Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ناحوم 3:10 - Muslim Sindhi Bible

10 تنهن هوندي بہ اهو سڄو شهر قيد ڪري نيو ويو، ۽ ان جا ٻارڙا بہ هر گھٽيءَ جي چونڪ تي اڇلائي ماريا ويا. ان جا سڀيئي وڏا ماڻهو زنجيرن سان جڪڙيا ويا، ۽ کين غلام بڻائڻ لاءِ ڪڻا وڌا ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 انهيءَ هوندي بہ هوءَ قيد ٿي کڄي ويئي: انهي جا ننڍڙا ٻار بہ سڀني گهٽين ۾ اُڇلائي پرزا پرزا ڪيا ويا؛ ۽ ان جي آبرو وارن ماڻهن جي لاءِ هنن ڪڻا وڌا، ۽ ان جي سڀني وڏن ماڻهن کي زنجير سان ٻڌائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ناحوم 3:10
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن حزائيل کانئس پڇيو تہ ”منهنجا سائين! ڇو ٿا روئو؟“ هن ورندي ڏنس تہ ”مون کي انهيءَ نقصان جي خبر آهي جيڪو تون اسرائيل وارن کي پهچائيندين. هنن جا مضبوط ڪوٽ تون باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيندين، هنن جا جوان ماڻهو تون تلوار سان قتل ڪندين، هنن جا ننڍڙا ٻار زمين تي اڇلائي اڇلائي ماري ڇڏيندين ۽ هنن جي پيٽ وارين عورتن جا تون پيٽ ڦاڙيندين.“


ڇا اوهين اهڙا سنگدل ٿيا آهيو جو ڪُڻا وجھي يتيمن کي غلام بڻايو؟ ڇا اوهين دوستن کي واپاري مال بڻائڻ وارا ٿيندا؟


ٻڌو، اي بابل وارؤ! اوهين جيڪي برباد ٿيڻ تي آهيو. اهي ماڻهو سڀاڳا هوندا، جيڪي توهان سان اهڙي ئي هلت ڪندا، جهڙي توهان اسان سان ڪئي هئي.


بيشڪ اهي سڀاڳا هوندا، جيڪي توهان جي ٻارن کي کڻي زور سان ٽڪر تي هڻندا.


ڀل تہ هو انهن جي بادشاهن کي زنجيرن سان ٻڌي ڇڏين، ۽ سندن اميرن کي لوهي هٿڪڙيون هڻي ڇڏين،


انهن جي کير پياڪ ٻارن کي سندن روبرو هيٺ اڇلائي ماريو ويندو. سندن گھرن کي لٽيو ڦريو ويندو، ۽ سندن عورتن سان زوري ڪئي ويندي.


هاڻي اوهين روئو ۽ رڙيون ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جو سزا وارو ڏينهن ويجھو اچي پهتو آهي. اهو ڏينهن قادرِمطلق طرفان تباهيءَ وارو ڏينهن هوندو.


آءٌ مصرين کي هڪڙي جابر ۽ ظالم حاڪم جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس. جيڪو مٿن حڪمراني ڪندو. اهو مون خداوند قادرِمطلق جو فرمان آهي.“


اهڙي ئي نموني اشور جو شهنشاهہ مصر ۽ سوڊان وارن کي پڪڙي جلاوطن ڪري وٺي ويندو، پوءِ اهي ننڍا هجن توڙي وڏا، کين بلڪل انگ اگھاڙو پنهنجي ملڪ ڏانهن وٺي ويندو، جنهن ڪري مصري خوار خراب ٿيندا.


اُٿ سجاڳ ٿيءُ، سڄي رات جاڳي پروردگار کي مدد لاءِ ٻاڏائيندو رهہ. هائو، رب آڏو پنهنجيءَ دل جا سڀيئي سور کولي بيان ڪر. جيڪي باقي بچي ويل تو اندر موجود آهن، تن جي حياتي بچائڻ لاءِ خداوند کان رحم جي دعا گھر. سندن ٻار شهر جي هر گھٽيءَ ۾ بک وگھي پيا مرن.


آہ! ڪيئن نہ چمڪندڙ سون جھڪو ٿي ويو آهي! هائو، تمام نج سون ڪيئن نہ چمڪ وڃائي ويٺو آهي! قيمتي هيرا جواهر ڪيئن نہ گھٽين ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن!


ڇاڪاڻ تہ هنن جڏهن تو کي هٿ ۾ ٿي جھليو، تڏهن تون ٽٽي ٿي پئين ۽ سندن ڪلها زخمي ڪري ٿي وڌءِ. جيئن ڪانن جي لٺ ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي ٿي، ۽ ٽيڪ ڏيڻ واري جي چيلهہ ڪمزور ٿي لڏي وڃي ٿي. تيئن ئي جڏهن هنن تو تي ٽيڪ ٿي ڏني، تڏهن تو هنن جي ڪابہ مدد نہ ٿي ڪئي.


اسرائيل جي سامريہ شهر وارن کان بدلو ورتو ويندو، ڇاڪاڻ تہ اهي پنهنجي خدا کان باغي ٿي ويا آهن، اهي جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا، سندن ٻارن کي اڇلائي ماريو ويندو، ۽ سندن حمل وارين عورتن جا پيٽ ڦاڙيا ويندا.“


هنن منهنجي قوم جي قيدين کي پاڻ ۾ ورهائڻ لاءِ ڪڻا وڌا آهن. هنن ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين کي ڪڃريون گھرائڻ ۽ شراب خوريءَ جي عيوض وڪڻي ڇڏيو آهي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”عمون علائقي وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن پنهنجي سرحدن کي وڌائڻ جي انڌ ۾ جِلعاد علائقي جي حاملہ عورتن جا بہ پيٽ ڦاڙي ڇڏيا.


جنهن ڏينهن بابلي دشمنن يروشلم جا دروازا ٿي ڀڳا، ۽ شهر جي مال ملڪيت کي لٽي ڦري پاڻ ۾ ٿي ورهايائون، تنهن ڏينهن اوهان هڪ پاسي خاموشيءَ سان بيٺي تماشو ڏٺو. سو اوهين بہ انهن بڇڙن ڌارين وانگر ئي بڇڙا آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ