Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 10:35 - Muslim Sindhi Bible

35 اسين پاڻ تي اها بہ ذميواري کڻون ٿا تہ اسين پنهنجي زمين جي پهرين پيداوار ۽ هر ميويدار وڻ جو پهريون ميوو سال بسال خداوند جي هيڪل ۾ آڻينداسون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

35 ۽ پنهنجيءَ زمين جي پهرين پيدائش، ۽ هر قسم جي وڻن جي ميون مان پهريان ميوا، سال بسال خداوند جي گهر ۾ آڻيون:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 10:35
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون مقرر وقت تي ساڙيون ويندڙ قربانين لاءِ ڪاٺين ۽ پهريتن ڦرن جي نذراني مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ پڻ بندوبست ڪيو. سو اي منهنجا خدا! مون کي مهربانيءَ جي نظر سان ياد رکج.


اوهين پنهنجي زمين جي پهرين پيداوار جو بهترين ڀاڱو مون خداوند پنهنجي خدا جي گھر ۾ آڻيو. اوهين ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌيو.“


هر سال اوهين پنهنجيءَ زمين جي پيدائش مان پهريون ڦل مون خداوند پنهنجي خدا جي گھر ۾ آڻجو. اوهين ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ پچائجو.“


هر فصل جي پيداوار جو پهريون حصو ڪاهنن جو هوندو. ان کان سواءِ هر نذراني جو پهريون حصو ڪاهنن کي ملندو ۽ هر دفعي اناج جي پچايل شين مان پهريون حصو بہ ڪاهنن کي ڏنو ويندو، تہ جيئن بني اسرائيل قوم تي برڪت نازل ٿئي.


يا جنهن شيءِ بابت ڪوڙو قسم کنيو اٿائين سا ذري پرزي موٽائي ڏئي. انهيءَ سان گڏ جنهن وقت هو ڏوهاري قرار ڏنو وڃي تنهن وقت انهيءَ شيءِ جي مالڪ کي سندس شيءِ جو پنجون حصو وڌيڪ ادا ڪري.


ان کان علاوہ هو پنهنجي قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ لاءِ ڌڻ مان ايتري قيمت جو هڪڙو بي‌عيب گھٽو مون خداوند جي حضور ۾ آڻي ڪاهن وٽ پيش ڪري، جيتري قيمت جو مقرر ڪرڻ گھرجي.


زيتون جي تيل، مئي ۽ اناج مان سڀ کان بهترين يعني پهرين پيداوار بني اسرائيل مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندا آهن سا آءٌ تو کي ڏيان ٿو.


جڏهن انهيءَ مقدس خيمي، جنهن ۾ عهد واريون تختون رکيل آهن، تنهن ۾ تون ۽ تنهنجا پٽ خدمت ڪندا هجو، تڏهن تون پنهنجي مائٽن يعني اباڻي لاوي قبيلي وارن کي پاڻ سان گڏ آڻيندو ڪر تہ جيئن اهي تنهنجي خدمت ڪندا رهن.


تڏهن انهيءَ ملڪ جي زمين جي پيداوار مان پهريون ڦل هڪڙي ٽوڪريءَ ۾ رکي، انهيءَ هنڌ کڻي وڃجو جيڪو خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم رکڻ لاءِ چونڊي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ