هي پيغام صور ۽ صيدا شهر بابت آهي. اي اوهين! جيڪي ترسيس کان سامونڊي جهازن رستي موٽي ٿا اچو، سي واءِويلا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو بندرگاهہ وارو شهر صور اهڙو تہ برباد ڪيو ويو آهي، جو اتي اوهان لاءِ ڪوبہ گھر يا در سلامت ڪونهي. اها خبر اوهان کي قبرص جي ٻيٽ تي پهچڻ وقت ملندي.