Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 10:38 - Muslim Sindhi Bible

38 هارون جي اولاد مان هڪ ڪاهن ڏهين حصي اُڳاڙڻ وقت لاوين سان گڏ هوندو ۽ لاوي انهيءَ ڏهين حصي جو ڏهون حصو اسان جي خدا جي هيڪل جي گدام ۾ گڏ ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

38 ۽ ڪاهن، جو هارون جو پٽ آهي، سو لاوين جي ڏهين حصي اُڳاڙڻ وقت ساڻن حاضر رهندو: ۽ لاوي انهيءَ ڏهين حصي جو ڏهون حصو، اسان جي خدا جي گهر جي ڪوٺين ۾، خزاني جي گهر ۾ آڻيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 10:38
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

چار مکيہ دربان لاوي هوندا هئا ۽ خاص عهدي تي هوندا هئا. اهي خدا جي گھر ۾ حجرن ۽ خزانن تي مقرر هئا.


مون مقرر وقت تي ساڙيون ويندڙ قربانين لاءِ ڪاٺين ۽ پهريتن ڦرن جي نذراني مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ پڻ بندوبست ڪيو. سو اي منهنجا خدا! مون کي مهربانيءَ جي نظر سان ياد رکج.


زمين جي سموري پيدائش جو ڏهون حصو مون خداوند جو آهي، پوءِ اها ٻنيءَ جو اناج هجي توڙي وڻن جو ميوو، اهو مون خداوند جي لاءِ مخصوص آهي.


۽ انهيءَ ملڪ جي پيداوار کائو تڏهن انهيءَ پيداوار مان ڪجھہ حصو مون خداوند جي لاءِ پيش ڪندا رهجو.


اوهين پيڙهي بہ پيڙهي پنهنجي پهرئين ڳوهيل اٽي مان ماني پچائي مون خداوند واسطي اهو نذرانو پيش ڪندا رهجو.“


خداوند هارون کي وڌيڪ فرمايو تہ ”بني لاوي جيڪا خدمت مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ ڪن ٿا، تنهن جي بدلي ۾ مون کين اهي سڀ ڏهان حصا ورثي طور ڏنا آهن جيڪي بني اسرائيل منهنجي حضور ۾ پيش ڪندا آهن.


ڇاڪاڻ تہ ڏهون حصو، جيڪو بني اسرائيل مون خداوند لاءِ خاص نذرانو پيش ڪندا آهن سو مون کين ورثو ڪري ڏنو آهي. انهيءَ ڪري مون انهن بابت چيو آهي تہ کين بني اسرائيل ۾ ڪابہ مستقل ملڪيت ڪانہ ملندي.“


”اوهين پنهنجي ٻنيءَ جي سال بسال ٿيندڙ پيداوار منجھان، ڏهون حصو ضرور الڳ ڪجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ