Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 11:17 - Muslim Sindhi Bible

17 متنياہ ولد ميڪا ولد زبدي جيڪو آسف جي اولاد مان هو ۽ متنياہ جيڪو شڪرگذاريءَ جي عبادت ۾ ڳائڻن جي اڳواڻي ڪندو هو، بقبوقياہ جيڪو پنهنجي ساٿين مان متنياہ کان پوءِ ٻئي نمبر تي هو ۽ عبدا ولد سموع ولد جلال جيڪو يدوتون جي اولاد مان هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ متنياہ، بن ميڪا، بن زبدي، بن آسف، جو شڪرگذاريءَ جي عبادت شروع ڪرڻ وقت پيشوا هوندو هو، ۽ بقبوقياہ جو ان جي ڀائرن مان ٻيو هو؛ ۽ عبدا بن سموع، بن جلال، بن يدوتون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 11:17
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مفيبوست کي هڪڙو ننڍڙو پٽ هو، جنهن جو نالو ميڪا هو. ضيبا جي گھراڻي ۾ رهندڙ سڀيئي ماڻهو مفيبوست جا نوڪر هئا.


هن لاوين مان ڪن کي مقرر ڪيو تہ هو خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان عبادت ڪرڻ ۾ اڳواڻي ڪن، تان‌تہ خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو ذڪر، شڪر ۽ تعريف ڪئي وڃي.


انهن سان گڏ هيمان ۽ يدوتون ۽ باقي ٻيا جيڪي چونڊيل هئا، سي بہ خداوند جي دائمي رحمت جي ڪري سندس تعريف جا گيت ڳائن.


بقبقر، حرس، جلال، متنياہ ولد ميڪا ولد زڪري ولد آسف،


سبتي ۽ يوزباد جيڪي لاوين جا وڏا هئا ۽ هيڪل جي ٻاهرين ڪم ڪار جي نگراني ڪندا هئا،


يروشلم جي پاڪ شهر ۾ جملي ٻہ سؤ چوراسي لاوي رهندا هئا.


لاوين جا اڳواڻ حسبياہ، سيربياہ، يشوع، بنوي ۽ قدمي‌ايل هئا، جن جي اڳواڻيءَ هيٺ لاوي ٻن ٻن جي ٽولن ۾ خدا جي بندي دائود بادشاهہ جي ترڪيب موجب واکاڻ ۽ شڪرگذاريءَ جي عبادت ۾ هڪٻئي جي سامهون ٿي بيهندا هئا.


متنياہ، بقبوقياہ، عبدياہ، مسلام، طلمون ۽ عقوب هيڪل جا دربان هئا، جيڪي هيڪل جي دروازي وارن گدامن تي پهرو ڏيندا هئا.


تنهن کان پوءِ مون نحمياہ يهوداہ جي اڳواڻن کي ڀتين تي آندو ۽ ٻہ وڏيون ٽوليون پڻ شڪرگذاري ادا ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيم. انهن مان هڪڙي ٽوليءَ کي ڀتين تي ساڄي پاسي گند واري دروازي ڏانهن وڌڻو هو.


انهيءَ ڪري جو گھڻو وقت اڳي دائود بادشاهہ ۽ ڳائڻن جي اڳواڻ آسف جي ڏينهن ۾ خدا جي واکاڻ ۽ شڪرگذاريءَ جي عبادت لاءِ ڳائڻ وارن لاءِ هدايتڪار هوندا هئا.


سو ڪنهن بہ ڳالهہ جو فڪر نہ ڪريو، بلڪ هر ڳالهہ بابت پنهنجا عرض اوهين دعا ۽ منٿ جي وسيلي شڪرگذاري ڪندي خدا جي حضور ۾ پيش ڪندا رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ