Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 10:28 - Muslim Sindhi Bible

28-29 اسين سڀيئي ماڻهو، ڪاهن، لاوي، هيڪل جا دربان، ڳائڻا ۽ خدمتگار ۽ اُهي سڀ ماڻهو جن خدا جي شريعت خاطر پنهنجي ملڪ ۾ رهندڙ ڌارين قومن کان پاڻ کي ڌار ڪيو آهي، اسان جون زالون، پٽ، ڌيئرون، پنهنجن ڀائرن ۽ پنهنجن اميرن سان شامل ٿي پنهنجي عقل ۽ هوش حواس سان قسم تي چئون ٿا ۽ لکي ٿا ڏيون ۽ جيڪڏهن انهيءَ اقرار جي ڀڃڪڙي ڪريون تہ اسان تي لعنت هجي. ”اسين خدا جي انهيءَ شريعت تي هلنداسين، جيڪا خدا جي ٻانهي موسيٰ جي معرفت ڏني ويئي آهي. اسين خداوند پنهنجي خدا جي سڀني حڪمن ۽ قاعدن قانونن کي مڃينداسون ۽ انهن تي عمل ڪنداسون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 ۽ باقي ٻيا ماڻهو، ڪاهن، لاوي، دربان، ڳائڻ وارا، نتينيم، ۽ اُهي سڀ جن پاڻ کي خدا جي شريعت لاءِ اُنهن ملڪن جي قومن کان ڌار ڪيو هو، سندن زالون، سندن پٽ ۽ سندن ڌيئرون، اُهي سڀ جن کي عقل ۽ علم هو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 10:28
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪاهنَ، لاوي، ۽ ڪجھہ ٻيا ماڻهو يروشلم ۾ ۽ ان جي آس‌پاس آباد ٿي ويا. ڳائڻا، دربانَ ۽ هيڪل جا خدمتگار آس‌پاس وارن ڳوٺن ۾ آباد ٿي ويا. باقي ٻيا بني اسرائيل وارا پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ آباد ٿي ويا


سو بني اسرائيل جيڪي جلاوطنيءَ مان موٽي آيا هئا ۽ اُهي ماڻهو جيڪي ملڪ جي غير قومن جي گندگيءَ مان نڪري پاڻ کي ڌار ڪري خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي عبادت ڪرڻ لاءِ هنن وٽ آيا هئا، تن سڀني گڏجي کاڌو.


جڏهن ماڻهن اِها شريعت ٻڌي، تڏهن هنن سڀني ڌارئي نسل وارن کان بني اسرائيل قوم ۾ فرد هئڻ وارا حق حقوق کسي ڇڏيا.


تڏهن عزرا سڀني ماڻهن، جن ۾ مرد، عورتون ۽ اهي ٻار شامل هئا جيڪي سمجھہ ڀريا هئا، تن جي اڳيان اهو شريعت جو ڪتاب آڻي پڙهڻ لڳو.


خدا آڏو ڪوبہ اٻهرائيءَ وارو واعدو نہ ڪريو. هائو، پنهنجي زبان کي ضرور ضابطي ۾ رکو. خدا عرش عظيم کان اوهان کي ڌرتيءَ تي ڏسي ٿو، تنهنڪري احتياط سان ڳالهايو.


۽ حق سچ، عدالت ۽ سچائيءَ ۾ مون جيئري خداوند جو قسم کڻندءُ، تہ پوءِ سڀ قومون منهنجي نالي جي ڪري برڪت حاصل ڪنديون ۽ مون تي فخر ڪنديون.“


پر مون اوهان کي چيو آهي تہ اوهين انهيءَ ملڪ جا وارث ٿيندا. اهو آسودو ۽ خوشحال ملڪ آهي ۽ آءٌ اوهان کي اهو ملڪيت ڪري ڏيندس. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي ٻين قومن کان ڌار ڪيو آهي.


هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو مسيح يعني عيسيٰ جو ٻانهو آهيان. خدا مون کي رسول ڪري چونڊيو آهي ۽ پنهنجي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ مخصوص ڪيو اٿس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ