Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ناحوم 2:3 - Muslim Sindhi Bible

3 اي نينواہ! تنهنجي دشمنن جا لشڪر حملو ڪرڻ وارا آهن، هنن جون ڍالون ڳاڙهيون آهن، ۽ سندن جنگي جوانن کي ڳاڙهي پوشاڪ پهريل آهي. سندن جنگي گھوڙي گاڏين تي لڳل فولاد شعلي جيان چمڪندڙ آهي، ۽ هنن جا نيزا اُڀا ٿيل آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 هن جي پهلوانن جا سپر ڳاڙها آهن، ۽ بهادر مردن جي پوشاڪ کهنبي آهي: هن جون گاڏيون تياريءَ جي ڏينهن رُڪ سان چمڪن ٿيون ۽ نيزا سخت لُڏن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ناحوم 2:3
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

توڙي جو ترڪش جا تير سندس مٿان کڙڪندا ۽ نيزا ۽ بڙڇيون پڻ هن جي مٿان چمڪنديون وڃن ٿيون.


جھنگلي سوئر اُتي اچيو انهيءَ کي کائي چٽ ڪن ٿا، ۽ جھنگ جا ٻيا جانور بہ اچي انهيءَ کي ڳڙڪائين ٿا.


هائو، هاڻي لبنان جا صنوبر توڙي ديال جا وڻ بہ انهيءَ ڪريل بادشاهہ مٿان خوشيون ڪندي چون ٿا تہ ’جڏهن کان تون ڪيرايو ويو آهين، تڏهن کان ڪوبہ اسان کي وڍي ڪيرائڻ ڪونہ آيو آهي.‘


اهي جنگي گھوڙي گاڏين ۽ هٿيارن سان ڀريل گاڏين سان هڪڙو وڏو لشڪر وٺي اتر کان تو تي حملو ڪرڻ ايندا. اهي ڍال ۽ سپر سوڌو جنگي ٽوپ پايو تنهنجو اچي گھيرو ڪندا. آءٌ تو کي هنن جي حوالي ڪري ڇڏيندس جيڪي تو کي پنهنجي پنهنجي قانونن موجب سزا ڏيندا.


آءٌ خداوند خدا صور شهر کي وڌيڪ چوان ٿو تہ ’ياد رک، آءٌ اهو شهنشاهہ، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، اتر طرفان تو تي چاڙهي آڻيندس. سندس لشڪر ۾ گھوڙا، جنگي گھوڙي گاڏيون، گھوڙي سوار، ۽ تمام گھڻا جنگي جوڌا هوندا.


پر هاڻي سندس تباهي ڏسو: ڦٽڪن جا زوڪاٽ، ڦيٿن جا چيڪاٽ، گھوڙن جا هڻڪاٽ ۽ جنگي گھوڙي گاڏين جا ڪڙڪاٽ آهن،


رات جي وقت مون رويا ۾ ڏٺو تہ منهنجي اڳيان هيٺاهين ماٿريءَ ۾ مينديءَ جا وڻ آهن، تڏهن ڇا ڏسان تہ ڳاڙهي گھوڙي تي سوار هڪڙو ملائڪ انهن مينديءَ جي وڻن جي وچ ۾ مون آڏو اچي بيٺو. هن جي پٺيان ڳاڙهي، ابلق ۽ اڇي رنگ وارن گھوڙن تي ڪي ٻيا بہ سوار هئا.


اي صنوبر جا وڻ! تون بہ پنهنجو منهن مٿو پٽ، ڇو تہ ديال جا ٺاهوڪا وڻ تباهہ ٿي ويا آهن، ۽ وڏي شان وارن جو شان مٽيءَ ۾ ملي ويو آهي. هائو، اي بسن وارا شاهہ‌بلوط جا وڻ! تون بہ واءِ‌ويلا ڪر، ڇو تہ گھاٽا ٻيلا پٽ پڌر ٿي ويا آهن.


پهرين گاڏيءَ جا گھوڙا ڳاڙهي رنگ جا هئا ۽ ٻيءَ جا گھوڙا ڪاري رنگ جا هئا.


ان وقت آسمان ۾ هڪڙو ٻيو نشان نظر آيو، يعني هڪڙو وڏو ڳاڙهو ازدها، جنهن کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا. سندس مٿن تي ست تاج هئا.


ايتري ۾ هڪ ٻيو گھوڙو نڪتو جيڪو باهہ جهڙو ڳاڙهو هو. ان جي سوار کي هڪ وڏي تلوار ڏيئي اهو اختيار ڏنو ويو تہ هو ڌرتيءَ تان صلح وَ سلامتي کڻي وٺي، تہ جيئن ماڻهو هڪٻئي جو رت وهائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ