Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ناحوم 3:9 - Muslim Sindhi Bible

9 سوڊان ۽ مصر ان جي بي‌انتها طاقت جا مظهر هئا، ۽ ان جي اتحادين مان لبيا بہ هڪ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ڪوش ۽ مصر انهيءَ جو زور هئا، انهي جي حد ئي ڪانہ هئي؛ فوطہ ۽ لوبيم تنهنجا مددگار هئا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ناحوم 3:9
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

حام جي پٽن جا نالا هئا: ڪُوش، مصر، لبيا ۽ ڪنعان.


حام جو اولاد ڪُوش، مصر، لبيا ۽ ڪنعان هئا.


هن سان ٻارهن سؤ جنگي گھوڙي گاڏيون ۽ سٺ هزار گھوڙي سوار هئا. هن سان گڏ مصر مان آيل ماڻهو بي‌شمار هئا، جيڪي لبيا، سوڪي ۽ سوڊان ملڪن مان هئا.


ڇا سوڊان ۽ لبيا جي ماڻهن جو لشڪر بي‌شمار گاڏين ۽ گھوڙي سوارن سميت تمام وڏو لشڪر نہ هو؟ انهيءَ هوندي بہ تو جڏهن خداوند تي ڀروسو ڪيو هو تڏهن هن اهي تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيا هئا.


پوءِ اهي جيڪي سوڊان ۽ مصر کي پنهنجي اميد ۽ فخر سمجھندا هئا، سي پريشان ۽ مايوس ٿي ويندا.


سندن سالارن حڪم ٿي ڪيو تہ ’اي گھوڙي سوارؤ! اوهين گھوڙن کي ڌوڪيندا هلو. اي جنگي گھوڙي گاڏين وارؤ! طوفاني رفتار سان هلو. اوهين اي سوڊان ۽ لبيا وارؤ! جيڪي ڍالون کڻندڙ آهيو، ۽ اوهين اي لود وارؤ! جيڪي تيرڪمان کڻندڙ آهيو، هائو، اي جوڌا جوانؤ! اوهين اڳتي وڌندا هلو.‘“


فارس، لود ۽ لبيا جا ماڻهو تنهنجي لشڪر جا بهادر سپاهي هئا. انهن جي ڍالن ۽ جنگي ٽوپن جي ڏسڻ سان تنهنجو شان وَ شوڪت وڌيو پئي.


ڇاڪاڻ تہ هنن جڏهن تو کي هٿ ۾ ٿي جھليو، تڏهن تون ٽٽي ٿي پئين ۽ سندن ڪلها زخمي ڪري ٿي وڌءِ. جيئن ڪانن جي لٺ ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي ٿي، ۽ ٽيڪ ڏيڻ واري جي چيلهہ ڪمزور ٿي لڏي وڃي ٿي. تيئن ئي جڏهن هنن تو تي ٽيڪ ٿي ڏني، تڏهن تو هنن جي ڪابہ مدد نہ ٿي ڪئي.


سوڊان، لبيا، لود، ڪُوب ۽ ٻين قومن جا ڪرايي وارا سپاهي، بلڪ بني اسرائيل جا ڪي ماڻهو پڻ ان جنگ ۾ ماريا ويندا.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون مصر جي بادشاهہ فرعون ۽ سندس ماڻهن کي منهنجو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي مصر وارؤ! اوهين ڪيڏا نہ زورآور آهيو! آءٌ اوهان کي ڪنهن سان ڀيٽيان؟


انهن سان گڏ فارس، سوڊان ۽ لبيا جي ماڻهن کي بہ گهلي ڪڍندس، جيڪي سڀيئي سپربردار ۽ جنگي ٽوپ پهريل هوندا.


هو مصر جي سون ۽ چانديءَ جي خزانن، بلڪ سڀني قيمتي شين تي قبضو ڪري وٺندو. لبيا وارا توڙي سوڊاني پڻ سندس تابعدار ٿيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ