Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ناحوم 2:1 - Muslim Sindhi Bible

1 اي نينواہ! تون ڀلي پنهنجي قلعي جي حفاظت ڪر، ۽ رستي ڏانهن نظر رک، تون ڀلي پنهنجو سندرو ٻڌي تيار ٿيءُ، ۽ پنهنجي سموري طاقت هڪ هنڌ جمع ڪر. مگر تون بچي نہ سگھندين، ڇو تہ تو کي تباهہ ڪندڙ تو ڏانهن وڌندو ٿو اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 جيڪو ڀڃي پرزا پرزا ٿو ڪري، سو تو تي چڙهي آيو آهي: جنگي سامان تيار رک، رستي تي نظر رک، پنهنجي چيلهہ ٻڌي پاڻ کي تمام مضبوط ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ناحوم 2:1
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪڏهن تون انهن کي گڏ وٺي وڃڻ سان پاڻ کي لڙائيءَ لاءِ مضبوط ٿو سمجھين تہ ياد رک، خدا تو کي دشمن هٿان شڪست ڏياريندو، ڇاڪاڻ تہ فتح يا شڪست خدا جي ئي اختيار ۾ آهي.“


مون آڏو قربانيءَ طور اوهين شڪرگذاري پيش ڪريو. مون خدا تعاليٰ آڏو اوهين پنهنجيون باسون پوريون ڪريو.


اي دعائون قبول ڪرڻ وارا! سڄيءَ دنيا جا ماڻهو تو وٽ ايندا.


اهي غصي وچان غير قوم وارن کي پيا ماريندا ڪٽيندا هئا، ۽ غضبناڪ بڻجي مٿن حڪومت ڪندا هئا. اهي انهن ماڻهن تي ظلم پيا ڪندا هئا، جن تي فتح حاصل ڪندا هئا.


تڏهن انهن سڀني قومن جا ڪٽڪ، جيڪي منهنجي قربان‌گاهہ واري ان شهر سان اچي جنگ جوٽيندا. هائو، اهي دشمن جيڪي انهيءَ شهر جو گھيرو ڪري سندس قلعي تي اچي حملو ڪري ان کي مصيبت ۾ وجھندا، سي سڀ هڪڙي خواب مثل گم ٿي ويندا.


جيڪي بہ قومون يروشلم تي حملي ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيون هونديون، تن جو حال انهيءَ بکايل ماڻهوءَ جهڙو ٿيندو، جيڪو خواب ۾ تہ پاڻ کي کاڌو کائيندي ڏسي ٿو، پر جاڳڻ تي معلوم ٿئيس ٿو تہ سندس پيٽ خالي آهي. هائو، اهي قومون انهيءَ اڃايل ماڻهوءَ جيان هونديون، جيڪو خواب ۾ تہ پاڻ کي پاڻي پيئندي ڏسي ٿو، پر جاڳڻ تي معلوم ٿئيس ٿو تہ هو اڃايل ۽ ساڻو آهي.“


ڏسو، ڪيڏو نہ خوبصورت نظارو آهي، جو خوشخبري ڏيندڙ جبلن تان لهي اچي يروشلم وارن کي اعلان ڪري ٻڌائي ٿو تہ ”ٻڌو، اوهان لاءِ ڀلائيءَ جي خوشخبري آهي، اوهين بچايا ويا آهيو. هاڻي اوهين امن وَ سلامتيءَ سان رهندا، ڇاڪاڻ تہ هاڻي اوهان جو خدا پاڻ بادشاهي ٿو ڪري.“


سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آس‌پاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آس‌پاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.


ڏسڻ وارا چوندا تہ ’سڄي دنيا کي ڀڃڻ وارو هٿوڙو ڪيئن نہ پاڻ ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي پيو آهي! ڏسو، بابل ملڪ ڪيئن نہ دنيا ۾ عبرت جي جاءِ بڻجي ويو آهي!‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ