Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ناحوم 3:19 - Muslim Sindhi Bible

19 تنهنجي زخم جو ڪوبہ علاج ڪونهي، ڇوجو تنهنجو زخم ناسور ٿي ويو آهي. جيڪو بہ تنهنجي باري ۾ ٻڌي ٿو، سو تنهنجي زوال تي خوشيءَ مان تاڙيون ٿو وڄائي، ڇاڪاڻ تہ اهڙو ڪوبہ ناهي، جيڪو تنهنجي ظلم جو نشانو نہ بڻيو هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ڪوبہ تنهنجي دل کي تسلي ڏيڻ وارو ڪونهي؛ تنهنجو زخم سخت آهي: جيڪي تنهنجي شڪست جو ٿا ٻڌن، سي تو تي تاڙيون ٿا وڄائين؛ ڇالاءِ جو اُهو ڪير آهي، جنهن تي سدائين تنهنجي شرارت جو بار نہ هو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ناحوم 3:19
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اهو وڌيڪ غضبناڪ ٿي سندن پٺيان پوندو، ۽ زوڪاٽ ڪندي کين پنهنجي جاءِ تان ڀڄائي ڪڍندو.“


بيشڪ، تو کي معلوم آهي تہ اسان اشور وارن سڀني ملڪن سان ڇا ڇا ڪيو آهي ۽ ڪيئن نہ کين برباد ڪيو اٿئون. تہ پوءِ ڇا تون بچي سگھندين؟


اي خداوند! اهو سچ آهي تہ اشور جي شهنشاهن ڪيترين ئي قومن کي سندن ملڪن سميت برباد ڪري ڇڏيو آهي.


ٻڌو، خبر آئي آهي تہ اتر واري قوم ۾ وڏو هل هنگامو آهي! انهيءَ جو لشڪر يهوداہ جي شهرن کي ويران ڪري گدڙن جي جوءِ بڻائي ڇڏيندو.“


خداوند پنهنجي قوم کي وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”اوهان جو زخم لاعلاج آهي، اوهان جو ڦٽ ڇٽڻ محال آهي.


اي مصر وارؤ! اوهين هڪ ڪنواري ڇوڪريءَ مثل آهيو، جيڪا ڀلي پنهنجي لاءِ دوا وٺڻ واسطي جِلعاد ڏانهن پيئي ڊوڙي. هائو، هوءَ طرح طرح جون دوائون ڪم ٿي آڻي، جيڪي بلڪل بي‌فائدي آهن، ڇاڪاڻ تہ هن لاءِ شفا تہ آهي ئي ڪونہ.


هاڻ اي پيارا يروشلم! تو وٽان لنگھندڙ سڀيئي ماڻهو ڪنڌ لوڏي تو تي ٺٺوليون ٿا ڪن. اهي طعنا هڻندي ۽ تنهنجي برباديءَ تي کلندي چون ٿا تہ ”ڇا هي اهو ئي شهر نہ آهي، جنهن کي ماڻهو تمام سهڻو شهر، ۽ دنيا جو فخر ڪري سڏيندا هئا؟“


اوهان بني اسرائيل سان ايتري تہ سخت نفرت ڏيکاري آهي جو انهن جي ملڪ جي برباديءَ تي تاڙيون وڄائي خوشيءَ مان ٽپا ڏنا اٿوَ ۽ دل وَ جان سان جشن ملهايا اٿوَ.


”اُٿ، وڏي شهر نينواہ ڏانهن وڃ ۽ اُتان جي ماڻهن کي ٻڌاءِ تہ مون کي خبر آهي تہ اوهين بدڪار ٿي ويا آهيو.“


سامريہ جا زخم لاعلاج آهن، ۽ ساڳي ئي حالت يهوداہ سان بہ ٿيڻي آهي. بيشڪ بربادي منهنجي قوم جي واپاري مرڪز مٿان اچي پهچڻ واري آهي، هائو، يروشلم مٿان ڪڙڪڻ واري آهي.


انهيءَ کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن سان جنگ ڪري کين شڪست ڏئي. هن کي سڀني قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ ذاتين تي حڪمرانيءَ جو اختيار ڏنو ويو.


انهيءَ سان ڌرتيءَ جي بادشاهن زناڪاري ڪئي ۽ ڌرتيءَ جا رهاڪو هن جي زناڪاريءَ جي مئي مان پي ڪري الوٽ ٿي پيا هئا.“


مون هي بہ ٻڌو تہ ”اي آسمان! انهيءَ شهر تي خوشيون ڪر، اي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلؤ! اي عيسيٰ بابت خوشخبري ۽ خدا جو پيغام ٻڌائيندڙؤ! اوهين انهيءَ شهر تي خوشيون ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خدا عدالت ڪري هن کان اوهان جو بدلو وٺي ٿو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ