Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 12:27 - Muslim Sindhi Bible

27 يروشلم شهر جي ڀتين جي وقف ڪرڻ وقت لاوين کي سندن رهڻ وارن هنڌن تان ڳولي يروشلم ۾ آندو ويو، تہ جيئن هو يروشلم ۾ حاضر ٿي وقف ڪرڻ واري انهيءَ رسم کي خوشيءَ ۽ شڪرگذاريءَ سان ٽلين ۽ تارن وارا ساز وڄائيندي بجا آڻين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 ۽ يروشلم جي ڀت جي وقف ڪرڻ وقت سڀني جاين تان لاوين کي ڳوليائون، انهيءَ لاءِ تہ انهن کي وٺي يروشلم ۾ آڻين، تہ اها وقف ڪرڻ جي رسم خوشيءَ سان، ۽ شڪرگذاري ڪرڻ سان، ۽ جهانجهن، سنطورن، ۽ بربطن تي ڳائڻ سان بجا آڻين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 12:27
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن دائود بادشاهہ کي ٻڌايو ويو تہ عوبيد‌ادوم جي گھراڻي ۽ ساڻس واسطو رکندڙ سڀني شين کي خداوند پنهنجي عهد واري صندوق جي ڪري برڪت عطا ڪئي آهي، تڏهن هو ويو ۽ عوبيد‌ادوم جي گھر مان خدا جي عهد واري صندوق خوشيون ملهائيندي پنهنجي شهر يروشلم ۾ کڻي آيو.


سليمان خداوند جي حضور ۾ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيون، جن ۾ هن ٻاويهہ هزار ڍور ڍڳا ۽ هڪ لک ويهہ هزار رڍون ٻڪريون ذبح ڪيون. اهڙيءَ طرح بادشاهہ ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن خداوند جو گھر مخصوص ڪيو.


جڏهن تہ دائود ۽ بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو پنهنجي پوري جوش سان خدا جي حضور ۾ خوشيءَ وچان نچندا، گيت ڳائيندا ۽ دڦ، ٽليون شرنايون ۽ تارن وارا ساز وڄائيندا ٿي هليا.


هن کين چيو تہ ”اوهين لاوي گھراڻن جا وڏا آهيو. اوهين پاڻ کي ۽ پنهنجن لاوي ڀائرن کي پاڪ ڪريو ۽ پوءِ وڃي خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي عهد واري صندوق کڻي اچي انهيءَ جاءِ تي رکو جيڪا مون ان لاءِ تيار ڪئي آهي.


دائود لاوين جي اڳواڻن کي چيو تہ هو پنهنجن لاوي ڀائرن مان ڪي ڳائڻا مقرر ڪن، تہ جيئن اهي دنبورن، سارنگين ۽ ٽلين جا ساز وڄائي وڏي آواز سان خوشيءَ جا گيت ڳائين.


سو بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو خوشيءَ وچان نعرا هڻندي ۽ نفيلون، شرنايون، ٽليون ۽ تارن وارا ساز وڄائيندي خداوند جي عهد واري صندوق يروشلم ۾ کڻي آيا.


ٻيو تہ خاص ذميوارين لاءِ هن هارون ڪاهن جي گھراڻي سان گڏ بني لاوي جي ٻين گھراڻن کي پڻ گھرايو.


هيمان ۽ يدوتون شرنايون ۽ ٽليون وڄائڻ تي مقرر هئا. خدا جا گيت ڳائڻ لاءِ هو ٻين سازن وڄائڻ تي پڻ مقرر هئا. بني يدوتون وارا ٻاهرئين دروازي تي دربان مقرر ڪيا ويا.


آسف اڳواڻ هو ۽ زڪرياہ سندس مددگار هو. يعي‌ايل، سميراموت، يحيئيل، متتياہ، الياب، بناياہ، عوبيدادوم ۽ يعي‌ايل دنبورا ۽ سارنگيون وڄائڻ تي مقرر هئا. آسف ٽليون وڄائڻ تي مقرر هو.


بادشاهہ چئن هزارن کي دربان مقرر ڪيو ۽ چئن هزارن کي مقرر ڪيائين تہ اهي خداوند جي واکاڻ انهن سازن سان ڪن جيڪي کين پاڻ موجود ڪري ڏنا هئائين.


بني حبرون ۾ يرياہ پنهنجي گھراڻي جو وڏو هو. دائود جي بادشاهيءَ جي چاليهين سال تواريخ تي تحقيق ڪئي ويئي تہ بني حبرون واري جِلعاد علائقي جي يعزير شهر ۾ تمام قابل ماڻهو ڏسڻ ۾ آيا.


جيئن خداوند غيبدان جاد ۽ ناتن نبيءَ جي معرفت دائود بادشاهہ کي حڪم ڏنو، تيئن ئي حزقياہ خداوند جي گھر ۾ لاوين کي ٽلين، دنبورن ۽ سارنگين سان مقرر ڪيو.


پوءِ حزقياہ بادشاهہ ۽ سندس عملدارن لاوين کي حڪم ڏنو تہ ”دائود بادشاهہ ۽ آسف غيبدان جا چيل خدا جي تعريف جا گيت ڳايا وڃن.“ سو سڀني ماڻهن خوشيءَ سان واکاڻ جا گيت ڳايا ۽ پنهنجا سر جھڪائي سجدو ڪيائون.


ڪاهن پنهنجين مقرر جاين تي بيهي رهيا، ۽ لاوي بہ انهن جي سامهون اهي ساز وڄائي خداوند جي واکاڻ ڪرڻ لڳا، جيڪي دائود بادشاهہ خداوند جي واکاڻ ڳائڻ لاءِ ٺهرايا هئا. هنن انهيءَ مهل ساز وڄائي دائود جو شڪرگذاريءَ وارو هي مقرر ڪيل گيت ڳايو تہ ”خداوند جي شفقت هميشہ جي لاءِ آهي.“ ڪاهن شرنايون وڄائيندا رهيا ۽ بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو بيٺا رهيا.


پوءِ سڀني بني اسرائيل يعني ڪاهنن، لاوين ۽ ٻين جلاوطنيءَ مان موٽي آيلن خوشيون ملهائيندي هيڪل کي وقف ڪرڻ واري رسم ادا ڪئي.


بني اسرائيل جا باقي ماڻهو، جن ۾ ڪاهن ۽ لاوي بہ شامل هئا، سي يهوداہ جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پنهنجين پنهنجين اباڻي ملڪيتن تي رهندا هئا.


انهيءَ ڏينهن تي ماڻهن خوشيون ڪندي وڏيون قربانيون پيش ڪيون، ڇو تہ خدا کين تمام وڏي خوشي عطا ڪئي هئي. عورتن ۽ ٻارن پڻ خوشي ملهائي. يروشلم ۾ خوشيءَ جو آواز پري پري تائين ٻڌڻ ۾ پئي آيو.


جيڪي ماڻهو جلاوطنيءَ مان واپس آيا هئا، سي سڀيئي تنبو ٺاهي انهن ۾ رهڻ لڳا. يشوع ولد نون جي ڏينهن کان وٺي هيستائين بني اسرائيل اها عيد ڪانہ ملهائي هئي. سو هنن تمام گھڻي خوشي ڪئي.


ڀلي تہ هو نچندي ڪُڏندي سندس نالي جي واکاڻ ڪن. هو دڦ ۽ سارنگيون وڄائي سندس تعريف ڳائين.


اي خداوند! تنهنجي واکاڻ هجي، ڇوجو تو مون کي سرفراز ڪيو آهي. تو منهنجي دشمنن کي مون تي خوش ٿيڻ ڪين ڏنو آهي.


انهيءَ ئي عبادت واري جاءِ تي اوهين پنهنجي پٽ، ڌيءَ، ٻانهي، ٻانهيءَ ۽ پنهنجي شهر ۾ رهندڙ لاويءَ، ڌارئي، يتيم ۽ رن‌زال سميت، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ڪجو.


پوءِ عملدار ماڻهن کي مخاطب ٿي چون تہ ’اوهان مان جنهن ماڻهوءَ نئون گھر جوڙايو هجي ۽ خيرات ڪري انهيءَ ۾ اڃا رهڻ شروع نہ ڪيو هجائين تہ اهو پنهنجي گھر ڏانهن موٽي وڃي، انهيءَ لاءِ تہ متان اهو جنگ ۾ مارجي وڃي ۽ ڪو ٻيو ماڻهو انهيءَ گھر ۾ رهڻ شروع ڪري.


خداوند عيسيٰ ۾ اوهين هر وقت خوش رهو. آءٌ وري بہ چوان ٿو تہ خوش رهو.


جڏهن هن اهو ويڙهوٽو ورتو تہ اهي چارئي ساهوارا ۽ چوويهہ بزرگ انهيءَ گھيٽڙي جي پيرن تي ڪري پيا. انهن بزرگن مان هر هڪ جي هٿن ۾ هڪڙي ستارَ ۽ لوبان سان ڀريل سونو پيالو هو. اهو لوبان مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جون دعائون هيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ