Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 7:20 - Muslim Sindhi Bible

20 هن وڌيڪ چين تہ ”جيڪي انسان جي دل مان ٻاهر ٿو نڪري سو ئي کيس پليت ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ چيائين تہ جيڪي انسان مان ٻاهر ٿو نڪري، سو ئي انسان کي پليت ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 هن وڌيڪ چين تہ ”جيڪي انسان جي دل مان ٻاهر ٿو نڪري سو ئي کيس اپوِتر ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 عيسيٰ چيو تہ ”جيڪي انسان جي دل مان ٻاھر ٿو نڪري سو ئي کيس پليت ٿو ڪري،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 7:20
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي بہ منهنجي عيادت لاءِ اچن ٿا، سي رياڪاريءَ واريون ڳالهيون ٿا ڪن. هو پنهنجيءَ دل ۾ بدنيتيءَ واريون ڳالهيون رٿي ٻاهر وڃي اهي ماڻهن کي ٻڌائين ٿا.


ويل آهي منهنجي قوم جي انهن اميرن لاءِ! جيڪي بڇڙائيءَ جون رٿون ٿا رٿين. اهي رات جو پنهنجي بستري تي ليٽندي بہ بڇڙائيءَ جا منصوبا ٿا جوڙين. پوءِ صبح ٿيندي ئي اهي انهن کي عمل ۾ ٿا آڻين، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ڪجھہ سندن هٿ وس ۾ آهي.


پر جيڪي ڳالهيون وات مان نڪرن ٿيون سي دل مان ٿيون اچن ۽ اهي ئي ڳالهيون انسان کي پليت ڪن ٿيون.


تنهن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’ماڻهو رڳو مانيءَ تي جيئرو نہ ٿو رهي، پر هر انهيءَ ڳالهہ تي جيڪا خدا چوي ٿو.‘“


ڪابہ شيءِ ٻاهران ماڻهوءَ ۾ داخل ٿي کيس پليت ڪري نہ ٿي سگھي، پر جيڪي شيون ماڻهوءَ جي اندر مان ٻاهر نڪرن ٿيون سي کيس پليت ٿيون ڪن.“


هائو، انسان جي دل مان برا خيال ٿا نڪرن، جيڪي خراب ڪم ٿا ڪرائين، جهڙوڪ: حرامڪاري، چوري، خون،


اهي سڀ خرابيون اندر مان ئي ٿيون نڪرن، جيڪي ماڻهوءَ کي پليت ڪن ٿيون.“


پر توڙي جو ملڪِ‌صدق جو لاويءَ جي نسل سان ڪو لاڳاپو نہ هو، تنهن هوندي بہ ابراهيم کان ڏهون حصو ورتائين ۽ جنهن سان واعدا ڪيا ويا هئا، تنهن کي دعائون ڏنائين.


زبان بہ هڪ چڻنگ وانگر آهي. اها زبان اسان جي عضون منجھہ ائين بڇڙائيءَ سان ڀريل آهي جيئن دنيا بڇڙائيءَ سان ڀريل آهي. اها ئي زبان اسان جي سڄي بدن کي خراب ٿي ڪري ۽ اسان جي زندگيءَ جي سڄي چرخي کي باهہ ٿي لڳائي. اها باهہ ان کي دوزخ جي باهہ مان ملي ٿي.


اوهان ۾ جھيڙا جھڳڙا ڪٿان ٿا اچن؟ ڇا اهي انهن عيش عشرت وارين خواهشن مان نہ ٿا نڪرن، جيڪي اوهان جي عضون ۾ جھيڙو جھڳڙو پيدا ٿيون ڪن؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ