Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 8:13 - Muslim Sindhi Bible

13 پوءِ هو انهن کي ڇڏي شاگردن سميت وري ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو ۽ ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر وڃڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ هنن کي ڇڏي وري ٻيڙيءَ ۾ چڙهي پرينءَ ڀر هليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 پوءِ هو انهن کي ڇڏي چيلن سميت وري ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو ۽ ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر وڃڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 پوءِ ھو انھن کي ڇڏي موٽي وڃي ٻيڙيءَ ۾ چڙھيو ۽ ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر ھليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 8:13
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري مون اوهان کي ڇڏي ڏنو، تہ ڀل اوهين پنهنجي دل جي هوڏ تي هلو، ۽ جيئن وڻيوَ تيئن ڪريو.


پوءِ خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي يرمياہ! جيڪڏهن منهنجي قوم مان ڪو نبي سڏائيندڙ، ڪو ڪاهن يا ڪو ٻيو ماڻهو تو کان پڇي تہ ’اسان تي خدائي پيغام جو ڪهڙو بار رکيو ويو آهي؟‘ تڏهن تون کين چئج تہ ’اوهين تہ پاڻ خدا تي بار آهيو، جنهن کي هو لاهي ڦٽو ڪندو.‘


اسرائيل وارا بتن جي پوڄا گھرن ۾ ڦاسي ويا آهن، کين ڇڏي ڏيو تہ ڀلي هو پنهنجي رستي سان هلن.


توڙي هنن ٻار پالي وڏا ڪيا هوندا، تہ بہ آءٌ انهن کي ماري ڇڏيندس، تان‌تہ بني آدم منجھان اهي بلڪل نابود ٿي وڃن. اهو ڏينهن انهن لاءِ ويل جو ڏينهن هوندو، جڏهن آءٌ کانئن پري هليو ويندس.“


سو اوهين انهن کي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ هو انڌن جا انڌا اڳواڻ آهن. هاڻي جيڪڏهن انڌو انڌي جي اڳواڻي ڪندو تہ ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا.“


اوهين پاڪ شيون ڪتن اڳيان نہ اڇلايو، نڪي پنهنجا موتي سوئرن اڳيان ڦٽا ڪريو. اهي تہ انهن کي رڳو لتاڙي ڇڏيندا ۽ ڦري اوهان کي چيري ڦاڙي وجھندا.“


تنهن تي هن ٿڌو ساهہ کڻي چيو تہ ”هن زماني جا ماڻهو نشاني ڇو ٿا گھرن؟ آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن زماني جي ماڻهن کي ڪابہ نشاني نہ ڏيکاري ويندي.“


ان وقت شاگردن کي مانيون کڻڻ وسري ويون ۽ ٻيڙيءَ ۾ هڪڙي مانيءَ کان سواءِ انهن وٽ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونہ هو.


گراسينين جي اوسي‌پاسي وارن سڀني ماڻهن کي ايڏو تہ ڊپ وٺي ويو جو کيس منٿ ڪندي چيائون تہ ”اسان وٽان هليا وڃو.“ سو عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي موٽڻ لڳو.


سو جيڪا گھڙي روشني اوهان وٽ آهي اوهين روشنيءَ تي ايمان آڻيو، تہ جيئن اوهين روشنيءَ جا ٻار ٿيو.“ اهي ڳالهيون ڪرڻ کان پوءِ عيسيٰ هليو ويو ۽ انهن کي منهن نہ ڏيکاريائين.


عيسيٰ وري يهودي اڳواڻن کي چيو تہ ”آءٌ هليو ويندس ۽ اوهين مون کي ڳوليندا. پر جتي آءٌ ويندس اتي اوهين اچي نہ سگھندا، بلڪ پنهنجن گناهن ۾ مرندا.“


جڏهن هو سندس خلاف ٿي پيا ۽ کيس گھٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا تہ هن پنهنجا ڪپڙا ڇنڊيندي کين چيو تہ ”اوهين پنهنجي تباهيءَ جا ذميوار پاڻ آهيو، منهنجو ڪوبہ واسطو نہ آهي. اڄ کان پوءِ آءٌ غير قومن ڏانهن ويندس.“


اسين ادرموتيم جي جهاز ۾ چڙهي روانا ٿياسين، جيڪو آسيا صوبي جي ڪناري وارن شهرن ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار بيٺو هو. ارسترخس نالي هڪڙو مڪدوني، جيڪو ٿِسلُنيڪي جو رهاڪو هو سو بہ اسان سان گڏ هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ