Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ناحوم 3:18 - Muslim Sindhi Bible

18 اي اشور جا شهنشاهہ! تنهنجا گورنر ماريا ويا آهن، ۽ تنهنجي اميرن کي موت جي ننڊ وٺي ويئي آهي. تنهنجي رعيت جبلن تي ڪڻو ڪڻو ٿي ويئي آهي، ۽ ڪوبہ ڪونهي جيڪو انهن کي گڏ ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 اي اسور جا بادشاهہ، تنهنجا ڌنار سمهيا پيا آهن، تنهنجا امير آرام ۾ آهن، تنهنجي رعيت جبلن تي پکڙي پيئي آهي، ۽ ڪوبہ انهن کي گڏ ڪرڻ وارو ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ناحوم 3:18
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ميڪاياہ وراڻيو تہ ”مون اسرائيل وارن کي جبلن جي مٿان ائين پکڙيل ڏٺو جيئن ڌنار کان سواءِ رڍون هونديون آهن. خداوند فرمايو تہ ’هنن جو ڪوبہ ڌڻي سائين ڪونهي، سو چڱائي انهيءَ ۾ اٿن جو هو پنهنجي پنهنجي گھر سلامتيءَ سان موٽي وڃن.‘“


هائو، انهن سڀني تي خوف ۽ دهشت اچي ڪڙڪي. تنهنجي قدرت جي حشمت ڏسي اهي پٿر جا بت بڻجي ويا، جيستائين اي خداوند! تنهنجي ڇڏايل قوم وٽانئن لنگھي نہ ويئي.


انهيءَ ڏينهن بابل ۾ رهندڙ سڀيئي ڌاريا ماڻهو پنهنجين قومن ۽ پنهنجن ملڪن ڏانهن ائين ڀڄي نڪرندا، جيئن ڪا هرڻي شڪاريءَ کان ڀڄي نڪري. هائو، اهي نڌڻڪين رڍن وانگر ٽڙي پکڙي ويندا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بابل جي وسندي! تون جيڪا هڪ ڪنواري ڇوڪريءَ مثل آهين، ۽ ڪنهن تو کي هٿ بہ نہ لاتو آهي، سا هيٺ لهي مٽيءَ تي ويهہ. هائو، تون تخت تان لهي پٽ تي ويهہ، ڇاڪاڻ تہ آئيندہ تو کي نازڪ ۽ نازنين ڪنواري ڪڏهن بہ نہ سڏيو ويندو، بلڪ هاڻي تون غلام ٿيندينءَ.


تنهنڪري قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ بابل جي بادشاهہ ۽ سندس ملڪ کي اهڙي ئي سزا ڏيندس، جهڙي مون اشور جي شهنشاهہ کي ڏني هئي.


پر جڏهن سندن پيٽ ۾ بک جي باهہ ڀڙڪندي، تڏهن آءٌ هنن جي اهڙي مهماني ڪندس، جو سزا جو شراب پيئاري پيئاري کين مست ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ هنن کي ايڏو تہ نشو چڙهي وڃي، جو هو هميشہ واري ننڊ سمهي پون ۽ وري نہ جاڳن.


آءٌ بابل جي سردارن، ڏاهن، حاڪمن، سپهہ‌سالارن ۽ جنگي جوڌن کي سزا جو شراب پيئاري پيئاري مست ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ هنن کي ايڏو تہ نشو چڙهي وڃي، جو هو هميشہ واري ننڊ سمهي پون ۽ وري نہ جاڳن. اُهو آءٌ بادشاهہ ٿو چوان، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي.


ڌرتيءَ جا بادشاهہ، حاڪم، فوجي سردار، دولتمند ۽ زورآور، غلام توڙي آزاد هر ڪو ماڻهو جبلن جي غارن ۽ ڇِپن ۾ وڃي لڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ