Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 12:26 - Muslim Sindhi Bible

26 يويقيم ولد يشوع ولد يوصدق جي ڏينهن ۾ ۽ نحمياہ گورنر ۽ عزرا ڪاهن، جيڪو شريعت جو عالم پڻ هو، تن جي ڏينهن ۾ اهي سڀيئي خدمت ڪندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 يويقيم بن يشوع، بن يوصدق جي ڏينهن ۾، ۽ نحمياہ حاڪم، ۽ عزرا ڪاهن ۽ اُستاد جي ڏينهن ۾ اهي هوندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 12:26
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

فرات نديءَ کان وٺي فلستين جي ملڪ تائين ۽ ويندي مصر جي سرحد تائين هو سڀني بادشاهن تي حڪمراني ڪندو هو.


عزرا ڪاهن ۽ عالم هو ۽ انهن قاعدن قانونن جو چڱو ڄاڻو هو جيڪي خداوند بني اسرائيل کي ڏنا هئا. شهنشاهہ ارتخششتا عزرا کي هڪ اختياريءَ جو خط ڏنو جنهن جو متن هي آهي تہ


بابل کان يروشلم ڏانهن روانو ٿيو. موسيٰ جي شريعت جيڪا خداوند، بني اسرائيل جي خدا ڏني هئي، تنهن ۾ هو هوشيار عالم هو. شهنشاهہ هن کي هر اُها شيءِ ڏني جيڪا هن کانئس گھري، ڇاڪاڻ تہ خداوند سندس خدا جو هٿ مٿس هو.


جڏهن بني اسرائيل پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ آباد ٿي ويا، تڏهن ستين مهيني جي پهرينءَ تاريخ تي سڀ ماڻهو يڪمشت ٿي يروشلم جي پاڻيءَ واري دروازي جي اڳيان کُليل ميدان ۾ اچي گڏ ٿيا. شريعت جي عالم عزرا ڪاهن کي هنن عرض ڪيو تہ هو موسيٰ جي شريعت جو ڪتاب آڻي پڙهي ٻڌائي، جنهن ۾ خداوند بني اسرائيل لاءِ حڪم ڏنا آهن.


شريعت جون ڳالهيون ٻڌي ماڻهو روئڻ لڳا. تنهن تي نحمياہ گورنر، عزرا ڪاهن ۽ شريعت جي عالمن ۽ لاوين ماڻهن کي سمجھاڻي ڏيندي چيو تہ ”اڄوڪو ڏينهن خداوند، اوهان جي خدا جي لاءِ مخصوص آهي، سو نہ ڪو ڏک ڪريو ۽ نہ روئو


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ