Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 9:32 - Muslim Sindhi Bible

32 پر اهي عيسيٰ جي انهيءَ ڳالهہ جو مطلب سمجھي نہ سگھيا ۽ کانئس پڇڻ کان بہ ڊنا ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 پر هن جو اهو چوڻ هنن کي سمجهہ ۾ ئي نٿي آيو، ۽ کانئس پڇڻ کان بہ ڊنا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

32 پر اهي يسوع جي انهيءَ ڳالهہ جو مطلب سمجھي نہ سگھيا ۽ کانئس پڇڻ کان بہ ڊنا ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

32 پر اھي مسيح جي انھيءَ ڳالھہ جو مطلب سمجھي نہ سگھيا ۽ کانئس پڇڻ کان بہ ڊنا ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 9:32
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آخر ۾ عيسيٰ يارهن شاگردن کي ان وقت ڏيکاري ڏني جڏهن هو گڏجي ماني کائي رهيا هئا. هن سندن ايمان جي گھٽتائيءَ ۽ سخت‌دليءَ سبب کين ڇينڀيو، ڇاڪاڻ تہ کين انهن تي يقين ئي نہ پئي آيو جن هن کي جيئرو ٿي اٿڻ کان پوءِ ڏٺو هو.


تنهن تي عيسيٰ هنن کي چيو تہ ”اوهين بہ ڪيڏا نہ بي‌سمجھہ آهيو، جو ايتري بہ خبر نہ ٿي پئيوَ تہ جيڪي ٻاهران انسان ۾ داخل ٿئي ٿو سو کيس پليت نہ ٿو ڪري،


عيسيٰ ڦري شاگردن ڏانهن منهن ڪري پطرس کي جھڻڪيو تہ ”اي شيطان! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ. تون خدا جي مرضيءَ مطابق نہ پر ماڻهن وانگر ٿو سوچين.“


انهن عيسيٰ جو حڪم تہ مڃيو پر پاڻ ۾ هن معاملي تي بحث ڪرڻ لڳا تہ ”موت کان پوءِ جيئرو ٿيڻ جو مطلب ڇا آهي؟“


انهن ڳالهين مان شاگردن کي ڪا هڪڙي ڳالهہ بہ سمجھہ ۾ نہ آئي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون کين چيون ويون، تن جي معنيٰ کانئن ڳجھي رکي ويئي، تنهنڪري اهي سمجھي نہ سگھيا.


پر اهي سندس اها ڳالهہ سمجھي نہ سگھيا.


پوءِ پاڪ ڪلام کي سمجھڻ لاءِ هنن جا ذهن اُجاگر ڪندي


پر هنن اها ڳالهہ نہ سمجھي. اها ڳالهہ کانئن ڳجھي رکي ويئي هئي تہ جيئن اهي سمجھي نہ سگھن. هو انهيءَ بابت عيسيٰ کان پڇڻ کان بہ ڊنا ٿي.


سندس شاگردن کي پهريائين تہ اهي ڳالهيون سمجھہ ۾ ڪين ٿي آيون. پر پوءِ جڏهن عيسيٰ جو جلوو ظاهر ٿيو، تڏهن انهن کي ياد آيو تہ پاڪ ڪلام ۾ هن بابت انهن ڳالهين جي اڳڪٿي ڪئي ويئي هئي ۽ ائين ئي ماڻهن ساڻس سلوڪ ڪيو.


عيسيٰ ڄاڻي ورتو تہ سندس شاگرد کانئس ڪجھہ پڇڻ گھرن ٿا. سو کين چيائين تہ ”ڇا اوهين هڪٻئي کان اهو پڇي رهيا آهيو جيڪو مون چيو تہ ’ٿوريءَ دير کان پوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا. پوءِ ٿوريءَ دير بعد اوهين مون کي وري ڏسندا‘؟


ايتري ۾ عيسيٰ جا شاگرد موٽي آيا ۽ اهو ڏسي عجب ۾ پئجي ويا تہ هو عورت ذات سان ويٺو ڳالهائي. پر انهن مان ڪنهن بہ انهيءَ عورت کان نہ پڇيو تہ ”تو کي ڇا گھرجي؟“ ۽ نہ عيسيٰ کان پڇيائون تہ ”اوهين هن سان ڇو ٿا ڳالهايو؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ