Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 10:31 - Muslim Sindhi Bible

31 جڏهن آس‌پاس وارين قومن مان ڪي ماڻهو سبت واري ڏينهن يا ڪنهن ٻئي وڏي ڏينهن تي ڪي‌بہ شيون يا اناج وڪڻڻ لاءِ کڻي ايندا تہ اسين کانئن نہ وٺنداسون. هر ستين سال اسين زمين ۾ ڪابہ پوکي نہ ڪنداسون ۽ پنهنجا سمورا قرض معاف ڪري ڇڏينداسون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 ۽ جيڪڏهن هن ملڪ جون قومون، ڪي بہ شيون، يا ڪي بہ طعام، سبت جي ڏينهن وڪڻڻ ايندا، تہ اسين سبت جي ڏينهن يا ٻئي ڪنهن سڳوري ڏينهن اُهي خريد نہ ڪنداسين: ۽ اسين ستون سال، ۽ سڀ قرض جي ڪوشش، ڇڏي ڏينداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 10:31
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهڙيءَ طرح خداوند يرمياہ نبيءَ جي معرفت جيڪي فرمايو هو سو پورو ٿيو تہ ”ملڪ ستر سالن تائين ويران رهندو تہ جيئن اتي جي زمين کي جيڪو سبت يعني آرام ڪونہ مليو هو سو ملي.“


انهن ئي ڏينهن ۾ مون ڪي يهودي ڏٺا جيڪي بني اشدود، بني عمون ۽ بني موآب جون عورتون پرڻجي آيا هئا.


پر اسين اوهان جي منع ڪرڻ کان پوءِ آئيندہ ائين نہ ڪنداسون. اسين اهڙي بڇڙائي ڪري خدا جا نافرمان نہ ٿينداسون.“


پهرئين ڏينهن تي ۽ وري ستين ڏينهن تي عبادت لاءِ اوهان جي گڏجاڻي ٿيندي. انهن ٻنهي ڏينهن تي کاڌي تيار ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪيو وڃي.


پر ستون ڏينهن آرام جو ڏينهن آهي، جيڪو خداوند اوهان جي خدا لاءِ وقف ٿيل آهي. انهيءَ ڏينهن ڪوبہ ڪم نہ ڪري، نہ اوهين، نہ اوهان جو پٽ، نہ اوهان جي ڌيءَ، نہ اوهان جو ٻانهو، نہ اوهان جي ٻانهي، نہ اوهان جا ڍور ڍڳا ۽ نہ اوهان جي ملڪ ۾ رهندڙ ڪو ڌاريو.


متان اوهان انهن جي ڌيئرن مان ڪي پنهنجن پٽن سان پرڻايو ۽ اهي ڇوڪريون پنهنجن معبودن جي پٺيان لڳي بدڪاري ڪن ۽ اوهان جي پٽن کي بہ پنهنجن معبودن جي پٺيان لڳائي بدڪار بڻائين.


پر جيڪو روزو مون کي پسند آهي سو هي آهي تہ ظلم جا زنجير ٽوڙيا وڃن، غلاميءَ جي پاڃاريءَ جا رسا ڇوڙيا وڃن، مظلومن کي آزاد ڪيو وڃي، بلڪ هر قسم جي غلاميءَ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏجي.


”اوهان جي لاءِ هي هميشہ جو قانون ٿيندو تہ ستين مهيني جي ڏهين تاريخ تي اوهان مان هر ڪو ماڻهو، پوءِ اهو اوهان جي قوم مان هجي توڙي ڌاريو، پنهنجي پنهنجي نفس کي ماري ۽ ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪري.


اوهين انهيءَ ساڳئي ڏينهن عيد ملهائجو. ان ڏينهن اوهين عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو. اهو اوهان جي سڀني پيڙهين لاءِ هميشہ جو قانون هوندو، پوءِ اوهين کڻي ڪٿي بہ رهندا هجو.


”ڇهہ ڏينهن اوهين پنهنجو ڪم ڪار ڪريو، پر ستون ڏينهن سبت آهي، تنهن تي اوهين آرام ڪريو. انهيءَ ڏينهن اوهين ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو، بلڪ عبادت لاءِ گڏ ٿجو. سبت جو ڏينهن مون خداوند لاءِ مخصوص آهي، پوءِ اوهين کڻي ڪٿي بہ رهندا هجو.“


اسان جا ڏوهہ اسان کي ائين معاف ڪر، جيئن اسين بہ پنهنجن ڏوهارين کي معاف ٿا ڪريون.


تنهنڪري ڪنهن کي بہ اها اختياري هلائڻ نہ ڏيو جو کاڌي پيتي، عيد، نئين چنڊ يا سبت جي ڏينهن جي رسمن تي عمل نہ ڪرڻ ڪري اوهان کي ڪو ڏوهاري قرار ڏئي.


ڇاڪاڻ تہ جنهن پاڻ ٻين تي رحم نہ ڪيو، تنهن جو فيصلو بنا ڪنهن رحم ڪرڻ جي ڪيو ويندو. مطلب تہ جڏهن فيصلو ڪيو ويندو، تڏهن ٻين تي رحم ڪرڻ جي ڳالهہ غالب پوندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ