Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 7:7 - Muslim Sindhi Bible

7 هو منهنجي عبادت اجائي ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ هو ماڻهن جا حڪم ائين ٿا سيکارين ڄڻ تہ اهي مون خدا جا حڪم آهن.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 هو منهنجي عبادت اجائي ٿا ڪن، جو ماڻهن جا حڪم پنهنجي تعليم ڪيو ٿا سيکارين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 هو منهنجي ڀڳتي اجائي ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ هو ماڻهن جا حڪم ائين ٿا سيکارين ڄڻ تہ اهي مون ايشور جا حڪم آهن.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 ھو منھنجي عبادت اجائي ٿا ڪن، ڇالاءِ⁠جو ھو ماڻھن جا حڪم ائين ٿا سيکارين ڄڻ تہ اھي خدا جا حڪم آھن.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 7:7
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پروردگار اوهان بابت فرمائي ٿو تہ ”هي ماڻهو منهنجي عبادت جي دعويٰ تہ ڪن ٿا، پر سندن لفظ بي‌معنيٰ ۽ سندن دليون ڪنهن ٻئي طرف آهن. هنن جو دين انهن انساني دستورن، ۽ روايتن کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ناهي، جن کي هو رڳو رواجي طور ياد ڪري ٿا ڇڏين.


ڇا اوهان اهو نہ چيو آهي تہ ’خداوند جي فرمانبرداري ڪرڻ اجائي آهي. سو قادرِمطلق خداوند جا حڪم مڃڻ ۽ سندس اڳيان سوڳ واريءَ حالت ۾ رهڻ مان ڪهڙو فائدو؟‘


هو منهنجي عبادت اجائي ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ هو ماڻهن جا حڪم ائين ٿا سيکارين ڄڻ تہ اهي مون خدا جا حڪم آهن.‘“


اوهين پنهنجي دعا ۾ اجايا گھڻا لفظ ڪم نہ آڻيو، جيئن غير ايمان وارا ڪندا آهن، ڇو تہ هو سمجھن ٿا تہ انهن جون ڊگھيون دعائون گھرڻ ڪري خدا سندن ٻڌندو.


هاڻ جيڪڏهن مسيح جيئرو ٿي ڪونہ اٿيو آهي، تہ پوءِ اسان جي تبليغ اجائي آهي ۽ اوهان جو ايمان رکڻ بہ اجايو آهي.


تہ پوءِ اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! مضبوط ۽ ثابت قدم رهو. خداوند عيسيٰ جي ڪم ۾ هميشہ وڌندا هلو، اهو ڄاڻيندي تہ سندس خدمت ۾ اوهان جو پورهيو اجايو نہ آهي.


جيڪا بہ ڳالهہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو، نڪي انهيءَ ۾ ڪجھہ وڌائجو، نڪي انهيءَ مان ڪجھہ گھٽائجو.“


اهڙي قسم جا حڪم ۽ اهڙي تعليم انسانن جي ٺاهيل آهي، جڏهن تہ اهي سڀ شيون ڪم آڻڻ سان ناس ٿي وڃن ٿيون.


پر بي‌وقوفيءَ وارن بحثن، ڊگھن نسب‌نامن، جھيڙن جھڳڙن ۽ شريعت بابت تڪرارن کان پاسو ڪر، ڇاڪاڻ تہ اهي بي‌فائدہ ۽ اجايا آهن.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي ديندار ٿو سمجھي پر پنهنجي زبان کي ضابطي ۾ نہ ٿو رکي تہ سندس دينداري اجائي آهي ۽ اهو پاڻ کي دوکو ٿو ڏئي.


اي بي‌وقوفؤ! ڇا اوهين ايترو نہ ٿا سمجھي سگھو تہ عمل کان سواءِ ايمان بيڪار آهي؟


آءٌ يوحنا هر انهيءَ کي جيڪو هن ڪتاب جون ڳالهيون ٻڌي ٿو، آگاهہ ٿو ڪريان تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو هنن ۾ ڪو واڌارو ڪندو تہ خدا هن ڪتاب ۾ لکيل آفتون مٿس آڻيندو.


اوهين ٻين معبودن جي پٺيان نہ لڳو، جيڪي نہ تہ اوهان کي ڪو فائدو ٿا ڏيئي سگھن ۽ نہ اوهان کي بچائي ٿا سگھن، ڇاڪاڻ تہ اهي ڪوڙا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ