Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 12:30 - Muslim Sindhi Bible

30 جڏهن ڪاهن ۽ لاوي پاڻ کي پاڪ ڪري چڪا، تڏهن هنن عام ماڻهن، دروازن ۽ شهر جي ڀتين کي بہ پاڪ ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 ۽ ڪاهنن ۽ لاوين پاڻ کي پاڪ ڪيو؛ ۽ هنن ماڻهن کي، ۽ درن کي، ۽ ڀت کي بہ پاڪ ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 12:30
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو يعقوب پنهنجي گھراڻي ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ هئا، تن سڀني کي چيو تہ ”اوهان وٽ جيڪي بہ بت آهن تن کي اڇلائي ڇڏيو ۽ پاڻ کي پاڪ ڪري پنهنجا ڪپڙا بدلايو.


تڏهن ڪاهنن ۽ لاوين خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي عهد واري صندوق کڻي اچڻ لاءِ پاڻ کي پاڪ ڪيو.


جيئن تہ ايترن ڪاهنن اڃا پاڻ کي پاڪ نہ ڪيو هو جو سڀني ساڙڻ وارين قربانين جون کلون لاهي سگھن، تنهنڪري سندن لاوي مائٽن انهن جي مدد ڪئي، ڇاڪاڻ تہ لاوي پاڻ کي پاڪ ڪرڻ ۾ ڪاهنن کان وڌيڪ چست هئا. انهن ايستائين سندن مدد ڪئي جيستائين اهو سمورو ڪم پورو نہ ٿيو ۽ باقي رهيل ڪاهنن پاڻ کي پاڪ نہ ڪيو.


کين چيو تہ ”هاڻي اسان کي خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي گھر کي وري مخصوص ڪرڻو آهي. سو اي لاويؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو. هاڻ اوهين پنهنجو پاڻ کي پاڪ ڪريو ۽ انهيءَ مقدس هيڪل مان سموري گندگي ڪڍي ڇڏيو.


سو بني اسرائيل جيڪي جلاوطنيءَ مان موٽي آيا هئا ۽ اُهي ماڻهو جيڪي ملڪ جي غير قومن جي گندگيءَ مان نڪري پاڻ کي ڌار ڪري خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي عبادت ڪرڻ لاءِ هنن وٽ آيا هئا، تن سڀني گڏجي کاڌو.


پوءِ مون لاوين کي حڪم ڏنو تہ سبت جي ڏينهن کي پاڪ رکڻ لاءِ هو پاڻ کي پاڪ ڪري اچي دروازن جي نگهباني ڪن. اي منهنجا خدا! اهو بہ منهنجي حق ۾ ياد رکج ۽ پنهنجي وڏيءَ رحمت موجب مون تي رحم ڪج.


اهڙيءَ طرح مون ڪاهنن ۽ لاوين کي سڀني ڌارين ڳالهين کان پاڪ ڪيو ۽ هر ڪنهن لاءِ سندس ڪم مقرر ڪيم.


سندن دعوت جي ختم ٿيڻ تي ايوب انهن کي سڏائي پاڪ ڪندو هو. هو صبح جو سوير اُٿي انهن سڀني جي شمار مطابق ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ سندس خيال هو تہ ”متان منهنجي اولاد ڪو گناهہ ڪيو هجي ۽ پنهنجين دلين ۾ خدا لاءِ ڪفر بڪيو هجائون.“ اهو ايوب جو هميشہ جو دستور هو.


پوءِ خداوند موسيٰ کي وڌيڪ فرمايو تہ ”ماڻهن وٽ وڃ ۽ کين ٻڌاءِ تہ اهي اڄ ۽ سڀاڻي پاڻ کي پاڪ ڪن. هو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي صاف ڪن.


موسيٰ ماڻهن کي هي بہ چيو تہ ”ٽئين ڏينهن تائين تيار ٿيو. انهن ڏينهن ۾ ڪوبہ ماڻهو عورت جي ويجھو نہ وڃي.“


ڏسو، هر ڪو سردار ڪاهن ماڻهن مان چونڊجي خدا سان واسطو رکندڙ ڳالهين ۾ ماڻهن جي ئي نمائندگيءَ لاءِ انهيءَ ڪري مقرر ٿو ڪجي، تہ جيئن هو نذرانا ۽ گناهن لاءِ قربانيون پيش ڪري.


انهيءَ ڪري مٿس اهو فرض آهي تہ جهڙيءَ طرح ماڻهن جي گناهن واسطي قرباني پيش ڪري ٿو، تهڙيءَ طرح پنهنجي گناهن لاءِ بہ ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ