ناحوم 2:10 - Muslim Sindhi Bible10 هاڻي شهر لٽيو ڦريو ويو آهي ۽ خالي ڪيو ويو آهي! شهر وارن جون دليون هارجي ويون آهن ۽ ٽنگن ۾ ڏڪڻي اٿن، جسم ۾ ڪنبڻي اٿن ۽ منهن ڦڪا ٿي ويا اٿن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible10 هو خالي، سکڻي، ۽ ويران آهي، هنن جي دل پاڻي ٿي وڃي ٿي ۽ گوڏا پاڻ ۾ پيا ٽهڪن، ۽ چيلهہ چڪي ٿي وڃين، ۽ سڀني جا منهن ڦڪا ٿي ويا آهن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جڏهن تو سان گڏ رهندڙ جلاوطن تو کان پڇن تہ ’تون ڇو ٿو آهون دانهون ڪرين؟‘ تڏهن کين ٻڌائي ڇڏج تہ انهيءَ اچڻ واري خوفناڪ خبر جي ڪري تون آهون دانهون ٿو ڪرين، جنهن جي ٻڌڻ سان سندن دليون خوف وچان ڌڙڪڻ ڇڏي ڏينديون، ڍڍر ڍرا ٿي پوندن ۽ گوڏا ڏڪڻ لڳندن. هائو، سندن همت بلڪل هارجي ويندي. ڏس، اها گھڙي اچڻ واري آهي بلڪ اچي پهتي آهي. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“
جنهن ڏينهن اهو وڻ جيڪو مصر جي مثل آهي هيٺ پاتال ۾ ڪيرايو ويندو، تنهن ڏينهن آءٌ خداوند خدا دنيا ۾ ماتم وجھندس. هائو، آءٌ انهيءَ کي اونهي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ڇڏيندس. آءٌ ندين کي روڪي ڇڏيندس ۽ پاڻيءَ جو وهڪرو بيهاري ڇڏيندس. ان وڻ جي ڪرڻ ڪري آءٌ لبنان جي جبلن تي اونداهي نازل ڪندس ۽ ٻيلي جا سڀ وڻ سڪي سڙي ويندا.