Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 10:33 - Muslim Sindhi Bible

33 نذراني وارن روٽن لاءِ، روزانو اناج جي قربانيءَ لاءِ، روزانو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ، سبت وارن ڏينهن تي قربانين لاءِ، نئين چنڊ وارين عيدن تي قربانين لاءِ، مقرر عيدن تي قربانين لاءِ، بني اسرائيل جي ڪفاري واري قربانيءَ لاءِ، پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻي ڪنهن بہ مخصوص قربانيءَ لاءِ، ۽ پنهنجي خدا جي هيڪل جي هر قسم جي ڪم لاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 يعني نذر جي مانيءَ لاءِ، ۽ هميشہ جي کاڌي جي قربانيءَ، ۽ هميشہ جي سوختني قربانيءَ لاءِ، سبت جي ڏينهن، ۽ نئين چنڊ تي، مقرر عيدن لاءِ، ۽ پاڪ شين لاءِ، ۽ اسرائيل جو ڪفارو ڪرڻ واسطي گناهہ جي قربانين لاءِ، ۽ اسان جي خدا جي گهر جي هر قسم جي ڪم لاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 10:33
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ هڪڙو گھر جوڙائڻ چاهيان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ ان گھر کي خدا جي لاءِ مخصوص ڪيو وڃي ۽ انهيءَ جي اڳيان خوشبودار لوبان ساڙيو وڃي. اتي سندس حضور ۾ باقائدہ مخصوص روٽ پيش ڪيا وڃن ۽ صبح شام، سبت جي ڏينهنِ تي، نئين چنڊ جي ڏينهنِ تي ۽ خداوند اسان جي خدا جي مقرر ڪيل عيدن تي ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪيون وڃن. اهو بني اسرائيل لاءِ هميشہ جو قانون آهي.


تون بني اسرائيل کان صدقي جا پئسا وٺي، اهي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي لاءِ ڪم آڻج، انهيءَ لاءِ تہ بني اسرائيل جي طرفان سندن جانين جي صدقي لاءِ اهي مون خداوند جي يادگيريءَ لاءِ نشاني هجن.“


تنهنڪري ڪنهن کي بہ اها اختياري هلائڻ نہ ڏيو جو کاڌي پيتي، عيد، نئين چنڊ يا سبت جي ڏينهن جي رسمن تي عمل نہ ڪرڻ ڪري اوهان کي ڪو ڏوهاري قرار ڏئي.


شريعت موجب هر هڪ ڪاهن روزانو بيهي ديني خدمت ٿو ڪري ۽ هر هر ساڳيون ئي قربانيون ٿو چاڙهي، جيڪي ڪڏهن بہ گناهن کي مِٽائي نہ ٿيون سگھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ