Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 12:44 - Muslim Sindhi Bible

44 انهيءَ ئي ڏينهن چندن لاءِ، پهريتن ڦرن لاءِ ۽ ڏهان حصا گڏ ڪرڻ لاءِ گودامن جا نگران مقرر ڪيا ويا. شهر جي آس‌پاس وارين ٻنين مان انهن کي اهي حصا آڻي گودامن ۾ رکڻا هئا، جيڪي شريعت موجب ڪاهنن ۽ لاوين لاءِ مقرر هئا. ڪاهنن ۽ لاوين جي خدمت واري ڪم کان يهوداہ وارا خوش هئا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

44 انهيءَ ڏينهن خزاني وارين ڪوٺين تي، کڻڻ وارين قربانين لاءِ، پهرين ڦرن لاءِ، ۽ ڏهاڪيءَ لاءِ، ماڻهو مقرر ڪيا ويا، انهيءَ لاءِ تہ شهرن جي ٻنين موجب، جيڪي حصا شريعت موجب ڪاهنن ۽ لاوين لاءِ مقرر ڪيل هئا، سي انهن ۾ آڻي گڏ ڪن: ڇالاءِ جو يهوداہ ڪاهنن لاءِ، ۽ خدمت ڪندڙ لاوين لاءِ بہ خوشيون ڪيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 12:44
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

لاوين تي اهو ڪم رکيو ويو تہ هو خداوند جي هيڪل جي خدمت جي وقت، اڱڻ ۽ حجرن ۾ ۽ سڀني مخصوص شين جي سنڀال ڪرڻ ۾ بني هارون جي مدد ڪن.


هنن جا ٻيا لاوي ڀائر خدا جي هيڪل جي خزانن ۽ وقف ڪيل شين جي خزانن جا نگران هئا.


چار مکيہ دربان لاوي هوندا هئا ۽ خاص عهدي تي هوندا هئا. اهي خدا جي گھر ۾ حجرن ۽ خزانن تي مقرر هئا.


جيئن شريعت ۾ لکيل آهي تيئن اسين پنهنجا پهريتا پٽ، پنهنجي چوپائي مال ۽ رڍن ٻڪرين جا پهريتا ڦر پنهنجي خدا جي هيڪل ۾ خدمتگار ڪاهنن وٽ آڻينداسون.


سڀاڳو آهي اهو ماڻهو، جيڪو منهنجي ڳالهہ ٻڌي ٿو، ۽ هر روز منهنجي دروازن تي بيهي انتظار ٿو ڪري. هائو، اهو جيڪو منهنجي دروازن جي چانئٺن تي بيٺو ٿو رهي.


مگر جيڪي خداوند تي توڪل ٿا رکن، سي نئين سر طاقت حاصل ڪندا. اهي عقابن وانگر پرن سان اوچائيءَ تي اڏامندا. اهي ڊوڙندا، ليڪن ٿڪبا ڪين، اهي هلندا، ليڪن ماندا ڪين ٿيندا.


تون هارون ۽ سندس پٽن کي مقرر ڪر تہ اهي ڪهانت جا فرض بجا آڻيندا رهن. جيڪڏهن ڪو ٻيو مقدس جاءِ جي ويجھو اچي تہ ان کي ماريو وڃي.“


جيڪڏهن ڪنهن کي خدمت ڪرڻ جي نعمت ملي آهي تہ هو خدمت ڪندو رهي. جيڪڏهن اها نعمت تعليم ڏيڻ جي هجي تہ هو تعليم ڏيندو رهي.


هن کي بہ کائڻ لاءِ ٻين جيترو حصو ملندو. انهيءَ کان علاوہ جيڪا رقم کيس اباڻي ملڪيت جي وڪري مان حاصل ٿئي، سا بہ ملندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ