Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ناحوم 3:13 - Muslim Sindhi Bible

13 پنهنجي لشڪر تي تہ نگاهہ ڪر، اهي عورتن وانگر ٿي پيا اٿيئي. تنهنجي ملڪ جون سرحدون دشمنن لاءِ کُليون پيون اٿيئي، ڄڻ تہ تنهنجي دروازن جي گزن کي باهہ ساڙي ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ڏس، جيڪي ماڻهو تنهنجي وچ ۾ آهن، سي زالن جهڙا ٿي پيا آهن؛ تنهنجي ملڪ جا دروازا تنهنجن دشمنن لاءِ کولي ڏنا ويا آهن؛ باهہ تنهنجا گز ساڙي ڇڏيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ناحوم 3:13
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيشڪ هو پتل جا مضبوط دروازا بہ ٽوڙي ڇڏي ٿو، ۽ لوهہ جي سيخن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏي ٿو.


ڇاڪاڻ تہ هُن تنهنجي دروازن جا گز مضبوط ڪيا آهن، ۽ تنهنجي رهاڪن کي برڪت عطا ڪئي اٿائين.


جڏهن خداوند قادرِمطلق پنهنجي زورآور هٿ سان مصرين کي سزا ڏيندو، تڏهن اهي ڊپ وچان ڏڪندا ۽ کين دهشت وٺي ويندي. هائو، اهي عورتن جهڙا ڊڄڻا ٿي پوندا.


آءٌ اوهان جي ڪوڙين اڳڪٿي ڪندڙن تي بہ اها تلوار کڙي ڪندس، جنهن مان ثابت ٿيندو تہ اهي بي‌وقوف آهن. اوهان جا بهادر مرد بہ انهيءَ تلوار کان بچي نہ سگھندا، ۽ منجھن خوف وَ حراس ڦهلجي ويندو.


اوهان جي گھوڙن توڙي جنگي گھوڙي گاڏين تي بہ آءٌ تلوار کڙي ڪندس. اوهان جا ڌارين قومن وارا سمورا اتحادي بہ انهيءَ کان بچي نہ سگھندا، بلڪ اهي عورتن وانگر ڊڄڻا ٿي پوندا. منهنجي انهيءَ تلوار کان اوهان جا خزانا بہ بچي نہ سگھندا، بلڪ اهي لٽجي ڦرجي ويندا.


بابل جا بهادر ڊڄي جنگ ڪرڻ کان پٺتي هٽي ويا آهن، ۽ وڃي پنهنجن قلعن ۾ لڪا آهن. هو پنهنجي همت هاري عورتن جهڙا ڊڄڻا ٿي پيا آهن. هوڏانهن دشمن سندن شهرن جي ڪوٽن جا دروازا ڀڃن ٿا، ۽ شهرن اندر گھڙي هر گھر کي باهہ ٿا ڏين.


ادوم ملڪ مٿان آءٌ اهڙي مصيبت آڻيندس جو تيمان شهر جا جنگي جوڌا بہ ڊڄي ويندا. تڏهن سڄي ملڪ جي ماڻهن کي نيست وَ نابود ڪيو ويندو.“


جڏهن دريائن جا بند ٽوڙيا ٿا وڃن، تڏهن محلاتن ۾ هيبت ۽ ڏهڪاءُ ٿو پکڙجي وڃي.


اتي جي راڻيءَ کي بي‌حرمتو ڪري ۽ قيدي بڻائي نيو وڃي ٿو. راڻيءَ جون ٻانهيون ڳيرين وانگر روئندي ماتم ڪن ٿيون، ۽ پنهنجيون ڇاتيون پٽين ٿيون.


پر تڏهن بہ اُتي باهہ تو کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي، ۽ تلوار تو کي ڪپي ڇڏيندي. تنهنجي لشڪر کي ائين کائي چٽ ڪيو ويندو، جيئن ماڪڙ کائيندي آهي. تون تہ ماڪڙ وانگر وڌي ويو آهين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ