Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 11:22 - Muslim Sindhi Bible

22 يروشلم ۾ لاوين جو نگران عزي ولد باني ولد حسبياہ ولد متنياہ ولد ميڪا هو. عزي آسف جي اولاد مان هو جيڪي ڳائڻا هئا ۽ هيڪل ۾ ڳائڻ جي خدمت سندن ذمي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 پر يروشلم ۾ لاوين جي مٿان نظر ڪندڙ عزي بن باني، بن حسبياہ، بن متنياہ، بن ميڪا بہ هوندو هو، جو آسف جي پٽن مان هو، جي ڳائيندڙ هئا، ۽ خدا جي گهر تي ڪم ڪار تي مقرر هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 11:22
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مفيبوست کي هڪڙو ننڍڙو پٽ هو، جنهن جو نالو ميڪا هو. ضيبا جي گھراڻي ۾ رهندڙ سڀيئي ماڻهو مفيبوست جا نوڪر هئا.


انهن بني مراريءَ مان حسبياہ، سندس ڀاءُ يسعياہ ۽ سندن پٽن کي بہ آندو جيڪي ڪل ويهہ ڄڻا هئا.


۽ شراياہ ولد خلقياہ ولد مسلام ولد صدوق ولد مرايوت ولد اخيطوب جيڪو هيڪل ۾ سردار ڪاهن هو.


هن جي گھراڻي مان همت ڀريا بهادر جملي هڪ سؤ اٺاويهہ ڄڻا هئا. سندن سالار زبدي‌ايل ولد هجدوليم هو.


يوايل ولد زڪري انهن جو سردار هو ۽ يهوداہ ولد هسنوہ شهر جي حاڪم جو نائب هو.


ان کان علاوہ هي لاوي اسان سان گڏ هئا: معسياہ، سمعياہ، اليعزر، عزي، يهوحنان، ملڪياہ، عيلام ۽ عزر. ازرخياہ جي اڳواڻيءَ ۾ ڳائڻن وڏي آواز سان ڳايو ٿي.


انهيءَ ڪري جو گھڻو وقت اڳي دائود بادشاهہ ۽ ڳائڻن جي اڳواڻ آسف جي ڏينهن ۾ خدا جي واکاڻ ۽ شڪرگذاريءَ جي عبادت لاءِ ڳائڻ وارن لاءِ هدايتڪار هوندا هئا.


انهن گودامن تي مون سلميا ڪاهن، صدوق شريعت جي عالم ۽ فداياہ نالي هڪ لاويءَ کي نگران مقرر ڪيو ۽ حنان ولد زڪور ولد متنياہ کي سندن نائب مقرر ڪيم، ڇاڪاڻ تہ اهي ماڻهو ڀروسي جهڙا سمجھيا ويندا هئا. انهن جي ذميواري هئي تہ هو پنهنجي هم‌خدمت ڀائرن کي سندن حصا ورهائي ڏين.


انهيءَ کان پوءِ هنن لاوين پڻ مرمت جو ڪم ڪيو. رحوم ولد باني ڀر واري حصي جي مرمت ڪئي. انهيءَ کان پوءِ حسبياہ، جيڪو قعيلاہ جي اڌ ضلعي جو حاڪم هو، تنهن پنهنجي ضلعي جي طرفان ڀر واري حصي جي مرمت ڪرائي.


جڏهن ماڻهو وري اُٿي بيٺا، تڏهن يشوع، باني، سربياہ، يامن، عقوب، سبتي، هودياہ، معسياہ، قليطا، عزرياہ، يوزبد، حنان ۽ فلاياہ جيڪي لاوي هئا، تن بہ عزرا کان پوءِ ماڻهن کي شريعت جي سمجھاڻي ڏني.


اوهين پاڻ سان گڏ انهيءَ سڄي ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنهن لاءِ پاڪ روح اوهان کي ڌنار مقرر ڪيو آهي. سو خدا جي انهيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رهجو، جيڪا هن پنهنجي فرزند جي رت سان خريد ڪئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ