Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 10:32 - Muslim Sindhi Bible

32 اسان حڪمن مطابق اها ذميواري کڻون ٿا تہ هر سال پنهنجي خداوند جي هيڪل جي خدمت واسطي پنهنجي مال مان هنن ڪمن لاءِ چانديءَ جا چار گرام ڏينداسين:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 اسان پنهنجي لاءِ قانون بہ مقرر ڪري ڇڏيا آهن، تہ هر سال پنهنجي خداوند جي گهر جي خدمت لاءِ پنهنجي مال مان شيڪل جي ٽين پتي ڏينداسين؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 10:32
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جتي مون هي يادگار پٿر کوڙيو آهي اتي تنهنجي عبادت‌گاهہ ٿيندي ۽ جيڪي ڪجھہ تون مون کي ڏيندين تنهن جو ڏهون حصو آءٌ تو کي ڏيندس.“


جنگين ۾ هٿ آيل لٽ جو مال هنن خداوند جي هيڪل جي لاءِ وقف ڪيو هو.


انهن ڏينهن ۾ مون يهوداہ ۾ سبت جي ڏينهن ڪن ماڻهن کي انگورن جي چيچڙن کي هلائيندي ۽ اناج جي ول گڏهن تي آڻيندي ڏٺو ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ مئي، انگور، انجير ۽ ٻيو هر طرح جو سامان سبت جي ڏينهن يروشلم ۾ ٿي آندائون. تنهنڪري مون کين اُن ڏينهن تي وڪرو ڪرڻ کان تنبيهہ ڪئي.


اوهان جي ابن ڏاڏن بہ تہ ائين ئي ڪيو هو، جنهن ڪري اسان جي خدا اسان تي ۽ هن شهر تي بيحد مصيبت آندي. هاڻي اوهين سبت جي ڏينهن جي بي‌حرمتي ڪري بني اسرائيل تي خدا کي وڌيڪ ڪاوڙايو ٿا.“


تنهن تي مون کين تنبيهہ ڪندي چيو تہ ”ڇو اوهين شهر جي ڀتين جي ڀرپاسي رات ٿا گذاريو؟ جيڪڏهن اوهين وري ائين ڪندا تہ پوءِ آءٌ اوهان کي پڪڙيندس.“ تڏهن کان وٺي هو وري سبت جي ڏينهن نہ آيا.


آءٌ، منهنجا ڀائر ۽ منهنجا ماڻهو بہ ٻين کي وياج تي پئسا ۽ ان ڏيون ٿا. پر اچو تہ اسين وياج کائڻ بند ڪريون.


تو انهن کي پنهنجي پاڪ سبت جي ڄاڻ ڏني، ۽ کين پنهنجي ٻانهي موسيٰ جي معرفت حڪم ۽ شرعي قاعدا قانون ڏنا.


پر ستين سال انهيءَ کي ساهي ڏيو ۽ منجھس پوک نہ ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي قوم جا غريب پاڻمرادو ٿيل فصل کائي ڍءُ ڪن ۽ جيڪي باقي بچائين سو جھنگ جا جانور چرن. اوهين پنهنجي انگورن ۽ زيتونن جي باغ سان بہ ائين ئي ڪريو.


اوهين پنهنجي مال ملڪيت ۽ پنهنجي سموري پيداوار جي پهرئين ڦل جي نذرانن سان خداوند کي تعظيم ڏيو.


جيڪڏهن ڏيڻ جي نيت هوندي تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ بہ ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندو تنهن موجب خدا سندس نذرانو قبول ڪندو، نڪي انهيءَ موجب جيڪي وٽس نہ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ