Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ناحوم 2:9 - Muslim Sindhi Bible

9 چيو وڃي ٿو تہ ”چاندي لٽيو، سون لٽيو، دولت جي ڪا کوٽ ڪونهي ۽ نہ خزانو کٽڻ جو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 اوهين چاندي لُٽيو، ۽ سون لُٽيو، ڇالاءِ جو خزانو کُٽڻ جو ڪونهي ۽ عمدي سامان جي پڄاڻي ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ناحوم 2:9
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

نئين سال جي بهار جي موسم ۾ بادشاهہ نبوڪدنضر لشڪر موڪلي هن کي بابل ۾ آڻايو ۽ ساڻس گڏ خداوند جي گھر مان قيمتي شيون بہ آڻايائين ۽ يهوياڪين جي چاچي صدقياہ کي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جو بادشاهہ مقرر ڪيائين.


ويل آهي اوهان لاءِ اي دشمنؤ! جيڪي ٻين کي تہ برباد ڪريو ٿا، پر پاڻ برباد نہ ڪيا ويا آهيو، هائو، اوهين جيڪي ٻين سان تہ ٺڳي ڪريو ٿا، پر اوهان سان ٺڳي نہ ڪئي ويئي آهي. مگر هاڻ جڏهن اوهين ٻين کي برباد ڪري بس ڪندا، تڏهن پاڻ برباد ڪيا ويندا. هائو، جڏهن اوهين ٻين سان ٺڳي ڪري بس ڪندا، تڏهن ماڻهو اوهان سان ٺڳي ڪندا.


پوءِ اسين مٿن حملو ڪري کين ائين لٽيون ڦريون ٿا، جيئن ماڪڙ جا ڪٽڪ فصل کائي چٽ ڪريو ڇڏين.


اي اڳواڻؤ! واءِ‌ويلا ڪريو ۽ روئو رڙو. هائو، اوهين جيڪي خداوند جي قوم، يعني سندس ڌڻ جا ڌنار آهيو، سي مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پايو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي ڪسجڻ جا ڏينهن اچي پهتا آهن. اوهان کي ٽاڪُئين ٿانوَ جيان ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو ويندو.


پر آءٌ هي ڇا ٿو ڏسان؟ مصر جي لشڪر وارا تہ خوف ۾ وٺجي ويا آهن، هو پٺ تي هٽي ويا آهن. هنن جا جوڌا جوان شڪست کائي ويا آهن. هو پٺ تي نهارڻ بنا ڀڳا ٿا وڃن. هر طرف ڏهڪاءُ ئي ڏهڪاءُ پکڙيل آهي.


هڪ تباهي مچائيندڙ لشڪر بابل تي ڪاهي آيو آهي. بابل جا جنگي جوڌا پڪڙيا ويا آهن، ۽ انهن جا جنگي هٿيار ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪيا ويا آهن. بيشڪ آءٌ خداوند بدلو وٺندڙ خدا پورو پورو بدلو ٿو وٺان.


تنهنجا اهي دشمن تنهنجي دولت لٽيندا، ۽ واپار وارو مال ڦري کڻي ويندا. هو تنهنجيون ڀتيون ڀڃي ڇڏيندا، ۽ تنهنجا خوبصورت گھر ڊاهي ناس ڪري ڇڏيندا. پوءِ هو تنهنجو ڪاٺ توڙي پٿر، بلڪ تنهنجا ڍير ئي کڻي وڃي سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيندا.


هو انهن جي معبودن جا بت ۽ پلٽيل مورتيون ۽ کين نذر ڪيل سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ مالِ‌غنيمت طور پاڻ سان مصر کڻي ويندو. ڪجھہ سالن تائين سانت ۾ رهڻ کان پوءِ


تنهنجا محافظ ۽ عملدار بہ ماڪڙ جي ڪٽڪن وانگر آهن، جيڪي ٿڌ جي وقت لوڙهن ۾ رهن ٿا، پر جڏهن اس لڳين ٿي تہ اڏامي ٿا وڃن ۽ ڪوبہ نہ ڄاڻندو آهي تہ ڪيڏانهن ٿا وڃن.


سون، چاندي، هيرا جواهرات، موتي، سنهي وٽيل سڻيءَ جو ڪپڙو، ريشمي توڙي واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهو ڪپڙو، سڀ سرهيون ڪاٺيون، عاج توڙي تمام قيمتي ڪاٺ مان ۽ پتل، لوهہ ۽ سنگمرمر مان ٺهيل هر قسم جون شيون،


چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اها وڏي وسندي جيڪا سنهي وٽيل سڻيءَ جو ڪپڙو، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي پوشاڪ پهريندي هئي ۽ سون، هيرا جواهرات ۽ موتين سان سينگاريل هوندي هئي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ