Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 12:31 - Muslim Sindhi Bible

31 تنهن کان پوءِ مون نحمياہ يهوداہ جي اڳواڻن کي ڀتين تي آندو ۽ ٻہ وڏيون ٽوليون پڻ شڪرگذاري ادا ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيم. انهن مان هڪڙي ٽوليءَ کي ڀتين تي ساڄي پاسي گند واري دروازي ڏانهن وڌڻو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 تنهن کان پوءِ مون يهوداہ جي اميرن کي ڀت تي آندو، ۽ ٻہ وڏيون ٽوليون مقرر ڪيم، جن شڪرگذاري ادا ڪئي، ۽ قطار ٻڌي جلوس ۾ هليا؛ انهن مان هڪڙي ٽولي ڀت تي سڄي هٿ پاسي ڇيڻن واري دروازي ڏانهن ويئي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 12:31
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود بادشاهہ لشڪر جي هزارن ۽ سون جي ٽولن تي مقرر ڪيل سڀني سالارن سان صلاح مشورو ڪيو.


دائود بني اسرائيل جي هنن سڀني عملدارن کي يروشلم ۾ گڏ ٿيڻ لاءِ سڏايو: قبيلن جا سردار، بادشاهہ جي خدمت ڪندڙ ٽولن جا سالار، لشڪر جي هزارن ۽ سون جي ٽولن جا سالار، بادشاهہ ۽ سندس پٽن جي سموري ملڪيت ۽ مال جا نگران عملدار، محل جا خدمتگار، مکيہ ماڻهو ۽ سڀ آزمودگار جوڌا جوان.


تنهن کان پوءِ سليمان بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي سردارن ۽ گھراڻن جي وڏن کي گھرائي يروشلم ۾ پاڻ وٽ سڏايو تہ جيئن خداوند جي عهد واري صندوق دائود جي شهر صيئون مان کڻي هيڪل ۾ آڻجي.


انهيءَ جي پٺيان هوسعياہ هليو ۽ ساڻس گڏ يهوداہ جي اڳواڻن مان اڌ جيترا هليا.


شڪرگذاري ڪندڙن جي ٻي ٽولي کاٻي پاسي واري ڀت تان رواني ٿي. آءٌ بہ اڌ ماڻهن سميت انهن جي پٺيان هلڻ لڳس. اسين ڀتين جي مٿان کورن واري ٺُلهہ کان ٿيندا ويڪري ڀت تائين هليا وياسين،


اهڙيءَ طرح شڪرگذاري ڪندڙ ٻئي ٽوليون خدا جي گھر ۾ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي بيهي رهيون. مون بہ اڌ ماڻهن سميت ائين ئي ڪيو.


آءٌ رات جو شهر جي اولهہ واري ماٿريءَ جي دروازي کان نڪري ٻاهر ڏکڻ طرف ازدها واري چشمي ۽ گند واري دروازي ڏانهن ويس. اتي مون ڏٺو تہ يروشلم شهر جون ڀتيون ڀڳيون ۽ ڊٺيون پيون هيون ۽ دروازا پڻ سڙيل هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ