Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 10:39 - Muslim Sindhi Bible

39 بني لاوي يا ٻيا بني اسرائيل نذراني طور مليل اناج، مئي ۽ زيتون جي تيل جي پهرين پيداوار کي گدامن ۾ کڻي ايندا، جتي هيڪل جا ٿانوَ رکيل آهن ۽ جتي خدمت ڪرڻ وارا ڪاهن، دربان ۽ ڳائڻا رهندا آهن. اسين پنهنجي خدا جي هيڪل کي ڇڏي نہ ڏينداسون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

39 ڇالاءِ جو بني اسرائيل، ۽ بني لاوي اَن ۽ شراب، ۽ تيل جي کڻڻ واري قرباني ڪوٺين ۾ آڻيندا، جتي پاڪ مڪان جا باسڻ، ۽ خدمت ڪرڻ وارا ڪاهن، ۽ دربان، ۽ ڳائڻ وارا آهن: ۽ اسين پنهنجي خدا جو گهر ڇڏي نہ ڏينداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 10:39
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هو واپس موٽيا ۽ اچي شهر جي دربانن کي سڏ ڪري کين ٻڌايائون تہ ”اسين ارامين جي خيمي‌گاهہ ۾ ويا هئاسون ۽ ڏٺوسون تہ اتي ڪوبہ ڪونہ هو. هائو، ڪوبہ انساني آواز ٻڌڻ ۾ ڪونہ ٿي آيو. رڳو گھوڙا ۽ گڏهہ ٻڌا بيٺا هئا ۽ تنبو بہ جيئن جو تيئن کوڙيل هئا.“


تڏهن حزقياہ بادشاهہ حڪم ڏنو تہ ”انهيءَ سامان لاءِ خداوند جي گھر ۾ گدام ٺاهيا وڃن.“ سو هنن اهي تيار ڪيا.


پوءِ اهي نذرانا ۽ ڏهان حصا انهن گدامن ۾ حفاظت سان رکيائون. انهن شين جي مٿان ڪنعنياہ نالي لاويءَ کي نگران مقرر ڪيو ويو ۽ سندس ڀاءُ سمعيءَ کي نائب نگران مقرر ڪيو ويو.


اهڙيءَ طرح زربابل جي ڏينهن ۾ توڙي نحمياہ جي ڏينهن ۾ سڀ بني اسرائيل هيڪل جي ڳائڻن ۽ دربانن جي لاءِ روزانو جو حصو ڏيندا هئا. ماڻهو لاوين لاءِ حصو ڌار ڪري رکندا هئا ۽ لاوي وري ڪاهنن لاءِ حصو ڌار ڪندا هئا.


اي يروشلم! آءٌ تو لاءِ ائين خير پيو گھرندو رهندس، ڇاڪاڻ تہ خداوند اسان جي خدا جو گھر تو منجھہ آهي.


”تون لاوين کي هي بہ چئُہ تہ ’جڏهن اوهين بني اسرائيل کان ڏهون حصو وٺو، جيڪو مون اوهان کي ورثو ڪري ڏنو آهي، تڏهن اوهين مون خداوند جي لاءِ خاص نذراني طور انهيءَ ڏهين حصي جو ڏهون حصو پيش ڪجو.


سو لاوين کي چئُہ تہ ’جڏهن اوهين بهترين حصو پيش ڪري چڪو تہ ڏهن حصن مان باقي بچيل اوهان جي پنهنجي ان ۽ مئي جي پهرين پيداوار سمجھيو ويندو.


پر اوهين پنهنجي اناج، مئي يا زيتون جي تيل جا ڏهان حصا، پنهنجي ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جا پهريتا ٻچا، پنهنجيون باسون، پنهنجي خوشيءَ جون قربانيون يا پنهنجي پيداوار جا نذرانا، پنهنجن شهرن جي اندر کائي نہ ٿا سگھو.


اسين پاڻ ۾ گڏ ٿيڻ ڇڏي نہ ڏيون، جيئن ڪن ماڻهن جي عادت آهي. انهيءَ جي بدران اچو تہ هڪٻئي کي همتائيندا رهون، خاص ڪري ان ڳالهہ کي نظر ۾ رکندي تہ خداوند جي موٽي اچڻ وارو ڏينهن ويجھو ايندو پيو وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ