Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ناحوم 2:13 - Muslim Sindhi Bible

13 قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي نينواہ! آءٌ تنهنجي خلاف آهيان. آءٌ تنهنجيون گھوڙي گاڏيون ساڙي رک ڪري ڇڏيندس ۽ تنهنجا شينهن جهڙا جوان تلوار سان ماري ڇڏيندس. آءٌ تنهنجو ڪيل شڪار تو کان کسيندس. تنهنجي پاران ڌمڪي ڏيندڙن جو آواز اڳتي ٻڌڻ ۾ ئي نہ ايندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 خداوند لشڪرن جو خدا ٿو فرمائي، تہ ڏس آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان، ۽ آءٌ تنهنجي گاڏين کي ساڙي دونهون ڪندس، ۽ ترار تنهنجن جوان شينهن کي کائي ويندي؛ ۽ آءٌ تنهنجو شڪار زمين مان وڍي ڇڏيندس، ۽ تنهنجن قاصدن جو آواز وري ٻڌڻ ۾ نہ ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ناحوم 2:13
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ بہ اشور جي شهنشاهہ پنهنجي سپهہ‌سالار اعليٰ، امير اعليٰ ۽ عملدار اعليٰ کي لڪيس شهر مان وڏو لشڪر ساڻ ڏيئي بادشاهہ حزقياہ ڏانهن يروشلم تي حملي ڪرڻ لاءِ موڪليو. هو روانا ٿي يروشلم شهر وٽ آيا. جڏهن هو اتي پهتا تڏهن مٿين ڍنڍ، جيڪا ڌوٻي گھاٽ جي شاهي رستي تي آهي، تنهن جي موريءَ تي اچي بيهي رهيا.


اشور جي عملدار اعليٰ انهن ماڻهن هٿان بادشاهہ حزقياہ ڏانهن هي پيغام موڪليو تہ ”شهنشاهہ اعظم، اشور جو بادشاهہ تو کي فرمائي ٿو تہ ’تو کي ڇا تي هيڏو ڀروسو آهي؟


تو پنهنجي قاصدن هٿان مون پروردگار جي توهين ڪرائي آهي. تو ٻٽاڪ هڻي چوايو آهي تہ ”آءٌ پنهنجي بي‌شمار جنگي گھوڙي گاڏين سان لبنان جي جبلن جي چوٽين بلڪ لبنان جي آخر تائين اچي پهتو آهيان. هائو، آءٌ لبنان جي ٻيلي منجھہ اندرين ڀاڱن تائين اچي پهتو آهيان، جتي مون انهيءَ ٻيلي جا ديال ۽ صنوبر جا ڊگھا ۽ عمدا وڻ وڍي ڇڏيا آهن.


ساڳئي وقت اشور جي شهنشاهہ کي نياپو مليو تہ مصر جو سوڊاني بادشاهہ ترهاقہ مٿن حملي ڪرڻ لاءِ پنهنجو لشڪر وٺيو ٿو اچي. جڏهن هن اها خبر ٻڌي تڏهن هن وري بہ ڌمڪي وارو خط لکي قاصدن جي هٿان يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ ڏانهن ڏياري موڪليو تہ


هنن يروشلم وارن جي خدا جي خلاف بہ ائين ئي بڪيو جيئن دنيا جي ٻين قومن جي معبودن خلاف بڪيا هئا، جيڪي انسان جي هٿن جا ٺهيل هئا.


هو پوريءَ دنيا ۾ جنگيون بند ڪري ڇڏي ٿو. هائو، هو تيرڪمان ڀڃي ڇڏي ٿو، ڀالن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏي ٿو، ۽ ڍالن کي پڻ باهہ ۾ ساڙي ڇڏي ٿو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! اوهين جيڪي جبل جي چوٽيءَ تي رهو ٿا ۽ هيٺ ماٿرين ڏانهن نهاري سمجھو ٿا تہ اوهين محفوظ آهيو. سو اوهين چئو ٿا تہ ’ڪير اسان تي ڪاهہ ڪري ايندو؟ ڪير اسان جي گھرن ۾ گھڙندو؟‘ پر ياد رکو، آءٌ اوهان جي خلاف آهيان.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”اي يرمياہ! تون مصر ۾ هي اعلان ڪر، بلڪ ان جي شهرن مجدال، نوف ۽ تحفنيس ۾ پڌرائي ڪر تہ ’اوهين جنگ لاءِ سنبري بيهو ۽ تيار ٿيو، ڇاڪاڻ تہ جنگ توهان جي آس‌پاس وارن کي ڳڙڪائيندي ٿي اچي.


خداوند قادرِمطلق خدا فرمائي ٿو تہ ”اي بابل جا مغرور رهاڪؤ! ياد رکو، آءٌ اوهان جي خلاف آهيان، اوهان جي برباديءَ جو ڏينهن اچي پهتو آهي، ۽ هاڻي اوهان کي سزا ڏني ويندي.


اي بابل! تون جبل جيان مضبوط لڳندو هئين، ڇاڪاڻ تہ تون سڀني قومن کي چيڀاٽي ناس ڪندو هئين. پر آءٌ خداوند تنهنجي خلاف آهيان. آءٌ تو کي پڪڙي گهلي کڻي پٽ تي اڇلائيندس، ۽ تو کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندس.


آءٌ کين وڌيڪ چوان ٿو تہ ’اي نبي سڏائيندڙؤ! ياد رکو، جيئن تہ اوهان ڪوڙيون ڳالهيون ڪيون آهن ۽ ڪوڙيون رويائون ٻڌايون اٿوَ، تنهنڪري آءٌ خداوند خدا اوهان جي خلاف آهيان.


’ياد رک، آءٌ خداوند خدا تنهنجي خلاف آهيان. آءٌ پنهنجي تلوار مياڻ مان ڪڍندس. پوءِ تو منجھہ رهندڙ بدڪارن توڙي سچارن کي قتل ڪري ڇڏيندس.


تنهنڪري آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ ’ياد رک، اي صور شهر! آءٌ تنهنجي خلاف آهيان. آءٌ گھڻين ئي قومن کي تو تي چاڙهي آڻيندس، ۽ اهي سمنڊ جي ڇولين وانگر چڙهي تو تي حملو ڪندا.


تون شهر جي رهاڪن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي صيدا وارؤ! آءٌ اوهان جي خلاف آهيان. آءٌ اوهان کي سزا ڏيئي پنهنجو جلال ۽ پاڪيزگي ظاهر ڪندس. هائو، ان وقت ماڻهو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


تنهنڪري هاڻي ياد رک، آءٌ تنهنجي ۽ تنهنجي نيل نديءَ جي وهڪرن جي خلاف آهيان. آءٌ مصر ملڪ کي اتر ۾ مجدال قلعي کان وٺي ڏکڻ ۾ اسوان شهر تائين بلڪ اڃا بہ اڳتي سوڊان جي سرحد تائين بلڪل سڃ ۽ ويران ڪري ڇڏيندس.


تون کيس مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي مصر جا بادشاهہ فرعون! تون هڪڙي وڏي اجگر بلا آهين، جيڪو نيل نديءَ جي وهڪرن ۾ ليٽندي ٻٽاڪون ٿو هڻين تہ ”نيل ندي منهنجي آهي ۽ مون اها پنهنجي لاءِ بڻائي آهي.“ سو ياد رک، آءٌ تنهنجي خلاف آهيان.


مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي ادوم ملڪ وارؤ! ٻڌي ڇڏيو تہ آءٌ خداوند اوهان جي خلاف آهيان. آءٌ اوهان جي ملڪ تي هٿ کڻندس، ۽ انهيءَ کي سڃ ۽ ويران ڪري ڇڏيندس.


مون خداوند خدا جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’ياد رک، اي مسڪ ۽ توبل جا حڪمرانِ‌اعليٰ ياجوج! آءٌ تنهنجي خلاف آهيان.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! ياجوج خلاف اڳڪٿي ڪندي کيس مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي ياجوج، مسڪ ۽ توبل قومن جا حڪمرانِ‌اعليٰ! ياد رک، آءٌ تنهنجي خلاف آهيان.


تنهنڪري آءٌ خداوند خدا اوهان کي ٻڌائي ٿو ڇڏيان تہ آءٌ اوهان جي خلاف اُٿي کڙو ٿيو آهيان ۽ اوهان کي سزا ڏيندس. اوهان جي آس‌پاس واريون سموريون قومون اهو سڀ ڪجھہ ڏسنديون.


شينهَن پنهنجن ٻچڙن جي کاڌي لاءِ گھڻن ئي کي ماريو آهي، ۽ پنهنجين مادين لاءِ گھڻو ئي شڪار ڪيو اٿن، هنن پنهنجي غار ۽ چُر شڪار سان ڀري ڇڏيون آهن.


مصيبت آهي ان خوني شهر لاءِ، جيڪو ڪوڙ ۽ ڦر سان ٽمٽار آهي، جيڪو ڦر ۽ خون خرابي کان باز نہ ٿو اچي.


تنهنجا سڀيئي قلعا انجيرن جي انهن وڻن وانگر آهن، جن ۾ سڀ پڪل انجير هجن، ۽ جڏهن انهن وڻن کي لوڏيو وڃي تہ انهن جا انجير کائيندڙن جي وات ۾ اچي ڪرن.


پر تڏهن بہ اُتي باهہ تو کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي، ۽ تلوار تو کي ڪپي ڇڏيندي. تنهنجي لشڪر کي ائين کائي چٽ ڪيو ويندو، جيئن ماڪڙ کائيندي آهي. تون تہ ماڪڙ وانگر وڌي ويو آهين.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي نينواہ ڪڃري! آءٌ تنهنجي خلاف آهيان. آءٌ تنهنجو دامن تنهنجي ڳچيءَ تائين مٿي کڻي قومن کي تنهنجي اوگھڙ ۽ بادشاهتن کي تنهنجو شرم ڏيکاريندس.


تڏهن خداوند يشوع کي فرمايو تہ ”هنن کان نہ ڊڄ، ڇاڪاڻ تہ سڀاڻي هن ئي وقت آءٌ انهن سڀني کي بني اسرائيل جي هٿن ۾ ڏيئي کين مارائي ڇڏيندس. تون هنن جي گھوڙن کي جڏو ڪري ڇڏجانءِ ۽ سندن گاڏيون ساڙي ڇڏجانءِ.“


يشوع انهن سان ائين ئي ڪيو جيئن خداوند فرمايو هئس. هن انهن جي گھوڙن کي جڏو ڪرايو ۽ سندن گاڏيون ساڙي ڇڏيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ