Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 8:32 - Muslim Sindhi Bible

32 عيسيٰ هي ڳالهيون کولي کولي چيون. تنهن تي پطرس کيس پاسيرو وٺي ويو ۽ انهن ڳالهين بابت جھڻڪيون ڏيڻ لڳس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 اها ڳالهہ هن کُلي کُلائي ڪئي. پوءِ پطرس هن کي جهلي جهڻڪڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

32 يسوع هي ڳالهيون کولي کولي چيون. تنهن تي پطرس کيس پاسيرو وٺي ويو ۽ انهن ڳالهين بابت جھڻڪيون ڏيڻ لڳس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

32 عيسيٰ ھي ڳالھيون کولي کولي چيون. تنھن تي پطرس کيس پاسيرو وٺي ويو ۽ چيائينس تہ ”اھڙيون ڳالھيون نہ ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 8:32
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پطرس کيس پاسيرو وٺي ويو ۽ انهيءَ تي جھڻڪ ڏيندي چيائينس تہ ”اي خداوند! شل اوهين سلامت رهو ۽ اوهان سان ائين نہ ٿئي.“


عيسيٰ ٻيڙيءَ جي پوئين حصي تي وِهاڻي کي ٽيڪ ڏيئي ستو پيو هو تہ شاگردن کيس جاڳائي چيو تہ ”اي استاد! اسين مرڻ تي آهيون ۽ اوهان کي ڪو خيال ئي نہ ٿو ٿئي؟“


مارٿا گھڻي ڪم ڪار ڪرڻ ڪري ٿڪجي پيئي، سو اچي عيسيٰ کي چيائين تہ ”اي سائين! اوهان کي خيال نہ ٿو ٿئي تہ منهنجي ڀيڻ مون کي ڪم ڪار ۾ اڪيلو کڻي ڇڏي ڏنو آهي؟ هاڻي چئوس تہ هلي منهنجي مدد ڪري.“


تہ ماڻهو چوڌاري ڦري آيس ۽ چيائونس تہ ”ڪيستائين تون اسان کي شڪ ۾ رکندين؟ جيڪڏهن تون مسيح آهين تہ اسان کي صاف صاف ٻڌاءِ.“


تنهنڪري عيسيٰ صاف چين تہ ”لعزر مري ويو آهي.


”هن وقت تائين مون اوهان کي اهي ڳالهيون مثالن ۾ پئي ٻڌايون آهن. پر اهو وقت ايندو جڏهن آءٌ اوهان سان مثالن ۾ نہ ڳالهائيندس، بلڪ پيءُ بابت اوهان سان صاف صاف ڳالهيون ڪندس.


تنهن تي شاگردن کيس چيو تہ ”هاڻي تہ اوهين صاف صاف ڳالهائي رهيا آهيو ۽ مثالن ۾ نہ ٿا ڳالهايو.


عيسيٰ وراڻيس تہ ”مون دنيا سان کُليو کُلايو ڳالهايو آهي. آءٌ هميشہ عبادت‌خانن ۽ هيڪل ۾ تعليم ڏيندو رهيو آهيان، جتي سڀ ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن. مون ڳجھيءَ طور ڪابہ ڳالهہ نہ چئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ