Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 12:45 - Muslim Sindhi Bible

45 ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي خدا جا فرض ۽ پاڪ ڪرڻ وارا فرض بجا آڻيندا هئا. هيڪل جي ڳائڻن ۽ دربانن بہ دائود ۽ سندس پٽ سليمان جي حڪم موجب پنهنجا فرض پورا ڪيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

45 ۽ هنن پنهنجي خدا جو فرض، ۽ پاڪ ڪرڻ جو فرض بجاءِ آندو، ۽ ڳائڻن ۽ دربانن بہ ائين ئي ڪيو، جهڙيءَ طرح دائود جو، ۽ سندس پٽ سليمان جو حڪم هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 12:45
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هو واپس موٽيا ۽ اچي شهر جي دربانن کي سڏ ڪري کين ٻڌايائون تہ ”اسين ارامين جي خيمي‌گاهہ ۾ ويا هئاسون ۽ ڏٺوسون تہ اتي ڪوبہ ڪونہ هو. هائو، ڪوبہ انساني آواز ٻڌڻ ۾ ڪونہ ٿي آيو. رڳو گھوڙا ۽ گڏهہ ٻڌا بيٺا هئا ۽ تنبو بہ جيئن جو تيئن کوڙيل هئا.“


لاوين تي اهو ڪم رکيو ويو تہ هو خداوند جي هيڪل جي خدمت جي وقت، اڱڻ ۽ حجرن ۾ ۽ سڀني مخصوص شين جي سنڀال ڪرڻ ۾ بني هارون جي مدد ڪن.


۽ سندس مائٽ انهن سڀني وقف ڪيل شين جي گودامن جي مٿان نگران هئا، جيڪي شيون دائود بادشاهہ توڙي گھراڻن جي وڏن، لشڪر جي هزارن ۽ سون جي ٽولن جي سالارن ۽ سپهہ‌سالارن وقف ڪيون هيون.


هيڪل جي خدمتگار ڪاهنن ۽ لاوين کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خداوند جي گھر ۾ اندر نہ اچي. رڳو اهي ئي اندر داخل ٿين، ڇاڪاڻ تہ اهي اڳي ئي انهيءَ لاءِ مخصوص ٿيل آهن. باقي ٻيا ماڻهو خداوند جي حڪم موجب ٻاهر بيهي رهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ