Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 8:34 - Muslim Sindhi Bible

34 پوءِ عيسيٰ ميڙ کي پنهنجي شاگردن سميت ويجھو اچڻ لاءِ سڏيو ۽ چيو تہ ”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان هلڻ گھري تہ اهو پنهنجي خوديءَ کي ماري ۽ پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان هلي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 ۽ هو خلق کي پنهنجن شاگردن سوڌو پاڻ وٽ سڏي چوڻ لڳو، تہ جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو منهنجي پٺيان اچڻ گهري تہ پنهنجي خوديءَ کي ماري ۽ پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 پوءِ يسوع ميڙ کي پنهنجي چيلن سميت ويجھو اچڻ لاءِ سڏيو ۽ چيو تہ ”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان هلڻ گھري تہ اهو پنهنجي آپي کي ماري ۽ پنهنجي سولي کڻي منهنجي پٺيان هلي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

34 پوءِ عيسيٰ ميڙ کي شاگردن سميت ويجھو اچڻ لاءِ سڏيو ۽ چيو تہ ”جيڪڏھن ڪو منھنجي پٺيان ھلڻ گھُري ٿو، تہ اھو پنھنجي خوديءَ کي ماري ۽ پنھنجو صليب کڻي منھنجي پٺيان ھلي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 8:34
43 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود جي گھراڻي کان بادشاهي کسي تو کي ڏنم، تڏهن بہ تون منهنجي ٻانهي دائود جهڙو نہ ٿئين. هو منهنجي حڪمن جي تعميل ڪندو هو ۽ دل وَ جان سان منهنجو وفادار هو ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ چڱو هو فقط سو ئي ڪندو هو.


پر منهنجو ٻانهو ڪالب جنهن جو روح ٻئي قسم جو آهي ۽ پوريءَ طرح منهنجي فرمانبرداري ڪئي اٿائين، تنهن کي آءٌ انهيءَ ملڪ ۾ وٺي ويندس جنهن ۾ هو حال احوال معلوم ڪرڻ لاءِ ويو هو ۽ اهو ملڪ سندس اولاد جي ميراث ٿيندو.


جيڪو پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان نہ ٿو هلي، سو منهنجي لائق نہ آهي.


پوءِ عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان هلڻ گھري تہ هو پنهنجي خوديءَ کي ماري ۽ پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان هلي.


جڏهن هو يروشلم کان نڪتا پئي ويا تہ انهن کي ڪريني شهر جو هڪڙو ماڻهو مليو جنهن جو نالو شمعون هو. سپاهي انهيءَ تي زور رکي کيس عيسيٰ جو صليب کڻائي هليا.


تڏهن عيسيٰ هن کي چتائي ڏٺو ۽ سندس دل ۾ هن لاءِ محبت پيدا ٿي. پوءِ چيائينس تہ ”تو ۾ اڃا هڪڙي گھٽتائي آهي. سو وڃ ۽ وڃي پنهنجي سموري ملڪيت وڪڻي اُهي پئسا غريبن ۾ خيرات ڪر. تڏهن خدا وٽ تو کي خزانو ملندو. سو خيرات ڪرڻ کان پوءِ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.“


پوءِ عيسيٰ سڄي خلق کي وري پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”اوهين سڀ منهنجي ڳالهہ ٻڌو ۽ سمجھو.


”سوڙهي دروازي مان اندر گھڙڻ لاءِ دل وَ جان سان ڪوشش ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ ڪيترائي اندر گھڙڻ جي ڪوشش ڪندا پر گھڙي نہ سگھندا.


سو اهڙيءَ طرح اوهان مان جنهن وٽ جيڪي ڪجھہ آهي، جيستائين اهو سڀ ڇڏي نہ ٿو ڏئي تيستائين منهنجو شاگرد ٿي نہ ٿو سگھي.“


اهو ٻڌي عيسيٰ کيس چيو تہ ”اڃا تو ۾ هڪڙي گھٽتائي آهي. سو وڃ ۽ تو وٽ جيڪي بہ آهي سو سڀ وڪڻي غريبن ۾ ورهائي ڇڏ، تڏهن عرش عظيم تي تو کي خزانو ملندو. سو ورهائڻ کان پوءِ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.“


سڀني ماڻهن جي روبرو عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ


پوءِ شاگردن سميت سڀني کي چيائين تہ ”جيڪو منهنجي پٺيان هلڻ گھري سو پنهنجي خوديءَ کي ماري ۽ هر روز پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان هلي.


آءٌ پنهنجي رڍن کي ڄاڻان ٿو. اهي منهنجو آواز ٻڌي منهنجي پٺيان هلن ٿيون.


هو پاڻ پنهنجو صليب کڻي انهيءَ جاءِ تي آيو، جنهن کي عبرانيءَ ۾ ”گُلگُتا“ يعني ”کوپريءَ جي جاءِ“ سڏيندا آهن.


هنن هر هنڌ خداوند عيسيٰ جي پوئلڳن جي ايمان کي مضبوط ڪيو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ هو ايمان تي قائم رهن. هنن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مشڪلاتن مان لنگھڻو پوندو.“


سو اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان جي پراڻي انساني فطرت مسيح سان گڏ صليب تي چاڙهي ويئي، تہ جيئن اسان جي بدن تان گناهہ جو قبضو ختم ٿي وڃي ۽ اڳتي اسين گناهہ جي غلاميءَ ۾ نہ رهون،


جيڪڏهن اسين هن جا ٻار آهيون تہ وارث بہ آهيون، يعني خدا جا وارث ۽ مسيح سان ورثي ۾ شريڪ آهيون، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اسين مسيح سان تڪليفن ۾ شريڪ ٿيون ٿا تہ پوءِ ساڻس گڏ جلوي ۾ بہ شريڪ ڪيا وينداسون.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ روزانو موت جي منهن ۾ آهيان. اها ڳالهہ ايتري ئي سچي آهي جيترو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جا هئڻ ڪري اوهان تي منهنجو فخر آهي.


سو جيڪڏهن گوشت کائڻ سان منهنجو ڪو هم‌ايمان گمراهہ ٿئي ٿو تہ آءٌ گوشت ڪڏهن بہ نہ کائيندس، متان آءٌ پنهنجي انهيءَ ڀاءُ ڀيڻ جي گمراهہ ٿيڻ جو سبب بڻجان.


جيتوڻيڪ آءٌ هڪ آزاد ماڻهو آهيان ۽ ڪنهن جو بہ غلام نہ آهيان، تنهن هوندي بہ مون پاڻ کي هر ڪنهن جو غلام بڻائي ڇڏيو آهي، تہ جيئن گھڻي کان گھڻا ماڻهو هٿ ڪريان.


هاڻ جيئن تہ آءٌ مسيح سان گڏ صليب تي چاڙهيو ويو آهيان، سو آءٌ جيئرو نہ رهيو آهيان، پر مسيح مون ۾ جيئرو آهي. هاڻي جيڪا زندگي آءٌ هن جسم ۾ گذاريان ٿو سا خدا جي فرزند تي ايمان رکڻ ڪري گذاري رهيو آهيان، جنهن مون سان پيار ڪيو ۽ منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي.


اسين جيڪي عيسيٰ مسيح جا آهيون، تن انساني فطرت کي ان جي سوچن ۽ برين خواهشن سميت صليب تي چاڙهي ڇڏيو آهي.


پر خدا نہ ڪري جو آءٌ ڪنهن ٻيءَ ڳالهہ تي فخر ڪريان، سواءِ پنهنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي صليب جي. هن جي صليب واري موت سان دنيا منهنجي لاءِ مري چڪي آهي ۽ آءٌ دنيا جي لاءِ.


آءٌ رڳو اهو چاهيان ٿو تہ مسيح ۽ سندس وري جيئري ٿي اٿڻ جي قدرت کي ڄاڻي وٺان. آءٌ هن جي تڪليفن ۾ شريڪ ٿيندي سندس موت ۾ شامل ٿيڻ چاهيان ٿو،


پر جيڪي بہ ڳالهيون ان وقت منهنجي فائدي جون هيون، سي هاڻي مسيح جي خاطر مون نقصان سمجھيون آهن.


هاڻي آءٌ انهن ڏکن سورن جي ڪري خوش آهيان، جيڪي اوهان جي خاطر پيو سهان. اهڙيءَ طرح مسيح جي تڪليفن سهڻ جي جيڪا ڪمي سندس بدن، يعني ڪليسيا جي مضبوطيءَ لاءِ آهي، تنهن کي آءٌ پنهنجي جسم ۾ پورو پيو ڪريان.


تنهنڪري اوهين پنهنجين دنياوي عادتن کي ختم ڪري ڇڏيو، يعني حرامڪاري، ناپاڪائي، شهوت‌پرستي، بريون خواهشون ۽ لالچ، جيڪا بت‌پرستيءَ جي برابر آهي.


تنهن هوندي بہ اسين ٻڌون ٿا تہ اوهان مان ڪي ماڻهو اجايو وقت ٿا وڃائين. اهي پاڻ تہ ڪوبہ ڪم ڪونہ ٿا ڪن، بلڪ ٻين جي ڪمن ۾ دخل ٿا ڏين.


اهو فضل اسان کي هيءَ تربيت ٿو ڏئي تہ دنياوي خواهشن ۽ بي‌دينيءَ کي ڇڏي اسين هن آخري زماني ۾ پرهيزگاريءَ، سچائيءَ ۽ دينداريءَ سان زندگي گذاريون.


سو اچو تہ اسين سندس خواري پاڻ تي کڻي خيمي‌گاهہ کان ٻاهر هن وٽ هلون.


هاڻ جيئن تہ مسيح هن گنهگار دنيا ۾ تڪليف سٺي، تنهنڪري اوهين بہ ساڳيو سڀاءُ اختيار ڪندي تڪليفون سهڻ لاءِ تيار رهو، ڇاڪاڻ تہ جنهن بہ مسيح جي خاطر هن گنهگار دنيا ۾ تڪليف سٺي آهي، سو گناهہ تي غالب پيو آهي.


اٽلندو خوشي ملهايو جو اوهين مسيح جي تڪليفن ۾ شامل ٿا ٿيو. پوءِ جڏهن هو شان وَ شوڪت سان وري ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهان کي ڏاڍي خوشي ۽ سرهائي حاصل ٿيندي.


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ منهنجي مرڻ جو وقت ويجھو آهي، جيئن اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح مون تي ظاهر ڪيو آهي.


اسان پيار کي انهيءَ مان ڄاتو آهي تہ مسيح اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏني. سو اسان جو بہ فرض آهي تہ اسين پنهنجن هم‌ايمان ڀائرن ڀينرن لاءِ جان ڏيون.


جيڪي تڪليفون اوهان کي سهڻيون پون تن کان نہ ڊڄجو. ياد رکو تہ ابليس آزمائڻ لاءِ اوهان مان ڪن کي قيد ۾ وجھرائيندو ۽ ڏهن ڏينهن تائين اوهان کي ستايو ويندو. اوهين مرڻ گھڙيءَ تائين ايمان تي قائم رهو تہ آءٌ اوهان کي زندگيءَ جو تاج پارائيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ