ ملڪ ۾ جيئرا آهيو، تيستائين لاوين کي نہ وسارجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ