Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 9:12 - Muslim Sindhi Bible

12 تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”برابر، اهو پهريائين ايندو ۽ ماڻهن کي بحال ڪندو. تڏهن بہ پاڪ ڪلام ۾ ڇا هيئن بہ لکيل نہ آهي تہ ابنِ آدم گھڻيون سختيون سهندو ۽ ڌڪاريو ويندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 هن چين تہ برابر پهريائين ايلياہ ايندو، ۽ سڀني شين کي موٽي پوري ٺاهہ ۾ آڻيندو: پر ابن آدم بابت ڪيئن لکيل آهي، تہ هو گهڻيون سختيون سهندو ۽ ماڻهو حقير ڪري ليکيندس؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 تنهن تي يسوع چين تہ ”برابر، اهو پهريائين ايندو ۽ ماڻهن کي بحال ڪندو. تڏهن بہ پوِتر شاستر ۾ ڇا هيئن بہ لکيل نہ آهي تہ منش‌پتر گھڻيون سختيون سهندو ۽ ڌڪاريو ويندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”برابر، اھو پھريائين ايندو ۽ ھر ھڪ شيءِ تيار ڪندو. پر صحيفي ۾ ائين بہ لکيل آھي تہ ابن⁠آدم گھڻيون سختيون سھندو ۽ ڌڪاريو ويندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 9:12
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اُٿ اي خدا! پنهنجي نالي کي بي‌حرمتيءَ کان بچائڻ لاءِ ڪجھہ ڪر. ڏس ڪيئن نہ نادان ماڻهو سڄو ڏينهن تو تي ٺٺوليون ڪن ٿا.


ماڻهو تو کي بيحد حقير ٿا ڄاڻين، ۽ تون سڀني قومن ۾ نفرت جوڳو، ۽ حڪمرانن جو نوڪر آهين. پر هاڻي آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو پاڪ معبود، ۽ انهن جو ڇڏائيندڙ چوان ٿو تہ اهي بادشاهہ ۽ حڪمران تنهنجي پيرن ۾ جھڪي تو کي تعظيم ڏيندا. آءٌ خداوند پنهنجو واعدو پورو ڪندس. آءٌ خداوند بني اسرائيل جو پاڪ معبود آهيان، جنهن جو تون چونڊيل ٻانهو آهين.“


بلڪ آءٌ تہ پنهنجي پٺي مار ڏيڻ وارن جي حوالي ٿو ڪريان، ۽ منهنجي ڏاڙهي پٽڻ وارن کي آءٌ ڪين ٿو روڪيان. آءٌ بي‌عزت ٿيڻ ۽ ٿڪون جھلڻ کان پنهنجو منهن نہ ٿو لڪايان.


پهريائين هن کي ڏسي گھڻن ماڻهن کي هيبت وٺي ٿي ويئي، ڇاڪاڻ تہ مصيبتون سهڻ ڪري هن جي شڪل ايتري تہ بگڙي ويئي هئي، جو هن کي ڪو مشڪل سان ئي انسان سمجھي ٿي سگھيو.


تڏهن خداوند مون کي حڪم ڏنو تہ ”اهي سڪا ڪنڀر جي اڳيان ڦٽو ڪري ڇڏ.“ سو چانديءَ جا اهي ٽيهہ سڪا، جيڪي هنن مون کي منهنجي پوري مهيني جي مزدوريءَ لاءِ هڪ وڏي رقم سمجھي ڏني هئي، سا مون خداوند جي گھر ۾ ڪنڀر جي اڳيان ڦٽو ڪري ڇڏي.


قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ قوم جي ريڍار کي تلوار هڻي ڪڍندس، ۽ پوءِ سندس رڍون ڇڙوڇڙ ٿي وينديون. هائو، آءٌ سندس سڄي ڌڻ جي خلاف پنهنجو هٿ کڻندس. سو اي تلوار! منهنجي ريڍار خلاف اُٿي کڙي ٿيءُ، يعني انهيءَ جي خلاف جيڪو منهنجو خاص ٻانهو آهي.


هو ماءُ پيءُ ۽ سندن اولاد جون دليون ڦيرائي کين هڪ ڪندو تہ جيئن آءٌ اچي اوهان جو ملڪ برباد نہ ڪريان.“


انهيءَ وقت کان وٺي عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي ظاهر ڪري ٻڌائڻ لڳو تہ ”اهو ضروري آهي جو آءٌ يروشلم وڃان ۽ اتي سردار ڪاهنن، شريعت جي عالمن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن جون گھڻيون سختيون سهان. مون کي ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي وري جيئرو ڪري اٿاريو وڃان.“


ابنِ آدم تہ ائين ئي مرندو، جيئن پاڪ ڪلام ۾ اڳڪٿي ڪئي ويئي آهي. پر حيف آهي ان تي جيڪو ابنِ آدم کي پڪڙائيندو. ان ماڻهوءَ لاءِ اهو بهتر هو تہ هو دنيا ۾ اصل ڄائي ئي نہ ها.“


عيسيٰ چين تہ ”ڏسو، هاڻي اسين يروشلم ڏانهن هلي رهيا آهيون، جتي ابنِ آدم سردار ڪاهنن ۽ شريعت جي عالمن جي حوالي ڪيو ويندو. اهي مٿس موت جي فتويٰ جاري ڪندا ۽ کيس غير قوم وارن جي حوالي ڪندا.


آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ الياس اچي چڪو، پر ماڻهن کي جيئن وڻيو تيئن ئي ساڻس سلوڪ ڪيائون، جيئن هن بابت پاڪ ڪلام ۾ اڳڪٿي ڪيل آهي.“


ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي شاگردن کي تعليم ڏيندي ٻڌايو پئي تہ ”ابنِ آدم ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس ماريندا ۽ ٽئين ڏينهن تي هو وري جيئرو ٿي اٿندو.“


هاڻ اي منهنجا ٻچا يحيٰ! تون خدا تعاليٰ جو نبي سڏيو ويندين، ۽ خداوند جي اڳيان اڳيان هن لاءِ رستو تيار ڪندو هلندين،


تڏهن هيروديس پنهنجي سپاهين سميت عيسيٰ تي ٺٺوليون ڪري کيس بي‌عزتو ڪيو. پوءِ هن کي شاندار وڳو پهرائي واپس پلاطس ڏانهن موڪليائون.


جيڪي ڏوهاري عيسيٰ سان گڏ صليب تي ٽنگيل هئا، تن مان هڪڙي طعنو هڻندي چيس تہ ”تون مسيح نہ آهين ڇا؟ پوءِ پاڻ کي ۽ اسان کي بچاءِ.“


ٻئي دفعي جڏهن اهي سڀيئي وري اچي گڏ ٿيا تہ انهن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”خداوند! ڇا اوهين هن وقت ئي بني اسرائيل جي بادشاهي بحال ڪرڻ وارا آهيو؟“


عيسيٰ اهو آهي جنهن لاءِ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’جنهن پٿر کي اوهان رازن حقير ٿي ڄاتو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ