Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ناحوم 3:7 - Muslim Sindhi Bible

7 پوءِ جيڪو بہ تو کي ڏسندو سو تو کان ڀڄي پري ٿيندو، ۽ چوندو تہ ’ڏسو، نينواہ تہ کنڊر بڻجي ويو آهي. ڪير ان تي ترس کائيندو؟ ڪير آهي جيڪو هن کي دلاسو ڏئي؟‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ ائين ٿيندو تہ جيڪي توکي ڏسندا سي توکان ڀڄي پري ٿيندا، ۽ چوندا تہ نينوہ ويران ڪئي ويئي آهي؛ ڪير اُنهي جي لاءِ ماتم ڪندو؟ توکي دلاسي ڏيڻ وارا ڪٿان ڳوليان؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ناحوم 3:7
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو تي ٻِٽيون مصيبتون اچي پيون آهن. هائو، تنهنجو ملڪ نہ رڳو جنگ ۾ برباد ٿي رهيو آهي، بلڪ تنهنجي قوم ڏڪار سبب مري رهي آهي. ڪوبہ ناهي جيڪو تو سان غمخواري ڪري، ڪوبہ ناهي جيڪو تو کي دلداري ڏئي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! ڪنهن کي اوهان تي رحم ايندو؟ ڪير اچي اوهان جو همدرد ٿيندو؟ ڪير پنهنجي راهہ کان لڙي اچي اوهان کان خير عافيت پڇندو؟


تنهنڪري قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ بابل جي بادشاهہ ۽ سندس ملڪ کي اهڙي ئي سزا ڏيندس، جهڙي مون اشور جي شهنشاهہ کي ڏني هئي.


پر اهي چوندا تہ ”اسان بابل جا زخم ڇٽائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان جا زخم ڇٽي نہ سگھيا. سو ڇڏي ڏيوس. هلو تہ اسين پنهنجي پنهنجي وطن موٽي هلون، ڇاڪاڻ تہ بابلين جي سزا چوٽ چڙهي ويئي آهي.“


اي منهنجا پيارا صيئون! اي منهنجا شهر يروشلم! آءٌ تنهنجي تباهيءَ جو ڪهڙو مثال ڏيان؟ آءٌ ڪهڙي واقعي سان ڀيٽ ڪري تو کي دلاسو ڏيان؟ تو جهڙيون تڪليفون تہ ڪڏهن بہ ڪنهن ڪونہ سٺيون هونديون. سمنڊ جيان تنهنجي مصيبت جي بہ ڪا حد ئي ڪانهي. آہ! تنهنجو بچاءُ ڪهڙيءَ بہ طرح ٿي نہ ٿو سگھي!


هي القوش ڳوٺ جي رهاڪو ناحوم جي ڏٺل رويا جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ نينواہ شهر بابت پيغام ڏنل آهي.


خداوند اتر طرف پنهنجو هٿ کڻي اشور کي ناس ڪري ڇڏيندو. جڏهن تہ هو ان جي گاديءَ واري شهر نينوہ کي ويران ۽ بيابان جهڙو خشڪ ڪري ڇڏيندو.


سڀ بني اسرائيل جيڪي انهن جي آس‌پاس هئا سي انهن جون دانهون ٻڌي اُٿي ڀڳا. رڙيون ڪندي چيائون ٿي تہ ”اُٿو! ڀڄو! متان زمين اسان کي بہ نہ ڳهي وڃي.“


اهي سندس ايذاءَ ڏسي ڊپ وچان پري بيهي چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اي وڏا ۽ مضبوط شهر بابل! تو کي هڪڙي ئي ڪلاڪ ۾ سزا ڏني ويئي آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ