Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 11:30 - Muslim Sindhi Bible

30 زانوح، عدلام شهرَ ۽ انهن جي آس‌پاس وارا ڳوٺ، لڪيس شهر ۽ ان جي آس‌پاس واريون ٻنيون، عزيقہ شهر ۽ ان جا ڳوٺ. اهڙيءَ طرح هو بيرسبع کان وٺي هنوم جي ماٿريءَ تائين آباد هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 زانواح، عدلام ۽ انهن جي ڳوٺن ۾، لڪيس ۽ ان جي ٻنين ۾، عزيقہ ۽ ان جي شهرن ۾. انهيءَ طرح هو بيرسبع کان وٺي، هنوم جي واديءَ تائين منزل ڪري ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 11:30
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٻئي ڏينهن صبح جو سوير ابراهيم هاجرہ جي ڪلهي تي ماني ۽ پاڻيءَ سان ڀريل هڪ مشڪ رکي کيس ٻار سميت روانو ڪري ڇڏيو. هوءَ اتان هلي ويئي ۽ بيرسبع جي رڻ‌پٽ ۾ رلندي رهي.


اسماعيل جا اهي ٻارهن ئي پٽ پنهنجي پنهنجي قبيلن جا سردار ٿيا ۽ انهن جي ڳوٺن ۽ منزل‌گاهن تي انهن جا نالا رکيا ويا.


يوسياہ بادشاهہ غير معبودن جي توفت نالي پوڄا گھر جيڪو هنوم جي ماٿريءَ ۾ هو، تنهن جي بہ بي‌حرمتي ڪرائي تہ جيئن اڳتي ڪوبہ ماڻهو پنهنجي پٽ يا ڌيءَ کي مولڪ ديوتا اڳيان ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش نہ ڪري سگھي.


عين‌رمون، صارعاہ، يارموت،


بنيامين قبيلي وارا هنن هنڌن تي رهندا هئا: جِبع، مڪماس، عئي شهرَ، بيت‌ايل شهر ۽ ان جي آس‌پاس وارا ڳوٺ،


ماٿريءَ واري دروازي جي نئين سر اڏاوت زنواح شهر جي رهاڪن ۽ حنون گڏجي ڪئي. هنن انهيءَ ۾ طاق، هڙڪيون ۽ گز وڌا. هنن گند واري دروازي تائين اٽڪل ساڍا چار سؤ ميٽر ڀت جي مرمت بہ ڪئي.


جڏهن عملدار اعليٰ ٻڌو تہ اشور جو شهنشاهہ لڪيس شهر مان روانو ٿي ويو آهي ۽ لبناہ شهر وارن سان جنگ جوٽيو بيٺو آهي، تڏهن هو وٽس صلاح مشوري لاءِ ويو.


پوءِ ٺڪراٽي جي دروازي جي سامهون هنوم ماٿريءَ ڏانهن نڪري وڃ. اتي مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي پيغام ماڻهن کي ٻڌاءِ تہ ’اي يهوداہ جا بادشاهؤ! اي يروشلم جا رهاڪؤ! ياد رکو، آءٌ خداوند هن ماٿريءَ تي اهڙي مصيبت آڻڻ وارو آهيان جو جيڪو بہ انهيءَ جي باري ۾ ٻڌندو تنهن جا لڱ ڪانڊارجي ويندا.


سو ڄاڻي ڇڏيو تہ اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن ڪوبہ ماڻهو اڳتي هن هنڌ کي ”توفت“ يا ”هنوم ماٿري“ نہ سڏيندو، بلڪ انهيءَ کي ”ڪوس جي ماٿري“ ڪري سڏيو ويندو.


هنن بعل ديوتا جي پوڄا لاءِ هنوم ماٿريءَ ۾ پوڄا گھر ٺاهيا، جتي پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن کي مولڪ ديوتا جي لاءِ باهہ ۾ قربان ڪيائون. انهيءَ ڳالهہ جو مون نہ هنن کي حڪم ڏنو، نہ وري اها ڳالهہ منهنجي دل ۾ آئي تہ هو اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ڪن ۽ اهڙيءَ طرح سڀ يهوداہ وارا گناهن ۾ غرق ٿي وڃن.“


اي مريسہ شهر جا رهاڪؤ! خداوند اوهان کي اهڙي دشمن جي حوالي ڪندو، جيڪو اوهان جي شهر تي قبضو ڪري وٺندو. بني اسرائيل جا اڳواڻ عدلام جي غار ۾ وڃي لڪندا.


سو يروشلم جي بادشاهہ ادوني‌صدق هيئن ڪيو جو حبرون جي بادشاهہ هوهام، يرموت جي بادشاهہ پيرام، لڪيس جي بادشاهہ يافيع ۽ عجلون جي بادشاهہ دبير ڏانهن هي پيغام ڏياري موڪليائين تہ


لبناہ جو بادشاهہ، عدلام جو بادشاهہ،


پوءِ اُها سرحد هنوم ماٿريءَ وچان هلي ڏکڻ پاسي جبل جي لاهيءَ وٽان جتي يبوسين جو شهر يروشلم آهي، رفائين واديءَ جي اترئين ڇيڙي تي هنوم ماٿريءَ جي سامهون اولهہ طرف بيٺل جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي ويئي.


اها سرحد اتان لهي انهيءَ جبل جي تري تائين آئي جيڪو هنوم ماٿريءَ جي سامهون ۽ رفائين جي ماٿريءَ جي اترئين پاسي ۾ آهي. پوءِ اُتان لهي هنوم جي ماٿريءَ وچان ويئي جا ڏکڻ طرف واري يبوسين جي شهر جي لاهيءَ وٽ آهي ۽ اتان وري لهي عين‌راجل چشمي ڏانهن ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ