6 جڏهن دريائن جا بند ٽوڙيا ٿا وڃن، تڏهن محلاتن ۾ هيبت ۽ ڏهڪاءُ ٿو پکڙجي وڃي.
6 ندين جا بند کلي ٿا پون ۽ محلات ڀڄي ڪِري ٿو پوي.
لشڪر جا چونڊ سالار حملي ڪرڻ لاءِ سڏايا وڃن ٿا، اهي جوش وچان ڪاهيندي ٿاٻڙجيو ٿا پون. اهي جلدي جلدي مٿي چڙهڻ لاءِ ڪوٽ جي لڳولڳ دِڪا ٺاهين ٿا.
اتي جي راڻيءَ کي بيحرمتو ڪري ۽ قيدي بڻائي نيو وڃي ٿو. راڻيءَ جون ٻانهيون ڳيرين وانگر روئندي ماتم ڪن ٿيون، ۽ پنهنجيون ڇاتيون پٽين ٿيون.
پنهنجي لشڪر تي تہ نگاهہ ڪر، اهي عورتن وانگر ٿي پيا اٿيئي. تنهنجي ملڪ جون سرحدون دشمنن لاءِ کُليون پيون اٿيئي، ڄڻ تہ تنهنجي دروازن جي گزن کي باهہ ساڙي ڇڏيو آهي.