Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ناحوم 3:1 - Muslim Sindhi Bible

1 مصيبت آهي ان خوني شهر لاءِ، جيڪو ڪوڙ ۽ ڦر سان ٽمٽار آهي، جيڪو ڦر ۽ خون خرابي کان باز نہ ٿو اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 افسوس آهي انهيءَ خوني شهر تي! اُهو سڄو ڪوڙ ۽ لُٽ سان ڀريل آهي. هو لٽ مار کان باز نٿو اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ناحوم 3:1
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين ظلم تي ڀروسو نہ رکو، ۽ نہ وري ڦرمار تي مغرور ٿيو. جيڪڏهن اوهان جي دولت وڌي بہ وڃي، تہ انهيءَ تي دارومدار نہ رکو.


شام جي وقت اهي دهشت بڻجي اچي ڪڙڪندا، مگر صبح ٿيڻ کان اڳ ئي نابود ٿي ويندا. انهن دشمنن جو اهو ئي مقدر آهي، جيڪي ڪاهہ ڪري اچي اسان کي لٽين ڦرين ٿا.


مئي پيئڻ وارن جي خوشيءَ جا گيت ٻڌڻ ۾ نہ ايندا، بلڪ نشي واري ڪابہ شيءِ پيئڻ واري کي ڪو مزو نہ ڏيندي.


ڀلا اوهان بني يعقوب کي لٽ جو مال بڻائڻ وارو ڪير هو؟ هائو، ڪنهن اوهان بني اسرائيل وارن کي ڦورن جي حوالي ڪيو؟ بيشڪ اهو سڀ خداوند ئي ڪيو، جنهن جو اسان گناهہ ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ سندس واٽ تي اسان هلڻ نہ گھريو، ۽ سندس شريعت جي تابعداري نہ ڪئي سون.


اٽلندو هتي ڦٽ لعنت آهي، ۽ ڪو ڪنهن سان سچو نہ آهي. هائو، هتي خونريزي، چوري ۽ زناڪاريءَ جو راڄ آهي. ڏوهہ ايترا تہ وڌي ويا آهن جو خونن مٿان خون پيا ٿين.


شينهَن پنهنجن ٻچڙن جي کاڌي لاءِ گھڻن ئي کي ماريو آهي، ۽ پنهنجين مادين لاءِ گھڻو ئي شڪار ڪيو اٿن، هنن پنهنجي غار ۽ چُر شڪار سان ڀري ڇڏيون آهن.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي نينواہ! آءٌ تنهنجي خلاف آهيان. آءٌ تنهنجيون گھوڙي گاڏيون ساڙي رک ڪري ڇڏيندس ۽ تنهنجا شينهن جهڙا جوان تلوار سان ماري ڇڏيندس. آءٌ تنهنجو ڪيل شڪار تو کان کسيندس. تنهنجي پاران ڌمڪي ڏيندڙن جو آواز اڳتي ٻڌڻ ۾ ئي نہ ايندو.“


ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي رت وهائي ڳوٺن جو بنياد ٿا وجھو، ۽ ڏوهہ ڪندي شهر ٿا اڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ