Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 8:15 - Muslim Sindhi Bible

15 عيسيٰ چين تہ ”ڏسو، هوشيار ٿجو، متان فريسين ۽ هيروديس جي خمير ۾ ڦاسجي پئو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ هن تاڪيد ڪري چين، تہ خبردار ٿجو، فريسين جي خمير ۽ هيرودين جي خمير کان سنڀالجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 يسوع چين تہ ”ڏسو، هوشيار ٿجو، متان فريسين ۽ هيروديس جي خمير ۾ ڦاسجي پئو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 عيسيٰ چين تہ ”ڏسو، خبردار ٿجو، متان فريسين ۽ ھيروديس جي خميري ۾ ڦاسجي پئو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 8:15
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود پنهنجي پٽ سليمان کي هي بہ چيو تہ ”مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ ۽ اهو ڪم شروع ڪر. نڪي ڊڄ نڪي بي‌همت ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ خداوند خدا، منهنجو خدا، تو سان گڏ آهي. هو نہ تو کي وساريندو ۽ نہ وري تو کي ڇڏي ڏيندو، جيستائين خداوند جي هيڪل جي تعمير جو سمورو ڪم پورو نہ ٿي وڃي.


اي منهنجا ٻارؤ! جيڪڏهن اوهان نصيحت وٺڻ ڇڏي ڏني، تہ جيڪا اوهان اڳ ۾ حاصل ڪئي آهي، تنهن کان بہ گمراهہ ٿي ويندا.


جيڪا بہ اناج جي قرباني مون خداوند جي آڏو پيش ڪئي وڃي، تنهن ۾ خمير اصل نہ هجي. مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ ۾ ڪڏهن بہ خمير يا ماکي نہ ملائجي.


انهن ڏينهن ۾ گليل صوبي جي حڪمران هيروديس انتپاس جڏهن عيسيٰ جي هاڪ ٻڌي،


ڪجھہ وقت اڳ هيروديس پنهنجي ڀاءُ فلپس جي زال هيرودياس جي چوڻ تي يحيٰ جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو هو ۽ کيس ٻڌرائي جيل ۾ وڌو هئائين.


پوءِ هيئن ٿيو هو جو جڏهن هيروديس جي جنم جو ڏينهن آيو تڏهن هيرودياس جي ڌيءَ ماڻهن جي وچ ۾ بيهي ناچ ڪيو. هيروديس ايترو تہ خوش ٿيو


هاڻي جڏهن عيسيٰ کين چيو تہ ”ڏسو، فريسين ۽ صدوقين جي خمير کان هوشيار ٿجو،“


پوءِ يهودين جي انهن اڳواڻن ڪي فريسي ۽ ڪي هيروديس جا حمايت ڪندڙ ماڻهو عيسيٰ ڏانهن موڪليا، تہ جيئن اهي کيس ڳالهائڻ ۾ ڦاسائين.


ان وقت شاگردن کي مانيون کڻڻ وسري ويون ۽ ٻيڙيءَ ۾ هڪڙي مانيءَ کان سواءِ انهن وٽ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونہ هو.


تنهنڪري هو پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”هن اسان کي اهو انهيءَ ڪري چيو جو اسان وٽ ماني ڪونهي.“


پوءِ هن سڀني کي چيو تہ ”خبردار ٿجو ۽ پاڻ کي هر طرح جي لالچ کان بچائجو، ڇاڪاڻ تہ ڌن ۽ دولت جي گھڻائي ماڻهوءَ جي حياتيءَ کي نہ ٿي سنواري.“


آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا، عيسيٰ مسيح ۽ خاص ملائڪن کي حاضر ناظر ڄاڻي بنا ڪنهن تعصب جي انهن هدايتن تي عمل ڪجانءِ ۽ ڪنهن جي بہ طرفداريءَ نہ ڪجانءِ.


آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا، جيڪو هر جاندار کي زندگي ٿو بخشي ۽ عيسيٰ مسيح، جنهن گورنر پنطيس پلاطس جي اڳيان چڱو اقرار ڪندي شاهدي ڏني هئي، تن کي حاضر ناظر ڄاڻي


اهي ڳالهيون ماڻهن کي ياد ڏيار ۽ کين تاڪيد ڪر تہ اهي خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي ڳالهہ ڳالهہ تي تڪرار نہ ڪن، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ مان ڪجھہ بہ حاصل ٿيڻو ناهي. اٽلندو انهيءَ سان ٻڌڻ وارا برباد ٿيو وڃن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ