Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ناحوم 1:4 - Muslim Sindhi Bible

4 هن جي حڪم سان سڀ درياءَ سڪي ٿا وڃن، بلڪ سمنڊ بہ خشڪ ٿي وڃن ٿا. بسن علائقو ۽ ڪرمل جبل مرجھائجي وڃن ٿا، ۽ لبنان جا گل ڪومائجي ٿا وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 هو سمنڊ کي ڇينڀي خشڪ ڪري ڇڏي ٿو، ۽ سڀ نديون سُڪائي ڇڏي ٿو. بسن ۽ ڪرمل ۽ لبنان جا گل بہ ڪومائجي وڃن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ناحوم 1:4
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا نوح ۽ انهن جانورن کي جيڪي ساڻس گڏ ٻيڙي ۾ هئا وساري ڪونہ ڇڏيو. سو خدا هوا گھلائي ۽ پاڻي لهڻ لڳو.


پوءِ خداوند جي ڇينڀڻ سان، ۽ قهر مان ڪڍيل طوفاني ڦوڪ سان ڌرتيءَ جا بنياد کُلي ويا ۽ سمنڊ جو ترو ظاهر ٿيو.


مون انهيءَ کي چئي ڇڏيو تہ ’تون هيستائين ايندين، پر اڳتي نہ وڌندين، ۽ هتي تنهنجي طاقتور ڇولين جو زور ٽٽي پوندو.‘


پر پوءِ جڏهن تو ان کي ڇينڀيو تہ اهو ڀڄي ويو. هائو، تنهنجي گجگوڙ ٻڌڻ سان پاڻي جلدي لهي ويو.


هن جڏهن ڳاڙهي سمنڊ کي جھڻڪيو تڏهن اهو بہ سڪي ويو. پوءِ انهيءَ جي تري منجھان کين خشڪ زمين جيان پار ٽپايائين.


ڳاڙهي سمنڊ جڏهن خدا کي ڏٺو تڏهن اهو پٺتي هٽي ويو، اردن درياءُ پڻ کيس ڏسي پٺئين پاسي وهڻ لڳو.


اي سمنڊ! ٻڌاءِ تو کي ڇا ٿيو؟ تون ڇو پٺتي هٽي وئين؟ اي اردن درياءَ! تو کي ڇا ٿيو؟ تون پٺتي ڇو وهڻ لڳو هيئن؟


انهيءَ وقت آءٌ ڄڻ ڪنهن اونهيءَ ٻوڏ ۾ ڦاٿل هئس، جنهن مان خداوند بلنديءَ تان هٿ وڌائي مون کي ڇڪي ڪڍي ورتو.


تو ئي سڪل چشمن ۽ برساتي نهرن کي جاري ڪيو هو، ۽ تو ئي پاڻيءَ سان ڀريل وڏا وڏا درياءَ سڪائي ڇڏيا هئا.


ٻنيون سڪي سڙي ويران ٿي ويون آهن، لبنان جا ٻيلا ڪومائجي سڪي ويا آهن. شارون جي سرسبز ماٿري بيابان بڻجي ويئي آهي، ۽ بسن جي علائقي ۽ ڪرمل جبل جي ٻيلن جا پن ڇڻي ويا آهن.


آءٌ جبلن ۽ ٽڪرين کي ويران ڪري ڇڏيندس، ۽ انهن تي اڀريل گاهہ ۽ ٻوٽا سڀيئي سڪائي ڇڏيندس. آءٌ ندين توڙي ڍنڍن کي سڪائي بيابان بڻائي ڇڏيندس.


هاڻ ڀلي کڻي سمنڊ يا نديون انهيءَ ۾ رڪاوٽ بڻجن، تہ بہ آءٌ هڪڙي ئي لفظ سان انهن کي بہ سڪائي ڇڏيندس.“


ڇا تون اهو ئي ناهين، جنهن سمنڊ کي، هائو، اونهي بحر جي پاڻيءَ کي سڪائي ڇڏيو هو؟ تو سمنڊ جي تري کي رستو بڻائي ڇڏيو هو، انهيءَ لاءِ تہ جن کي تو ڇڏايو هو سي پار لنگھي وڃن.


آءٌ نيل نديءَ کي سڪائي ڇڏيندس، ۽ ملڪ بڇڙن ماڻهن جي حوالي ڪري ڇڏيندس. آءٌ ملڪ کي توڙي انهيءَ ۾ جيڪي ڪجھہ آهي، سو سڀ ڌارين کان ويران ڪرائي ڇڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“


ايتري قدر جو ڌرتيءَ جو هر ساهوارو، هائو، مڇيون، پکي، جھنگلي جانور ۽ سرندڙ جيت توڙي هر انسان خوف وچان ڏڪڻ لڳندا. جبل پهاڙ هيٺ ڪري پوندا، اڀيون ٽڪريون توڙي شهرن جا قلعا اچي هيٺ ڦهڪو ڪندا.


عاموس چيو تہ ”صيئون جبل تان خداوند گجي ٿو، هائو، انهيءَ جبل واري شهر يروشلم مان سندس آواز ٻڌجي ٿو. ان آواز جي ڪري ڪرمل جبل جي چوٽي ڪومائجي ٿي وڃي، ريڍارن جو هر چراگاهہ سُڪي ٿو وڃي.“


ياد رکو، جنهن ڪتيون ۽ ٽيڙو جوڙيا آهن، جيڪو سمنڊ جي پاڻيءَ کي سڏي روءِزمين تي اُٽلائي ٿو، جيڪو گھُگھُہ اونداهيءَ کي ڦيرائي صبح جو سوجھرو ڪري ٿو، هائو، اهو ئي جيڪو ڏينهن کي رات جي اوندهہ ۾ ڦيرائي ٿو، انهيءَ جو ئي نالو خداوند آهي.


تنهن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”اوهين ايترا ڊنل ڇو آهيو؟ ڇا اوهان جو ايمان ايترو ئي آهي؟“ پوءِ هو اٿيو ۽ هوا ۽ ڇولين کي ڇينڀيائين تہ بلڪل ٺاپر ٿي ويئي.


تيئن ئي مٿان ايندڙ پاڻيءَ جو وهڪرو بند ٿي ويو. گھڻو پري ادم شهر وٽ، جيڪو ضرتان جي ڀرسان آهي، پاڻي هڪ هنڌ ڪٺو ٿي مٿي چڙهڻ لڳو، جڏهن تہ آرباہ جي سمنڊ يعني کاري سمنڊ ڏانهن وهندڙ پاڻي ڇڄي ڌار ٿي پيو. عهد واري صندوق کڻي هلندڙ ڪاهن اردن درياءَ جي وچ ۾ سڪيءَ زمين تي ايتري تائين ڄمي بيهي رهيا جيتري تائين سڄي قوم اردن درياءَ منجھان سڪيءَ زمين تان لنگھي پار نہ ٿي. سو بني اسرائيل يريحو شهر جي سامهون لنگھي پار ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ