Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 9:9 - Muslim Sindhi Bible

9 پوءِ جڏهن هو جبل تان هيٺ پئي لٿا تہ عيسيٰ کين تاڪيد ڪيو تہ ”جيڪي ڪجھہ ڏٺو اٿوَ سو تيستائين ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو جيستائين ابنِ آدم موت کان پوءِ وري جيئرو نہ ٿئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ جڏهن اُهي جبل تان ٿي لٿا، تڏهن هن تاڪيد ڪري چين تہ جيسين ابن آدم مئلن مان جي نہ اُٿي، تيسين جيڪي ڏٺو اٿوَ، سو ڪنهن کي نہ ٻڌائجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 پوءِ جڏهن هو جبل تان هيٺ پئي لٿا تہ يسوع کين تاڪيد ڪيو تہ ”جيڪي ڪجھہ ڏٺو اٿوَ سو تيستائين ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو جيستائين منش‌پتر موت کان پوءِ وري جيوت نہ ٿئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 پوءِ جڏھن ھو جبل تان ھيٺ پئي لٿا تہ عيسيٰ کين تاڪيد ڪيو تہ ”جيڪي ڪجھہ ڏٺو اٿوَ، سو تيستائين ڪنھن کي بہ نہ ٻڌائجو جيستائين ابن⁠آدم موت کان پوءِ وري جيئرو نہ ٿئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 9:9
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هي نہ جھيڙو جھڳڙو ڪندو ۽ نہ هل هنگامو، نڪي وري چونڪن ۾ هن جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو.


جيئن يونس ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون مڇيءَ جي پيٽ ۾ پيو هو، تيئن ابنِ آدم بہ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون زمين جي پيٽ ۾ رهندو.


انهيءَ وقت کان وٺي عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي ظاهر ڪري ٻڌائڻ لڳو تہ ”اهو ضروري آهي جو آءٌ يروشلم وڃان ۽ اتي سردار ڪاهنن، شريعت جي عالمن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن جون گھڻيون سختيون سهان. مون کي ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي وري جيئرو ڪري اٿاريو وڃان.“


۽ چيائونس تہ ”سائين! اسان کي ياد آهي تہ هو ٺڳ جڏهن اڃا جيئرو هو تہ چوندو هو تہ ’آءٌ ٽن ڏينهن کان پوءِ وري جيئرو ٿي اٿندس.‘


پوءِ عيسيٰ هن کي چيو تہ ”ڏس، اها ڳالهہ ڪنهن کي نہ ٻڌائجانءِ. پر سڌو وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي شريعت موجب پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ قرباني ڪر، تہ جيئن هر ڪنهن لاءِ شاهدي ٿئي تہ تون هاڻي ڇٽي پاڪ صاف ٿيو آهين.“


پوءِ عيسيٰ انهن کي سختيءَ سان تاڪيد ڪيو تہ ”اها ڳالهہ ڪنهن سان بہ نہ ڪجو.“ هن وڌيڪ چين تہ ”ڇوڪريءَ کي کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجھہ ڏيو.“


پوءِ عيسيٰ انهن ماڻهن کي تاڪيد ڪندي چيو تہ ”اها ڳالهہ ڪنهن سان بہ نہ ڪجو.“ پر جيترو هن وڌيڪ تاڪيد ڪيو هئن، اوترو ئي وڌيڪ هنن وڃي اها ڳالهہ ماڻهن ۾ پڌري ڪئي.


انهن عيسيٰ جو حڪم تہ مڃيو پر پاڻ ۾ هن معاملي تي بحث ڪرڻ لڳا تہ ”موت کان پوءِ جيئرو ٿيڻ جو مطلب ڇا آهي؟“


تڏهن انهن شاگردن جلدي هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، پر کين عيسيٰ کان سواءِ اتي ٻيو ڪوبہ نظر نہ آيو.


کين چيائين تہ ”پاڪ ڪلام ۾ هيئن لکيل آهي تہ مسيح تڪليفون سهي مرندو ۽ ٽئين ڏينهن تي مئلن مان جيئرو ٿي اٿندو.


جڏهن اهو آواز آيو تڏهن عيسيٰ اڪيلو ئي ڏسڻ ۾ آين. پوءِ شاگردن کڻي ماٺ ڪئي ۽ جيڪي ڳالهيون اتي ٿيندي ڏٺيون هئائون تن مان ڪابہ انهن ڏينهن ۾ ڪنهن سان بہ نہ ڪيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ