نحمياہ 12:36 - Muslim Sindhi Bible36 هن جي پٺيان سندس قبيلي وارا ساز وڄائيندڙ هر هڪ: سمعياہ، عزرايل، مللي، جِللي، ماعي، نتنيايل، يهوداہ ۽ حناني هئا. اهي ساز خدا جي بندي دائود بادشاهہ جا مقرر ڪيل هئا. شريعت جي عالم عزرا انهيءَ ٽولي جي اڳواڻي ٿي ڪئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible36 ۽ ان جا ڀائر سمعياہ، ۽ عزرايل، مللي، جللي، ماعي، نتني ايل ۽ يهوداہ، ۽ حناني، خدا جي مرد دائود جي ڳائڻ وارن سازن سان؛ ۽ عزرا اُستاد انهن جي اڳيان هو: အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پنهنجي پيءُ دائود جي قاعدي جي پيروي ڪندي هن ڪاهنن جون ٽوليون واري واري سان هيڪل جي خدمت لاءِ مقرر ڪيون. لاوين کي مقرر ڪيائين تہ هو روزمرہ جي دستور موجب حمد ۾ اڳواڻي ڪن ۽ ڪاهنن جي خدمت چاڪري ڪن. هن دربانن کي بہ ٽولن جي صورت ۾ سڀني درن تي مقرر ڪيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي ٻانهي دائود بادشاهہ ائين ئي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.