Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 8:33 - Muslim Sindhi Bible

33 عيسيٰ ڦري شاگردن ڏانهن منهن ڪري پطرس کي جھڻڪيو تہ ”اي شيطان! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ. تون خدا جي مرضيءَ مطابق نہ پر ماڻهن وانگر ٿو سوچين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 پر هن ڦري پنهنجن شاگردن ڏانهن نگاهہ ڪري پطرس کي ڇڙٻ ڏيئي چيو تہ اي شيطان، منهنجي اڳيان ٽر: ڇالاءِ تہ توکي خدا جي ڳالهين جو فڪر ڪونهي، پر فقط ماڻهن جي ڳالهين جو فڪر اٿيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

33 يسوع ڦري چيلن ڏانهن منهن ڪري پطرس کي جھڻڪيو تہ ”اي شيطان! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ. تون ايشور جي مرضيءَ مطابق نہ پر ماڻهن وانگر ٿو سوچين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

33 عيسيٰ ڦري شاگردن ڏانھن منھن ڪري پطرس کي جھڻڪيو تہ ”اي شيطان! منھنجي اکين اڳيان ٽري وڃ، ڇالاءِ⁠جو تون خدا وانگر نہ پر ماڻھن وانگر سوچين ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 8:33
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر دائود ابي‌شيءَ ۽ سندس ڀاءُ يوآب کي چيو تہ ”اي ضروياہ جا فرزندؤ! اوهان جو انهيءَ ۾ ڪهڙو واسطو، جو اڄ اوهين منهنجا مخالف ٿا بڻجو؟ ڇا آءٌ اهو نہ ٿو ڄاڻان تہ اڄ آءٌ سڄي بني اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ٿيو آهيان؟ پوءِ ڇا اڄوڪي ڏينهن بني اسرائيل مان ڪو ماڻهو قتل ڪيو وڃي؟“


پر ايوب چيس تہ ”اي بي‌وقوف عورت! تون اهو ڇا پيئي ڳالهائين؟ جڏهن اسين خدا جي هٿان چڱيون شيون قبول ٿا ڪريون، تہ پوءِ بريون شيون ڇو نہ قبول ڪريون؟“ انهن سڀني واقعن جي باوجود ايوب ڪفر نہ ڳالهايو.


سچار ماڻهو ڀل مون کي جھڻڪن بلڪ کڻي مار بہ ڏين، اها آءٌ سندن مهرباني سمجھندس. پر بڇڙن سان واسطو رکڻ سان توڙي جو وڏو مان ملي، سو بہ مون کي قبول ناهي. اٽلندو انهن جي بڇڙاين خلاف آءٌ دعا گھرندو رهندس.


اوهين پنهنجي قوم واري جي لاءِ پنهنجيءَ دل ۾ بغض نہ رکجو، پر انهيءَ کي ڇينڀيندا ضرور رهجو، انهيءَ لاءِ تہ سندس لحاظ ڪرڻ سان متان اوهين پنهنجي سر تي گناهہ کڻو.


پر عيسيٰ ان عورت کي ڪو جواب نہ ڏنو. تڏهن سندس شاگردن ويجھو اچي منٿ ڪندي چيس تہ ”استاد! هن کي روانو ڪريو جو هوءَ اسان جي پٺيان رڙيون ڪندي اچي ٿي.“


عيسيٰ ڦري پطرس کي چيو تہ ”اي شيطان! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ. تون منهنجي راهہ ۾ رڪاوٽ ٿو بڻجين، ڇاڪاڻ تہ تون خدا جي مرضيءَ مطابق نہ پر ماڻهن وانگر ٿو سوچين.“


تنهن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اي شيطان! ٽري وڃ، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪر ۽ رڳو انهيءَ جي ئي عبادت ڪر.‘“


پوءِ جيڪي اتي سندس چوڌاري ويٺا هئا تن ڏانهن نظر ڦيرائي چوڻ لڳو تہ ”ڏسو، منهنجي ماءُ ۽ منهنجا ڀائر هي آهن،


عيسيٰ کي انهن جي هٺ ۽ هوڏ تي ارمان ٿيڻ لڳو، سو چوڌاري انهن ڏانهن ڪاوڙ ۾ نهاريائين. پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ کي چيائين تہ ”پنهنجو هٿ ڊگھو ڪر.“ هن هٿ ڊگھو ڪيو تہ اهو بلڪل ٺيڪ ٿي ويو.


تڏهن خداوند ڦري پطرس ڏانهن نهاريو تہ پطرس کي خداوند جا لفظ ياد آيا جيڪي چيا هئائينس تہ ”جيستائين اڄ رات ڪڪڙ ٻانگ ڏئي، تنهن کان اڳ ۾ ئي تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“


تنهن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اهو بہ لکيل آهي تہ ’تون رڳو خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪر ۽ رڳو انهيءَ جي ئي عبادت ڪر.‘“


پر عيسيٰ ڦري هنن کي ڇينڀيو


انهيءَ وقت اهڙي شخص کي شيطان جي حوالي ڪري ڇڏجو، تہ جيئن سندس جسماني خواهشون ناس ٿي وڃن پر سندس روح خداوند عيسيٰ جي موٽي اچڻ واري ڏينهن بچي وڃي.


اهڙن ماڻهن جي پڇاڙي بربادي آهي، انهن جو خدا سندن پيٽ آهي، اهي پنهنجي شرمناڪ ڳالهين تي فخر ٿا ڪن ۽ کين رڳو دنياوي شين جو فڪر ٿو رهي.


پوءِ جيڪڏهن ڪو واقعي ڏوهي ثابت ٿئي تہ ان کي سڀني ماڻهن جي اڳيان ملامت ڪر، تہ جيئن ٻين کي بہ ڊپ ٿئي.


سندس اها شاهدي سچي آهي، تنهنڪري انهن کي سختيءَ سان تنبيهہ ڪندو ڪر، تہ جيئن سندن ايمان درست ٿي وڃي


هاڻ جيئن تہ مسيح هن گنهگار دنيا ۾ تڪليف سٺي، تنهنڪري اوهين بہ ساڳيو سڀاءُ اختيار ڪندي تڪليفون سهڻ لاءِ تيار رهو، ڇاڪاڻ تہ جنهن بہ مسيح جي خاطر هن گنهگار دنيا ۾ تڪليف سٺي آهي، سو گناهہ تي غالب پيو آهي.


نہ دنيا سان پيار ڪريو، نڪي انهن شين سان جيڪي دنيا جون آهن. جيڪڏهن ڪنهن کي دنيا سان پيار آهي تہ انهيءَ ۾ خدا پيءُ جو پيار ڪونہ آهي.


آءٌ جن سان پيار ڪندو آهيان تن کي تنبيهہ ۽ سيکت بہ ڏيندو آهيان، تنهنڪري سرگرم ٿيو ۽ توبهہ‌تائب ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ