ناحوم 3:5 - Muslim Sindhi Bible5 قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي نينواہ ڪڃري! آءٌ تنهنجي خلاف آهيان. آءٌ تنهنجو دامن تنهنجي ڳچيءَ تائين مٿي کڻي قومن کي تنهنجي اوگھڙ ۽ بادشاهتن کي تنهنجو شرم ڏيکاريندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible5 لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان؛ آءٌ تنهنجو دامن اُٿلائي تنهنجي منهن تي وجهندس، ۽ قومن ۾ توکي اُگهاڙو ۽ بادشاهتن ۾ توکي بي شرم ڪندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
ڏس، انهيءَ جي بدلي آءٌ تنهنجا اهي سڀ يار جن تو سان مزا پئي ماڻيا، هائو، اهي سڀ جن کي تو پيار پئي ڪيو آهي ۽ اهي سڀ بہ جن کي تو پئي ڌڪاريو آهي، سي آڻي گڏ ڪندس. آءٌ انهن کي هر طرف کان آڻي تنهنجي خلاف گڏ ڪندس. هنن جي اڳيان آءٌ تنهنجي اوگھڙ ظاهر ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ ڀلي تہ اهي تو کي پوريءَ طرح اگھاڙو ڏسن.