Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 12:39 - Muslim Sindhi Bible

39 تان جو اسين افرائيم واري دروازي، پراڻي دروازي، مڇيءَ واري دروازي، حنن‌ايل ٺُلهہ ۽ سؤ نالي ٺُلهہ کان ويندي رڍن واري دروازي تائين سندن پٺيان وياسين. هيڪل جي پهريدارن واري دروازي وٽ هو بيهي رهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

39 ۽ افرائيم واري دروازي جي مٿان، ۽ پراڻي دروازي، ۽ مڇيءَ واري دروازي، ۽ حنن ايل جي ٺلهہ، ۽ همياہ جي ٺلهہ جي پاسي کان، رڍن واري دروازي تائين: ۽ پهري واري دروازي وٽ هو ماٺ ڪري بيهي رهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 12:39
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهوآس امصياہ کي بيت‌شمس مان جنگي قيدي بڻائي يهوداہ جي گاديءَ واري شهر يروشلم ڏانهن وٺي آيو. هن اتي يروشلم جي ٻاهران نڪتل ڪوٽ جي ڀت کي افرائيم دروازي کان وٺي ڪنڊ واري دروازي تائين اٽڪل ٻہ سؤ ميٽر ڊيگھہ ۾ ڊاهي ڇڏيو.


اهڙيءَ طرح شڪرگذاري ڪندڙ ٻئي ٽوليون خدا جي گھر ۾ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي بيهي رهيون. مون بہ اڌ ماڻهن سميت ائين ئي ڪيو.


سردار ڪاهن الياسب پنهنجي ساٿي ڪاهنن سان گڏجي اتر واري ڀت جو رڍن وارو دروازو وري تعمير ڪيو. هنن انهيءَ کي وقف ڪيو ۽ انهيءَ ۾ طاق لڳايائون. هنن ڀت کي سؤ نالي ٺُلهہ ۽ حنن‌ايل ٺُلهہ تائين وقف ڪيو.


ڀت جي موڙ جي سامهون واري حصي جي ۽ جيڪو ٺُلهہ پهري وارن جي پڌر جي ڀر ۾ بادشاهي محل جي مٿئين حصي کان نڪتل آهي، تنهن کان وٺي فلال ولد اوزيءَ ڀت جي تعمير ڪئي. انهيءَ کان پوءِ فداياہ ولد پرعوس


مڇيءَ وارو دروازو هسناہ جي پٽن تعمير ڪيو. هنن ان مٿان سردر رکيا، طاق لڳايائون ۽ منجھس هڙڪيون ۽ گز لڳايائون.


يشانہ دروازي جي مرمت يهويدع ولد فاسخ ۽ مسلام ولد بسودياہ ڪئي. هنن انهيءَ مٿان سردر رکيا، طاق لڳايائون ۽ منجھس هڙڪيون ۽ گز لڳايائون.


سو ماڻهو اوڏانهن ويا ۽ اهي سڀ ٽاريون آندائون، جن مان پنهنجن گھرن جي ڇتين تي، پنهنجن اڱڻن ۾، خدا جي گھر جي اڱڻن ۾ ۽ پاڻيءَ واري دروازي واري کُليل ميدان ۽ افرائيم واري دروازي واري کُليل ميدان وٽ پنهنجي لاءِ تنبو ٺاهيائون.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”ڏسو، اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن حنن‌ايل ٺُلهہ کان وٺي اولهہ پاسي جي ڪنڊ واري دروازي تائين مون خداوند جي نالي سان سڏيو ويندڙ شهر يروشلم وري تعمير ٿي ويندو.


ان وقت بابل جي بادشاهہ جو لشڪر يروشلم کي گھيرو ڪيو ويٺو هو ۽ آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ جي شاهي محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ قيد ٿيل هئس.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهيءَ ڏينهن يروشلم جي مڇيءَ واري دروازي وٽان هڪ وڏي رڙ اٿندي، تہ نئين آباديءَ واري علائقي مان ماتم جو آواز، ۽ ٽڪرين مان هڪ وڏي تباهيءَ وارو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو.


يروشلم ۾ رڍن واري دروازي وٽ هڪ تلاءُ آهي، جنهن کي عبراني ٻوليءَ ۾ بيت‌حسدا ڪري سڏبو آهي ۽ انهيءَ کي پنج ورانڊا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ