Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 6:52 - Muslim Sindhi Bible

52 ڇاڪاڻ تہ اهي گھڻن ماڻهن کي ماني کارائڻ واري ڳالهہ بہ نہ سمجھي سگھيا هئا. اها ڳالهہ هنن جي دماغ ۾ ئي نہ ويٺي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

52 ڇالاءِ جو هنن مانين واري ڳالهہ نہ سمجهي هئي، پر سندن دل سخت ٿي ويئي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

52 ڇاڪاڻ تہ اهي گھڻن ماڻهن کي روٽي کارائڻ واري ڳالهہ بہ نہ سمجھي سگھيا هئا. اها ڳالهہ هنن جي دماغ ۾ ئي نہ ويٺي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

52 اھي مانين واري ڳالھہ نہ سمجھي سگھيا ھئا، ڇالاءِ⁠جو اھا ھنن جي دماغ ۾ ئي نہ ويٺي ھئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 6:52
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند! ڇو تو اسان کي پنهنجين واٽن کان گمراهہ ٿيڻ ڏنو، ۽ اسان جي دلين کي اهڙو سخت ڪيئِہ جو اسين تو کان ڦري وياسون؟ موٽي اچ، اي خداوند! اسان پنهنجي انهن ٻانهن جي خاطر، جيڪي تنهنجي بندگي ڪندا ٿا رهون، هائو، پنهنجي انهيءَ قوم جي خاطر، جيڪا هميشہ لاءِ تنهنجي ئي آهي.


آخر ۾ عيسيٰ يارهن شاگردن کي ان وقت ڏيکاري ڏني جڏهن هو گڏجي ماني کائي رهيا هئا. هن سندن ايمان جي گھٽتائيءَ ۽ سخت‌دليءَ سبب کين ڇينڀيو، ڇاڪاڻ تہ کين انهن تي يقين ئي نہ پئي آيو جن هن کي جيئرو ٿي اٿڻ کان پوءِ ڏٺو هو.


عيسيٰ کي انهن جي هٺ ۽ هوڏ تي ارمان ٿيڻ لڳو، سو چوڌاري انهن ڏانهن ڪاوڙ ۾ نهاريائين. پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ کي چيائين تہ ”پنهنجو هٿ ڊگھو ڪر.“ هن هٿ ڊگھو ڪيو تہ اهو بلڪل ٺيڪ ٿي ويو.


تنهن تي عيسيٰ هنن کي چيو تہ ”اوهين بہ ڪيڏا نہ بي‌سمجھہ آهيو، جو ايتري بہ خبر نہ ٿي پئيوَ تہ جيڪي ٻاهران انسان ۾ داخل ٿئي ٿو سو کيس پليت نہ ٿو ڪري،


تڏهن عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اي نادانؤ! اوهين نبين جي سڀني ڳالهين کي مڃڻ ۾ ڪيڏا نہ لاپرواهہ آهيو.


”مون خدا انهن جون اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن، ۽ سندن عقل تي تالو هڻي ڇڏيو اٿم، تہ متان اهي پنهنجين اکين سان ڏسن ۽ پنهنجي دماغ سان سمجھن، ۽ مون آڏو توبهہ‌تائب ٿين تہ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.“


انهيءَ مان ڪهڙو نتيجو نڪتو؟ اهو تہ بني اسرائيل جنهن سچائيءَ جي ڳولا ڪندا ٿي رهيا، سا پوريءَ قوم کي نہ، بلڪ منجھائن ڪن ٿورن چونڊيلن کي ملي ۽ باقي ٻين جي دلين کي سخت ڪيو ويو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ