Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 9:5 - Muslim Sindhi Bible

5 تنهن تي پطرس عيسيٰ کي چيو تہ ”استاد! اها اسان جي خوش‌نصيبي آهي جو اسين هتي آهيون. اسين هتي ٽي تنبو ٿا کوڙيون هڪ اوهان لاءِ، هڪ موسيٰ لاءِ ۽ هڪ الياس لاءِ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ پطرس يسوع کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اي اُستاد اسان جو هتي رهڻ چڱو آهي: تنهنڪري ٽي خيما جوڙيون، هڪڙو تو لاءِ، ٻيو موسيٰ لاءِ، ۽ ٽيون ايلياہ لاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 تنهن تي پطرس يسوع کي چيو تہ ”گرو! اسان جو ڀاڳ ڀلو آهي جو اسين هتي آهيون. اسين هتي ٽي تنبو ٿا کوڙيون هڪ اوهان لاءِ، هڪ موسيٰ لاءِ ۽ هڪ ايلياہ لاءِ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 تنھن تي پطرس عيسيٰ کي چيو تہ ”سائين! اھا اسان جي خوش⁠نصيبي آھي جو اسين ھتي آھيون. اسين ھتي ٽي تنبو ٿا کڻي کوڙيون ھڪ اوھان لاءِ، ھڪ موسيٰ لاءِ ۽ ھڪ الياس لاءِ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 9:5
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يقيناً تنهنجي بارگاهہ ۾ هڪڙو ڏينهن ٻئي هنڌ جي هزار ڏينهن کان بهتر آهي. بدڪارن جي شاندار خيمن ۾ رهڻ کان، تو خدا جي گھر جو دربان ٿيڻ مون کي وڌيڪ پسند آهي.


تنهن تي پطرس عيسيٰ کي چيو تہ ”اي خداوند! اها اسان جي خوش‌نصيبي آهي جو اسين هتي آهيون. جيڪڏهن اوهان جي مرضي هجي تہ آءٌ هتي ٽي تنبو کوڙيان، هڪ اوهان لاءِ، هڪ موسيٰ لاءِ ۽ هڪ الياس لاءِ.“


هو چاهين ٿا تہ بازارن ۾ ماڻهو کين سلامي ٿين ۽ کين ’سائين، سائين‘ ڪري پڪارين.


پر اوهين ’سائين‘ نہ سڏايو، ڇاڪاڻ تہ اوهين سڀيئي هڪٻئي جا ڀائر ڀينر آهيو ۽ اوهان جو رڳو هڪڙو ئي سائين آهي.


پوءِ انهن موسيٰ ۽ الياس نبيءَ کي ڏٺو، جيڪي عيسيٰ سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا.


پطرس کي خبر نہ پئي پوي تہ هو ڇا پيو چوي، ڇو تہ هو ۽ ٻيا شاگرد ڏاڍا ڊڄي ويا هئا.


جڏهن موسيٰ ۽ الياس عيسيٰ وٽان وڃڻ لڳا تڏهن پطرس عيسيٰ کي چيو تہ ”اي استاد! اسان جا ڀاڳ ڀلا آهن جو اسين هتي آهيون. سو اسين ٽي تنبو کوڙيون، هڪڙو اوهان لاءِ، ٻيو موسيٰ لاءِ ۽ ٽيون الياس لاءِ.“ پر کيس خبر ئي ڪانہ ٿي پئي تہ ڇا چئي رهيو آهي.


هوڏانهن عيسيٰ جي شاگردن کيس عرض ڪيو تہ ”اي استاد! ڪجھہ کائو.“


آءٌ ٻنهي ڳالهين جي وچ ۾ منجھي پيو آهيان. منهنجي خواهش تہ اها آهي تہ هن دنيا کي ڇڏي وڃي مسيح سان رهان، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ کان بهتر آهي.


اي عزيزؤ! هاڻي اسين خدا جا ٻار تہ آهيون، تڏهن بہ اهو ظاهر ڪونہ ٿيو آهي تہ اسين ڇا ٿي وينداسين. بس اسين ايترو ڄاڻون ٿا تہ جڏهن مسيح ظاهر ٿيندو تڏهن اسين هن جهڙا ٿي پونداسين، ڇاڪاڻ تہ اسين کيس ائين ڏسنداسين جيئن هو حقيقت ۾ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ