Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 7:4 - Muslim Sindhi Bible

4 ۽ جڏهن بازار کان اچن تڏهن جيستائين نہ وهنجن تيستائين ڪين کائيندا آهن. انهن وٽ ٻيون بہ گھڻيون ريتون رسمون آهن، جهڙوڪ: پيالن، لوٽن، پتل جي ٿانوَن ۽ بسترن کي ڌوئڻ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ جڏهن بازار کان اچن، تڏهن جيسين تڙ نہ ڪن، تيسين ڪين کائيندا آهن، ۽ ٻيون بہ گهڻيون ڳالهيون آهن جي هنن کي قائم رکڻ لاءِ وڏن کان مليل آهن، جيئن تہ پيالن ۽ لوٽن ۽ پتل جي ٿانوَن کي ڌوئڻ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 ۽ جڏهن بازار کان اچن تڏهن جيستائين اشنان نہ ڪن تيستائين ڪين کائيندا آهن. انهن وٽ ٻيون بہ گھڻيون ريتون رسمون آهن، جهڙوڪ: پيالن، لوٽن، پتل جي ٿانوَن ۽ بسترن کي ڌوئڻ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 ۽ جڏھن بازار کان اچن تڏھن جيسين نہ وھنجن تيسين ڪين کائيندا آھن. انھن وٽ ٻيون بہ گھڻيون ريتون رسمون آھن جھڙوڪ: پيالن، لوٽن، پتل جي ٿانون ۽ بسترن کي ڌوئڻ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 7:4
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند! آءٌ تنهنجي هيڪل ۾ پنهنجي بي‌ڏوهي هجڻ جي ثابتي ڏيڻ لاءِ پنهنجا هٿ ڌوئي تنهنجي قربان‌گاهہ جو طواف ٿو ڪريان.


سو اوهين وهنجو ۽ پاڻ کي پاڪ صاف ڪريو. اوهين بڇڙا ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيو، جيڪي آءٌ اوهان ۾ ڏسان ٿو. هائو، بڇڙائيءَ کان توبهہ‌تائب ٿيو.


پوءِ مون ريڪابي گھراڻي جي ماڻهن جي اڳيان مئي سان ڀريل گھُگھيون ۽ پيالا رکيا ۽ کين چيم تہ ”مئي پيئو.“


اي يروشلم وارؤ! پنهنجين دلين کي بڇڙائيءَ کان پاڪ صاف ڪريو، تہ جيئن اوهان جو بچاءُ ٿئي. ڪيستائين اوهين برا خيال پچائيندا رهندءُ؟


مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين پنهنجي وٽيءَ ۽ ٿالهيءَ جو ٻاهريون پاسو تہ ڌوئي صاف ٿا ڪريو، پر ان جي اندر پيل شيون ڏاڍائيءَ ۽ لوڀ سان حاصل ڪيل آهن.


اي انڌا فريسيؤ! وٽيءَ جو پهريائين اندريون پاسو ڌوئي صاف ڪريو تہ پوءِ انهيءَ جو ٻاهريون پاسو بہ صاف ٿي ويندو.


تنهنڪري جڏهن پلاطس ڏٺو تہ ڪو چارو ئي نہ آهي ۽ اٽلندو فساد ٿو ٿئي، تڏهن ڪجھہ پاڻي کڻي ماڻهن جي اڳيان پنهنجا هٿ ڌوتائين ۽ چيائين تہ ”آءٌ هن ماڻهوءَ جي خون کان آجو آهيان. اها اوهان جي ذميواري آهي.“


عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين خدا جا حڪم ڇڏي انساني ريتن رسمن ۾ ڦاسي پيا آهيو.


اتي يهودين جي پاڪائيءَ جي رسم لاءِ پٿر جا ڇهہ مٽ رکيل هئا. هر هڪ مٽ ۾ اٽڪل هڪ سؤ ليٽر ماپي سگھيا ٿي.


يحيٰ جي ڪن شاگردن جو هڪ يهودي اڳواڻ سان پاڪائيءَ جي رسمن بابت بحث ٿيو.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اهي رڳو کائڻ پيئڻ ۽ مختلف طريقن سان ظاهري پاڪ صاف ٿيڻ جون رسمون آهن، يعني اهي اهڙا ظاهري قاعدا آهن جيڪي انهيءَ وقت تائين مقرر ڪيا ويا هئا جيستائين نئون سڌارو اچي.


خدا جي ويجھو وڃو تہ هو اوهان جي ويجھو ايندو. اي گنهگارؤ! پنهنجا هٿ صاف ڪريو. اي ٻِہ‌دليؤ! پنهنجين دلين کي مخصوص ۽ پاڪ ڪريو.


پر جيڪڏهن اسين روشنيءَ ۾ هلون ٿا، جيئن خدا پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ پوءِ اسان جو هڪٻئي سان ميل ميلاپ آهي ۽ سندس فرزند عيسيٰ جو رت اسان کي سڀني گناهن کان پاڪ ڪري ٿو ڇڏي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ