Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 1:11 - Muslim Sindhi Bible

11 تنهنڪري تون پنهنجي هن ٻانهي جي دعا ٻڌ ۽ پنهنجي انهن ٻانهن جي دعا ڏانهن بہ ڪن ڏي، جيڪي تنهنجي نالي جي تعظيم ڪري خوش ٿيندا آهن. مهرباني ڪري هاڻي مون کي ڪامياب ڪر ۽ بادشاهہ جي دل ۾ منهنجي لاءِ رحم وجھہ.“ تن ڏينهن ۾ آءٌ بادشاهہ جو ساقي هئس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 اي خداوند، آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان، تہ تون پنهنجي ٻانهي جي دعا ڏانهن، ۽ پنهنجن انهن ٻانهن جي دعا ڏانهن ڌيان سان ڪن ڏي، جي تنهنجي نالي کان ڊڄڻ ڪري خوش ٿين ٿا: ۽ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ اڄوڪي ڏينهن پنهنجي ٻانهي کي فتحياب ڪر، ۽ هن ماڻهوءَ جي اڳيان اُنهيءَ تي رحم ڪر. (هاڻي آءٌ بادشاهہ جو پيالا بردار هوس.)

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 1:11
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اڄ جڏهن آءٌ کوهہ تي آيس تہ دعا گھريم تہ ’اي خداوند، منهنجي مالڪ ابراهيم جا خدا! منهنجو پنڌ سجايو ڪر.


آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي منهنجي ڀاءُ عيسوءَ جي چنبن کان بچاءِ، ڇو تہ آءٌ ڊڄان ٿو تہ متان هو اچي اسان سڀني کي ٻارن ۽ سندن مائرن سميت ماري وجھي.


هن چيس تہ ”اڳتي تنهنجو نالو يعقوب نہ پر اسرائيل سڏيو ويندو، ڇو تہ تون ماڻهن کان علاوہ خدا سان بہ ملهہ وڙهيو آهين ۽ کٽي ويو آهين.“


ڪجھہ ڏينهن کان پوءِ مصر جي بادشاهہ جي ساقيءَ ۽ هڪڙي نانوائيءَ پنهنجي مالڪ مصر جي بادشاهہ جو ڪو ڏوهہ ڪيو.


تنهنڪري فرعون پنهنجي ٻنهي عملدارن، وڏي ساقيءَ ۽ وڏي نانوائيءَ تي ڏاڍو ڪاوڙيو.


هن وڏي ساقيءَ کي وري سندس اڳئين عهدي تي مقرر ڪيو، جنهن فرعون جي هٿ ۾ پيالو ڏنو.


انهيءَ هوندي بہ وڏي ساقيءَ يوسف جي يادگيري ڪانہ ڪئي، بلڪ کيس وساري ڇڏيائين.


تڏهن وڏي ساقيءَ فرعون کي چيو تہ ”اڄ مون کي پنهنجيون خطائون ياد ٿيون پون.


شال قادرِمطلق خدا انهيءَ کي اوهان تي مهربان ڪري، تہ جيئن هو بنيامين ۽ اوهان جي ٻئي ڀاءُ کي اوهان سان گڏ ڇڏي ڏئي. باقي جيڪڏهن آءٌ بي‌اولادي ٿيان تہ ٿيان.“


هاڻي اي منهنجا خدا! شل تون اسان جي هر اها دعا رحم ڪندي قبول ڪرين، جيڪا هن گھر ۾ گھري وڃي.


فارس جي بادشاهہ خورس جي شهنشاهيءَ جي پهرئين سال خداوند يرمياہ نبيءَ جي معرفت ڏنل پنهنجو فرمان پورو ڪرڻ خاطر خورس شهنشاهہ جي دل ۾ هي خيال وڌو تہ هو پنهنجي سڄيءَ شهنشاهت ۾ حڪم‌نامو جاري ڪري اهو اعلان ڪرائي تہ


بابل کان يروشلم ڏانهن روانو ٿيو. موسيٰ جي شريعت جيڪا خداوند، بني اسرائيل جي خدا ڏني هئي، تنهن ۾ هو هوشيار عالم هو. شهنشاهہ هن کي هر اُها شيءِ ڏني جيڪا هن کانئس گھري، ڇاڪاڻ تہ خداوند سندس خدا جو هٿ مٿس هو.


اي منهنجا خداوند! مون تي پنهنجي رحم جي نظر ڪر ۽ ڪن ڏيئي منهنجي دعا ٻڌ، جيڪا آءٌ ڏينهن رات تنهنجي ٻانهن بني اسرائيل لاءِ گھرندو ٿو رهان. آءٌ پنهنجي طرفان، پنهنجي پيءُ جي گھراڻي طرفان ۽ بني اسرائيل جي طرفان اهي گناهہ باسيان ٿو، جيڪي اسان ڪيا آهن.


چئن مهينن کان پوءِ هڪڙي ڏينهن جڏهن بادشاهہ جي اڳيان مئي آندي ويئي، تڏهن مون مئي کڻي بادشاهہ کي ڏني. ان کان اڳ هن مون کي ڪڏهن بہ غمگين نہ ڏٺو هو،


هڪڙو فرمان مون کي شاهي ٻيلي جي رکوالي آسف ڏانهن بہ لکي ڏنو وڃي، تہ هو مون کي عمارتي ڪاٺ ڏئي، تہ جيئن خداوند جي گھر جي ڀر واري قلعي ۽ ڪوٽ جون ڀتيون ۽ دروازا ۽ جنهن گھر ۾ آءٌ رهندس تنهن جا دروازا ۽ ٻيو سامان ٺهرايان.“ جيئن تہ منهنجي خدا جو مون تي مهربانيءَ جو هٿ هو، تنهنڪري بادشاهہ منهنجا سڀيئي عرض قبول ڪيا.


پوءِ جن کين پنهنجي قبضي ۾ رکيو هو، خداوند تن سڀني جي دلين ۾ سندن واسطي قياس وڌو.


اي ڌڻي! تون منهنجو آواز ٻڌ، اي منهنجا رب! منهنجي منٿ واري آواز تي پنهنجو ڪن ڏي.


اي خدا! تو منهنجيون باسون پوريون ڪيون آهن، ۽ مون کي انهن جي ميراث ۾ شريڪ ڪيو اٿيئي، جيڪي تنهنجو خوف ٿا رکن.


اي خداوند! تون منهنجي دعا ٻڌ، تون منهنجيءَ منٿ تي پنهنجو ڪن ڏي.


ڇاڪاڻ تہ اوهان سمجھہ کي ڌڪاريو ۽ خداوند جو خوف رکڻ کان انڪار ڪيو.


خداوند حڪمرانن کي پنهنجي قابوءَ ۾ ٿو رکي، هو جيڏانهن چاهي ٿو، تيڏانهن پاڻيءَ جي واهين وانگر کين وهائي ٿو.


آءٌ اوهان تي مهربان ٿيندس، تہ جيئن هو اوهان تي رحم ڪري اوهان کي پنهنجن پنهنجن گھرن ۾ آباد ٿيڻ ڏئي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘


تڏهن جيڪي خداوند کان ڊپ رکڻ وارا هئا تن پاڻ ۾ گفتگو ڪيو، جيڪو خداوند ٻڌي ورتو. پوءِ خداوند جي حضور ۾ انهن جي يادگيريءَ لاءِ ڪتاب لکيو ويو جنهن ۾ انهن خداوند جو خوف رکندڙن ۽ کيس تعظيم ڏيندڙن جا نالا هئا.


اسان جي لاءِ دعا گھرندا رهو، اهو اعتماد رکندي تہ اسان جي نيت صاف آهي ۽ اسين هر طرح سان نيڪيءَ واري زندگي گذارڻ ٿا چاهيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ