Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ناحوم 3:3 - Muslim Sindhi Bible

3 سوارن جو گھوڙن تي چڙهڻ، تلوارن جا چمڪاٽ ۽ نيزن جا تجلا، مئلن جا ڍير، بي‌شمار لاش، ۽ لاشن جي ڍيرن مٿان ماڻهو ٿاٻڙندا ٿا وتن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 گهوڙي سوار، چمڪندڙ ترار ۽ تجلو ڪندڙ نيزي سان حملو ٿو ڪري؛ ۽ بيشمار ماريل ۽ مڙهن جو ڍير ۽ لاشن جي پڄاڻي ئي ڪانهي: هو مڙهن تي پيا آٿڙن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ناحوم 3:3
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ اوڀر پاسي باغ جي لنگھہ وٽ پردار آسماني مخلوق سان گڏ هڪ تجليدار تلوار مقرر ڪيائين جيڪا چئني پاسن تي پيئي ڦري، تہ جيئن ڪوبہ باغ اندر زندگيءَ جي وڻ جي ويجھو وڃي نہ سگھي.


سو انهيءَ رات ڇا ٿيو جو خداوند جو هڪڙو ملائڪ نڪري آيو ۽ اشورين جي لشڪرگاهہ ۾ هڪ لک پنجاسي هزار ماڻهن کي ماري ڇڏيائين. ٻئي ڏينهن صبح جو سوير ماڻهن ڇا ڏسن تہ رڳو لاش ئي لاش پيا آهن.


انهن جا قتل ٿيل دفن نہ ٿيندا بلڪ ڦٽا ڪيا ويندا، سندن لاشن مان بدبوءِ نڪرندي. انهن جو رت جبلن تان وهي هلندو.


سو خداوند جو هڪڙو ملائڪ اشورين جي لشڪرگاهہ ۾ ڪاهي پيو ۽ اٽڪل هڪ لک پنجاسي هزار ماڻهن کي ماري ڇڏيائين. صبح جو سوير ماڻهو ڇا ڏسن تہ رڳو لاش ئي لاش پيا آهن.


هو پنهنجي باهہ ۽ تلوار سان دنيا جي هر ڏوهاري ماڻهوءَ کي سزا ڏيندو. هائو، گھڻن ئي کي قتل ڪيو ويندو.


تون پنهنجي سڄي لشڪر ۽ اتحادي قومن سميت بني اسرائيل جي جابلو علائقن ۾ ماريو ويندين. اوهان جا لاش کلئي ميدان ۾ پيل هوندا جتي پکي ۽ جھنگلي جانور اوهان جو ماس کائي ويندا. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘“


جيتوڻيڪ ڪوبہ سندن پٺيان نہ پيو هوندو، تڏهن بہ جيئن ڪو تلوار کان ڀڄي، تيئن اهي هڪٻئي جي مٿان ٿيڙ کائي ڪرندا. اوهان منجھان ڪنهن کي دشمن جي اڳيان بيهڻ جي بہ طاقت نہ ٿيندي.


هنن جون جنگي گھوڙي گاڏيون ڇوهہ مان رستن تي ڊوڙن ٿيون، چونڪن وٽان هيڏانهن هوڏانهن اچن وڃن ٿيون. اهي گاڏيون ڏسڻ ۾ ٻرندڙ مشعل وانگر آهن، ۽ وڄ وانگر چمڪن ٿيون.


تنهنجي اڏامندڙ تيرن جي چمڪ، ۽ تنهنجي چمڪندڙ نيزي جي تجليءَ جي ڪري، سج ۽ چنڊ آسمانن ۾ ڄمي بيهي رهيا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ